شوبز

حريم شاهه تي شينهن حملو ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه تي هڪ وڊيو جي شوٽنگ دوران شينهن ڪنٽرول مان نڪري مٿس حملو ڪري ڇڏيو، جنهن کي گارڊن بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق حريم شاهه وڊيو جي شوٽنگ ڪري هي هجئي تھ ان دوران هڪ شخص شينهن سميت اتي اچي ويو، جيڪو سندس ڏي ڊوڙ ڪري ٿو. جڏهن تھ اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ حريم شاهه شديد خوف سبب ڏڪندي ڏٺي وئي آهي. وڊيو ۾ هڪ ماڻهو وٽ موجود شينهن اوچتو حريم ڏي ڊوڙندي نظر آيو، جنهن کي حريم جا گارڊ کيس بچائڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا، پر بظاهر شينهن قابو ۾ نھ ڪري سگهيا آهن. وڊيو ۾ اڳتي ڇا ٿيو ۽ اها وڊيو ڪٿي جي آهي بابت ڪا ڄاڻ نھ ملي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button