شوبز

پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت بابت فلم ڍائي چال جو ٽريلر رليز

پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جي موضوع تي تيار ڪيل فلم ڍائي چال جو ٽريلر نيٺ رليز ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل ٻن سالن کان دير جو شڪار رهيو آهي. ميڊيا مطابق عائشا عمر ۽ شمعون عباسي جي مک ڪردارن تي ٻڌل فلم جي ايندڙ جون ۾ نمائش جو امڪان ظاهر ڏيکاريو ويو آهي، جنهن بابت امڪان آهي تھ فلم 17 جون تي سينيمائن ۾ پيش ٿي ويندي، پر اڃان تائين ان بابت ڪا باضابطا پڌرائي ناهي ٿي. ٽريلر ۾ اکنڊ ڀارت ۽ ڀارتي مداخلت بابت اشارا شامل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button