ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ-عمران خان خلاف صفبندي آخري مرحلي ۾

Editorial-Article- Allahbux Rathore

موجوده حڪمرانن جي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ جا ڪيترا امڪان آهن،عمران خان ڪيترن ڏينهن جو مهمان آهي؟ ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ٿي وئي آهي. ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته مخالف ڌر،عمران خان جي خلاف مورچابند ٿي وئي آهي ۽ اهي قوتون جيڪي عمران خان جي حڪومت جون ٻانهن ٻيلي هيون، اهي پاسيرو ٿيل آهن. هاڻ بلاول ڀٽو زرداري، جنهن ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جي شروعات ڪئي، چئي رهيو هو ته جيڪڏهن واڳ ڌڻي اڻ ڌريا ٿي ويا آهن ته حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي. هينئر سنڌ جنگ جو ميدان بڻجي وئي آهي، هڪ طرف ڪمون شهيد کان پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ شروع ڪيو ويو ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ کان پيپلز پارٽيءَ جو مارچ جاري آهي. ٻنهي مارچن ۾ زمين آسمان جو فرق نظر اچي رهيو آهي، نه فقط سياسي ميچوئرٽيءَ جو فرق آهي، پر پ پ پاران جيڪي مطالبا رکيا ويا آهن، اهي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ تڪراري رهيا آهن. وفاق سدائين ڏاڍ مڙسيءَ جو مظاهرو پئي ڪيو آهي. هينئر ته قومي مالياتي ٺاهه تحت سنڌ کي مليل رقم مان 32 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي مارچ جو ڪو قبلو نظر نٿو اچي، فقط سياسي تقريرن ڪرڻ سان ڪوبه کڙتيل نڪرڻو ناهي. پ پ جو لانگ مارچ ٽارگيٽيڊ نظر اچي ٿو، جنهن پٺيان سموري مخالف ڌر جا مطالبا نظر اچن پيا. ان سان گڏ مخالف ڌر عمران خان جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ لاءِ جيڪي تياريون ڪيون آهن، اهي ته تيزيءَ سان جاري آهن. ان سان عمران خان جا آپشنز واضح طور نظر نٿا اچن ته هو پنهنجي حڪومت کي ڪهڙي ريت قائم رکندو. هنن ٻنهي مارچن جي اهم ۽ دلچسپ ڳالهه هي آهي ته ماضي ۾ پرويز مشرف جي خلاف مارچ جي اڳواڻي شاهه محمود قريشي ڪري رهيو هو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي لاهور ۾ قيد ڪيو ويو هو. هاڻ شاهه محمود قريشي پ پ جي خلاف مارچ جي اڳواڻي ڪري پيو ته بينظير ڀٽو جو پٽ بلاول ڀٽو وزير بقول سندس سليڪٽيڊ حڪمرانن جي خلاف نڪتل آهي ۽ هو حڪومت کي گهر روانو ڪري ساهه پٽڻ گهري ٿو.
هينئر عمران خان جي حڪومت Turning point تي آهي، حڪومت جا اتحادي ته پري جي ڳالهه آهي، پي ٽي آءِ جي اندر بغاوت جهڙي صورتحال آهي ۽ عمران خان کان ناراض اڳواڻ پنهنجي ئي پارٽي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت جو اڻ سڌي ريت اعلان ڪري چڪا آهن. جهانگير ترين، جيڪو عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ اهم مهرو آهي، ان سان عمران خان ڊگهي عرصي کانپوءِ فون تي ان وقت رابطو ڪيو، جنهن وقت هو، لنڊن ياترا تي وڃي رهيو هو. هن جي لنڊن پهچڻ کانپوءِ ترين علاج ته ڪرائيندو، پر هن جي ايجنڊا اڃان ٻي آهي. هن کي ڊپ هو ملڪ ۾ رهڻ دوران کيس گرفتار ڪري سگهيا پئي، پر هاڻ هو حڪمرانن جي پهچ کان گهڻو پري آهي، هو جيڪڏهن واپس وريو ته ميان نوازشريف سان گڏ ئي ايندو، يا وري عمران خان جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿيڻ ۽ ڪامياب يا ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڏيهه وري سگهي ٿو. جيڪڏهن اصل قوتن کيس خاطري ڪرائي ته هو وچ ۾واپس وري سگهي ٿو ته ان امڪان کي به رد ڪري نٿو سگهجي ته جهانگير ترين عين ان موقعي تي ڏيهه اچي جنهن وقت معاملا فائنل ٿي وڃن. شيخ رشيد، عمران خان پاران سياسي آپگهاتي حملي جي به ڳالهه ڪئي وئي هئي، هاڻ هو اهڙو حملو پارليامينٽ تي ڪندو يا وري پنهنجي ئي پارٽيءَ تي. اهو واضح ناهي. بهرحال 23 مارچ تائين پارليامينٽ هائوس ۾ بي اعتمادي جي رٿ کي روڪڻ لاءِ بندوبست ضرور ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن مخالف ڌر پ پ جي مارچ ختم ٿيڻ سان گڏ بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪري وٺي ٿي ته پوءِ مقرر وقت اندر اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻو ئي پوندو، ڇاڪاڻ ته اها آئيني گهرج هوندي.
عمران خان جي حڪومت جي حق ۽ مخالفت ۾ هينئر تائين جيڪا صفبندي ٿي آهي، ان ۾ حڪومت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ ڏانهن وڌندڙ قدم تيزيءَ سان نظر آيا آهن ۽ انهن کي روڪڻ واري ڪابه قوت نظر نٿي اچي. شهباز شريف جيڪو بي اعتماديءَ جي رٿ جي اڳواڻي ڪندو، اهو ٿورو مونجهاري جو شڪار نظر آيو، ڇاڪاڻ ته هن کي لنڊن مان ميان نواز شريف هينئر تائين اشارو نه ڏنو آهي ته بي اعتماديءَ جي رٿ جي ڪهڙي تاريخ هوندي. پر Make or Break واري صورتحال ان وقت واضح ٿيندي، جنهن وقت ڌرين سان هلندڙ ڳالهين ۾ بريڪ ٿرو ٿيندو. هينئر هڪ طرف چوڌري ڀائر آهن، جيڪي حڪومتي اتحادين جو مرڪز آهن. انهن وٽ اڳ ايم ڪيو ايم، ان کانپوءِ بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون نظر آيون آهن. اهي چاهين ٿيون ته عمران خان حڪومت جو ساٿ جاري رکجي يا ان کي عاق ڪجي؟ ان جو گڏيل فيصلو ڪرڻو آهي. چوڌري ڀائر، آصف زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان اڳيان واضح ڪري چڪا آهن ته هو عمران خان جي حڪومت خلاف مشروط حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان حوالي سان چوڌري ڀائرن ڏي وٺ جي ڳالهه ڪئي آهي. هو پنجاب جي وڏ وزارت چاهين ٿا، جنهن جي واڳ ڌڻي به حمايت ڪن ٿا ۽ آصف زرداري به انهن جي حق ۾ آهي، پر ان مطالبي جي شريف ڀائرن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ان ڪري هو متبادل حڪمت عمليءَ تي سوچي رهيا آهن. شريف ڀائر سمجهن ٿا ته جيڪڏهن انهن وڏ وزارت چوڌري ڀائرن حوالي ڪري ڇڏي ته ايندڙ چونڊن ۾ کين نقصان ٿيندو. ان ڪري هو چوڌرين کي پاسيرو ڪرڻ چاهين ٿا. چوڌري ڀائرن کي وڏ وزارت ملڻ سان پ پ لاءِ کڙڪي کلي ويندي ۽ اها ايندڙ چونڊن ۾ ڪجهه سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي اڳ ئي هوم ورڪ ڪيو آهي ۽ بلاول جي لانگ مارچ جو به سياسي فائدو پارٽيءَ کي ٿيندو. جنهن وقت بلاول اسلام آباد پهچندو، ان وقت تائين ان لاءِ ڪافي نرم گوشو پيدا ٿي چڪو هوندو، ڇاڪاڻ ته پي ڊي ايم جو لانگ مارچ گهڻو پري آهي، ان کان اڳ ۾ سياسي فائدو بلاول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
شريف ڀائرن وٽ ٻيو رستو اهو آهي ته جهانگير ترين گروپ کي پنهنجو ڪجي، ان حوالي سان ممڪن آهي ته لنڊن پلان اهميت اختيار ڪري وڃي. جيڪڏهن اهو ڪامياب ٿي ويو ته چوڌري ڀائرن، ايم ڪيو ايم ۽ انهن ڌرين اڳيان هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي. هينئر پهريون ڀيرو حڪومتي صفن مان پرويز خٽڪ سامهون آيو. جنهن چيو ته مخالف ڌر جا ست ميمبر انهن جي حمايت ڪن ٿا. شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مخالفن جا 12 ميمبر اڏامي ويندا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته دفاع واري وزير ته مخالفن لاءِ ڪم آسان ڪيو آهي ته اهي ايترن ميمبرن کي پاڻ ڏانهن ڪن، جيئن عمران خان جي خلاف رٿ ڪامياب ٿي وڃي. چوڌري ڀائر هينئر تائين واڳ ڌڻين جو انتظار ڪري رهيا آهن. حقيقت ته هي آهي ته چوڌري هجن، ايم ڪيو ايم هجي يا جهانگير ترين هي سڀ ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهن. انهن کي هڪڙي ئي هائوس مان فون اچڻي هوندي آهي ۽ هو سدائين ان جو انتظار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن جهانگير ترين مخالف ڌر جي حمايت ڪري ڇڏي ته پوءِ چوڌري ڀائرن لاءِ به ڪو ٻيو گس نه هوندو ته اهي بي اعتماديءَ جي رٿ جي حمايت ڪن، انهن جي پاسيري ٿيڻ سان گجرات جا چوڌري اڪيلا ٿي ويندا. هو پراڻا کيڏاري آهن، ان ڪري پتا صحيح کيڏي سگهن ٿا. هينئر کان اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي ته واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمينٽ مستقبل ۾ جڙندڙ سيٽ اپ ۾ شريف ڀائرن کي ماضي جيان ڳرو مينڊيٽ ڏيڻ نه ڏيندا. چونڊن دوران جوڙ توڙ ضرور ٿيندي. واڳ ڌڻي چاهيندا ته پنجاب ۾ شريفن جو سياسي حصو هجي، پر هو اهڙي پوزيشن ۾ نه هجن، جو کين اکيون ڏيکارين. ان حوالي سان مائنس شريف سموريون سياسي قوتون پيدا ٿيندڙ عدم توازن کي ختم ڪرڻ ۾ رڌل هونديون. هينئر اهي دانشور، جيڪي (ن) ليگ جي حمايت ڪري رهيا آهن، انهن جو به خيال آهي ته شريف ڀائرن پاران پيش ڪيل بي اعتماديءَ جي رٿ منظور به ٿي وڃي، ان باوجود انهن کي آساني سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني ويندي.
بي اعتماديءَ جي رٿ کان اڳ (ن) ليگ ۽ جهانگير ترين ۾ جيتري به اڳڀرائي ٿي آهي، ان مان محسوس ٿئي ٿو ته مستقبل قريب ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ترين جو گروپ به (ن) ليگ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندو. ان دوران (ن) ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ناراض ٿيندا، اهو به ڏسڻو آهي. هاڻ گهرو وزير شيخ رشيد چئي ٿو ته 23 مارچ تائين هو مخالف ڌر جي مارچ کي اسلام آباد ۾ ٿيندي نٿو ڏسي. هن اڳ سياسي آپگهاتي حملي جي ڳالهه ڪئي هئي، هاڻ وري سياسي سائبر حملي جي ڳالهه ڪري ٿو. ان مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته شيخ رشيد به رڳو لفظن سان کيڏي رهيو آهي. حڪومتي وزيرن کان وٺي پي ٽي آءِ جي سموري قيادت تائين سڀني جو منهن لٿل آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button