ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اثـــر امام: شخصيـت ۽ فــن

اثر امام سان منھنجي فڪري توڙي ذاتي حوالي سان ويجھڙائي ھڪ ڏھاڪي کان به ڪجهه وڌيڪ عرصي کان آھي. مون جھڙا ڪيئي ڳڀرو نوجوان ھڪ اھڙي شخص جي پاڇي ۾ آھن جنھن پنهنجي رويي منجهان ڪڏھن به استاد ۽ شاگرد، وڏي ۽ ننڍي ھجڻ جو احساس نه ڏياريو آهي. هُو پاڻ کان ننڍن توڙي پنهنجي شاگردن کي به برابريءَ واري حيثيت ڏيندو آهي. هن جا شاگرد محسوس به نه ڪندا آهن ته ڪڏهن اهي سندس دوست بڻجي ويا آهن. ھن جي ڪري اسان لکڻ، پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ سکياسين. مطالعي جي ميدان ۾ ايندڙ نوجوان شروع ۾ ته سڀ ڪجهه پڙهڻ چاهيندو آهي پر اثر امام جي صحبت ۾ اسان اهو سکياسين ته انسان جي عمر تمام ٿورڙي آھي ۽ علم تمام گهڻو وسيع، ان ڪري هميشه چُونڊ ڪتابن ۽ لکڻين جو مطالعو ئي ڪرڻ گھرجي. اسان نظرياتي سياست جي الف ب پڻ کائنس ئي سکي. هُو انسان ساز شخص آھي. چوندا آهن ڪتاب سٺو دوست آهي پر جيڪڏهن ھڪ سٺو دوست عالم، دانشور، مدبر، باعمل ۽ مطالعاتي صلاحيتن جو مالڪ ھجي ته سون تي سهاڳو بڻجي ويندو آهي. اهڙن دوستن ۽ رهبرن لاءِ دل ۾ جيڪي جذبات ۽ نيڪ تمنائون ھونديون آھن تن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. اسان جي زندگيءَ ۾ ڪجھه اھڙا ماڻهو به هوندا آھن جن جو ساٿ ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. ڀل اهي خاموش ويٺا هجن پر هجن ساڻ. ڀل ڪيتريون به مصيبتون ۽ ڏک اسان جي زندگيءَ کي گهيرو ڪري ويٺا هجن پر جيڪڏهن اهي ماڻهو اسان جا دوست آهن اسان جا ساٿي آهن ته اسين ڏکن ۽ مصيبتن جي پرواهه هرگز ناهيون ڪندا.
اثر امام جي شخصيت شاھه سائينءَ جي ان بيت جھڙي آھي:
اک اُلٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين،
جي لوڪ لهنوارو وھي، تون اُوچو وھه اُڀار.
هُو دنيا، ماڻهن ۽ لقائن کي ڏسڻ لاءِ هميشه اُلٽي اک ڌارڻ وارو ماڻهو آهي. دنيا جي درياهه جو وهڪرو ڏسي ان وھڪري ۾ وھڻ بدران اوڀارو ترندو رهندو آهي.
اثر امام جي چشمي پٺيان موجود ڪمزور پر ذهين اکيون ڏاڍيون پرڪشش آهن. انهن ۾ گهرائي سمايل آهي. سندس چھري تي هميشه سنجيده مسڪراهٽ سجايل ھوندي آھي. ڏاهن ماڻهن جيان سدائين ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندو، بحث دوران تهذيب ۽ سليقي جو ساٿ نه ڇڏيندو، پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ ڪڏهن به ضد يا رڙ واڪي بدران هميشه دليل ڏيڻ ۽ دليل سان ڪيل ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ جو عادي آھي. هُو وقت کي انتهائي قيمتي سمجھندي تمام گھڻي اهميت ڏيندو آھي. ھر ڪم رٿابندي ۽ سليقي سان ڪرڻ جو عادي آهي. زندگيءَ ۾ کيس ڪڏهن به رف حالت ۾ نه ڏٺو آهي. هميشه ٺهيو ٺڪيو ۽ منظم رهندو آهي.
ڪو به شخص ھڪ ڀيرو ساڻس ملي ته کانئس متاثر ٿيڻ کان سواءِ رھي نه سگھندو آھي. ھن سماجي نفسيات چڱي طرح پڙھي آھي. ان ڪري ڪچهريءَ دوران ھو گھڻو وقت ٻين کي ڳالھائڻ جو موقعو ڏيندو آهي. ٻڌندڙن تي پنهنجو مطالعاتي رعب وجهڻ لاءِ مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيڻ سندس عادت نه آهي. هُو پنهنجي ٻڌندڙن کي پنهنجي ذهني سطح تائين کڻي اچڻ بدران پاڻ انهن جي ذهني سطح تائين لهي وڃي ڳالهائيندو آهي. جنهن ڪري ڪنهن به عمر يا شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ساڻس ڪچهري ڪندي گھٻراهٽ محسوس نه ڪندو آهي. ڪچهري يا بحث دوران هُو پنهنجائپ وارو اهڙو ماحول جوڙيندو آهي جو ماڻهو شخصيت جي سحر ۾ اچي ويندو آهي. سندس ٻي خوبي جيڪا مون کي گھڻو متاثر ڪندي آهي سا آهي مختلف نقطه نظر رکندڙ ماڻهن سان بحث کي کٽڻ هارائڻ بنا خوشگوار ماحول ۾ ختم ڪرڻ.
اثر امام کي سڃاڻڻ وارا نوجوان توڙي جهونا سندس تحرير، تقرير ۽ سريلي آواز جا مداح آهن. سندس نثر جو اسلوب سادو پر لفظن ۾ گھرائي ۽ ڪم جي ڳالهه سڌي سنئين انداز ۾ بيان ڪرڻ وارو آهي.
ھربرٽ ايلس چيو آهي ته “جيڪي دنيا ۾ وھي واپري پيو سو ته بيان ڪري سگھجي ٿو پر ضرورت اھڙي انسان جي آھي جيڪو ان کي بيان ڪرڻ ڄاڻيندو ھجي جيڪو وجود ۾ نه آيو آهي”.
اهڙي ئي ڳالهه ٽينيسن به بيان ڪئي آهي: ويچارڻ جوڳي ڳالهه اها نه آهي ته اسان ڇا چئي رھيا آھيون، بلڪ اھا ته اسين اها ڳالهه ڪھڙي طرح چئي رهيا آهيون”.
اثر امام جي تحريرن ۾ نه ڪنھن جي اجائي تعريف ھوندي آھي نه وري هروڀرو جي تنقيد. هُو جيڪي ڪجهه محسوس ڪندو آهي ان کي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي علمي قابليت آڌار قلمبند ڪري ڇڏيندو آهي. سندس تحرير توڙي تقرير استحصال، جبر، ناانصافي، معاشي اڻ برابري ۽ طبقاتي نظام خلاف ھوندي آھي. بهترين ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ اثر امام ھڪ زبردست نقاد ۽ ترجمي نگار پڻ آهي. هن جن مضمونن ۽ ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن تن کي پڙهي ائين لڳندو آهي ڄڻ اوهان ترجمو نه پر طبع زاد لکڻي پڙهي رهيا آهيو. هن مارڪسي لٽريچر جا انگريزيءَ کان اردو ۽ اردوءَ کان سنڌيءَ ۾ ڇهه ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. جيڪي اردو ۽ سنڌي پڙهندڙن لاءِ يقينن تمام وڏو تحفو آهن. ان کان علاوه سندس چُونڊ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ووءِ ووءِ ڪندو وتُ جي عنوان سان پيڪاڪ پرنٽرس پاران ڇپرايو ويو آهي. اثر امام جا گھٽ ۾ گھٽ 6 ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن.
پيڪاڪ پبلشرز جو چيئرمين ۽ سنڌ جو ناليوارو ٻولي ماھر اديب ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، اثر امام جي لکڻين جي ٻولي ۽ اسلوب متعلق لکي ٿو:
“موجوده ٽھيءَ جا کوڙ ليکڪ تاريخ، سياست، ادب، سماج ۽ لطيف بابت لکن ٿا، جن کي پڙھيو وڃي ٿو پر تحريرن ۾ جيڪو اثر، اثر امام پيدا ڪري ٿو ان جو مثال گھٽ ئي ملندو. اثر وٽ زندگي گھارڻ جا الڳ ماڻ ۽ ماپا آھن، الڳ رجحان ۽ مقصد آھن. ھو شاھه لطيف چواڻي زندگيءَ کي الٽي اک سان ڏسي ٿو. زندگيءَ کي نوان تصور ۽ گس ڏئي ٿو، روايت کان ھٽي جدت طرف وٺي ھلي ٿو، اھا سندس لکڻين جي ڪاميابي چئجي”.
اثر جڏھن ڪالم لکي ٿو ته رڳو اخبار جو پيٽ ڀرڻ لاءِ نه پر لاڳاپيل موضوع تي انگ اکر ڏئي معلومات فراهم ڪري ٿو. رڳو خبر وانگر انگ اکر نه ٿو ڏئي پر ان تي تجزيو پڻ پيش ڪري ٿو. جيئن ڪالم جو ھي حوالو پڙھو.
“دنيا جي ڪل آبادي 7 ارب کن آھي. سڄي دنيا ۾ کرب پتي اميرن جو تعداد 1426 آھي. آسودن ماڻھن جو گھڻو تعداد آمريڪا سان تعلق رکي ٿو ۽ اھا به حقيقت آهي ته آمريڪي ماڻهو سڄي دنيا جي وسيلن جو ٽيھه سيڪڙو استعمال ڪري رھيا آھن. برطانيا جا 50 شھري ارب پتي جڏهن ته چار ھزار ڪروڙ پتي آھن. اھڙي ريت چار لک لکا پتي ماڻھن سان برطانيا پنجون نمبر امير ترين ملڪ آهي. فرانس ڇھين نمبر تي جڏهن ته برازيل يارھين نمبر تي آهي جنھن جا ھڪ لک سٺ ھزار شھري لکا پتي آھن. مزي جي ڳالھه ھيءَ آھي ته ان لسٽ ۾ چين جو چوٿون نمبر آھي. چين اڄ به دعويدار آھي ته اھو سوشلزم جي تعمير ڪري رهيو آهي. ان ڪري اھڙي ملڪ ۾ نجي ملڪيت رکڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني ٿيڻ گھرجي. پر في الحال ته چين جي ساڍا پنج لک ماڻهن وٽ لکين ڊالرن جي نجي ملڪيت آھي”.
اثر امام ھڪ ھنڌ لکي ٿو “جڏھن ماڻھو پنھنجي ڪم کي، پنھنجي ذميواريءَ کي ٻين سڀني معاملن کان وڌيڪ ترجيح ڏيندا ھجن، تڏھن ھڪڙو سگھارو معاشرو جنم وٺندو آهي ۽ اھڙو سگھارو معاشرو ئي فلسفي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدانن ۾ ھڪڙا قداور ماڻھو پيدا ڪري سگھندو آھي. جنھن معاشري ۾ سوچ جي آزادي حاصل ھوندي آھي، جتي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ تي پابندي نه ھوندي آھي. جتي تنقيدي رويو رکڻ کي ساراهيو ويندو آهي اتي ئي ايجادون به ٿينديون آهن، تحقيق به ٿيندي آهي. پر جنھن معاشري ۾ رڳو “ڪافر ڪافر” جون صدائون بلند ٿينديون رھن ۽ ھڪڙن طئي ٿيل ضابطن کان ٻاھر سوچڻ جي آزادي به نه ھجي اھڙا معاشرا صارفين جا معاشرا ٿي سگھن ٿا پر اھي پيدا ڪندڙن جا، جوڙيندڙن ۽ ٺاھيندڙن جا معاشرا هرگز نه ٿا ٿي سگھن.”
مان سمجھان ٿو ته اثر امام جھڙن حقيقت پسند ليکڪن جي سماج ۽ ادب کي اشد ضرورت آهي.
اڄ (پھرين مارچ) سندس 43 ھون جنم ڏينهن آهي ان موقعي تي آئون کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيڻ سان گڏوگڏ سندس وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت لاءِ دعاگو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button