ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزير اعظم جو خطاب ۽ اعلان

ڪالهه وزير اعظم عمران خان عوام کي خطاب ڪيو. جنهن ۾ هن ملڪ جي اهم ترين معاملن بابت ڳالهايو ۽ ان کان سواءِ جنهن ڳالهه کي سڀ کان اهم سمجهيو پيو وڃي سا اها آهي ته هن پنهنجي خطاب ۾ پيٽرول ڊيزل ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان هن وقت دنيا جي مهانگن ترين ملڪن ۾ شامل آهي پر پي ٽي آءِ حڪومت اها ڳالهه قبولڻ لاءِ تيار ناهي. هڪ پاسي عوام بيروزگاريءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻئي پاسي مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ عوام ڪهڙي ريت زندگي گذاري رهيو آهي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي. ان کان پوءِ مهانگائيءَ جو جيڪو طوفان آيو آهي، ان جي ڪري عوام گهڻي پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ حڪومت طرفان ٿورو به رليف ملي ٿو ته عوام جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪالهه وزير اعظم جيڪو اعلان ڪيو آهي، يقيني طور عوام ان عمل کي ضرور ساراهيندو.
وزير اعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ في لٽر 10، 10 رپيا ۽ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 5 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ تائين انهن اگهن ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي ويندي. مشڪل حالتن ۾ به هر وقت اهو سوچيون ٿا ته عوام مٿان بار ڪيئن گهٽائجي. قوم سان خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته ساڍن ٽن سالن جي اسين هڪ مشڪل مان نڪري ٻي مشڪل ۾ ڦاسندا رهيا آهيون پر هاڻي شڪر آهي جو معيشت سڌي رستي تي اچي وئي آهي. عوام لاءِ مختلف منصوبن جو ذڪر ڪندي وزير اعظم چيو ته احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12 مان وڌائي 14 هزار ڪيو ويو آهي. بي اي پاس بيروزگار نوجوانن کي 30 هزار رپيا ماهوار جي انٽرن شپ ڏيارينداسين. هن چيو ته شاگردن کي 26 لک رپين جي اسڪالرشپس ڏينداسين. جنهن لاءِ 38 ارب رپيا رکيا آهن. آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ۽ فارين ايڪسچينج 100 ۾ سيڪڙو رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته صنعتي پاليسيءَ جو سڀاڻي اعلان ڪندس، جيڪو صنعت لڳائيندو تنهن کان ڪو سوال نه پڇيو ويندو. بيمار صنعتن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏينداسين. جيڪي پرڏيهي پاڪستاني، پاڪستان جي صنعتن ۾ سيڙپڪاري ڪندا. 5 سالن تائين ٽيڪس نه ڏيندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج جي بيروزگارن ۽ هارين کي قرض ڏنا ويندا ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ سستا قرض ڏنا ويندا. هيل تائين گهر ٺاهڻ لاءِ بينڪون ڏيڍ سو ارب رپين جا قرض منظور ڪري چڪيون آهن ۽ 50 ارب رپيا ڏئي چڪيون آهن. هن چيو ته صحت ڪارڊ پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي جنهن تحت هر گهراڻي کي 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس ڏني ويندي. ملڪ جو عوام به اهو ئي چاهي ٿو ته ڪابه حڪومت هجي اها عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي، اها عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي ته جيئن عوام نه رڳو حڪومت تي ويساهه ڪندو رهي پر ان کي معاشي تنگي به نه ٿئي. پر پي ٽي آءِ حڪومت جهڙي ريت پنهنجيون معاشي پاليسيون هلائيندي رهي آهي، ان سان وڌ کان وڌ عوام ئي ڀوڳيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري عوام جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي. عوام رڳو اٽي ۾ ٻڌو پيو آهي. اڄ به عام واهپي جون شيون بنهه گهڻيون مهانگيون آهن. اٽو، کنڊ، داليون ۽ چانور پڻ ايترا مهانگا ٿي ويا آهن، جو ماڻهن لاءِ مهيني جو سيڌو سامان خريد ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. جڏهن ته اهي اسم سستا هجن ته عوام کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته وزير اعظم پاران ٿيل اعلان هڪ بهتر اعلان آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button