رڳو قد ۽ هاٺيءَ جي ڳالهه ڪانه هئي، پر ٻنهي جي تقرير جي رواني، همٿ ۽ جرئت واريون ڳالهيون، ٻڌندي مون ڊاڪٽر حئي کان هڪ ڀيري پڇيو، ته وڪيل علي احمد ڪرد ۽ اوهان هڪ ٻئي جا دوست آهيو، يا ڪو ٻيو سبب آهي، جو اوهان جي تقرير جو انداز هڪ جهڙو آهي. کِلي چيائين اسان دوست به آهيون. پر اسان ٻنهي هڪڙي دور ۾ سياست ڪئي آهي. پر آئون هن کان ڪجهه سينيئر آهيان. هو سنڌ ۾ سڀني قومپرستن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ ڀرپور جرئت، همٿ ۽ شديد جذباتي انداز سان ملڪ ۾ قومن جا مسئلا سامهون آڻيندو هو. هن عملي طور تي 73 جي آئين تي ان ڪري صحيح نه ڪئي هئي، جو هن جو چوڻ هو ته انهيءَ آئين ۾ ملڪ جي قومن کي تسليم ئي نه ڪيو ويو آهي. هن وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ حيدرآباد ۾ ايس ٽي پيءَ جي يوم مادر وطن واري جلسي ۾ به اها ساڳي ڳالهه ورجائي هئي ته پاڪستان جو موجوده نظام قومن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي. هتي قومن جي حاڪميت بدران خاص طبقي جي حاڪميت قائم ٿيل آهي. 73ع جو آئين قومن جي حقن کي تحفظ نٿو ڏئي. سنڌي، بلوچ، سرائڪي ۽ پشتون قومن کي هن ملڪ ۾ تسليم ئي نٿو ڪيو وڃي. ان ڪري قومن سان نئون معاهدو ڪيو وڃي. سنڌي قوم پرستن جي جلسن ۾ شرڪت ڪندڙ هي واحد پارلياماني اڳواڻ هوندو هو، جيڪو 73ع جي آئين ٺهڻ وقت ايم اين اي هو. نامياري صحافي حامد مير به ايس ٽي پيءَ جي جلسي ۾ پنهنجي تقرير ۾ ڊاڪٽر حئي بلوچ جي ڪيل ڳالهه کي ورجائيندي چيو هو ته پاڪستان ۾ قومن جي مسئلن جو واحد حل اهو آهي، جيڪو ڊاڪٽر حئي ٻڌايو آهي ته قومن سان نئون معاهدو ڪيو وڃي. ڊاڪٽر حئي بلوچ 73ع جي آئين جي ٺهڻ کان وٺي ذري گهٽ 50 سالن جي سياست ۾ پارليامينٽ کان وٺي ملڪ جي هر فورم تي اها ڳالهه ورجائيندو رهيو آهي. هن جي انهيءَ ڳالهه ۽ موقف ۾ هڪ لمحي جي به ڪڏهن لچڪ نه آئي هئي.
سادي زندگي:
ڊاڪٽر حئي بلوچ ايم اين اي ۽ سينيٽر به رهيو. هو جڏهن ايم اين اي چونڊيو هو ته هن خان آف قلات جي پٽ کي شڪست ڏئي نه رڳو بلوچستان، پر سڄي ملڪ جي سياست ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو. ملڪ جي تاريخ ۾ بلوچستان جا سينيٽر وڪامڻ جي وڏي تاريخ موجود رهي آهي. اهڙي گندي ڪلچر جي باوجود هو نيل ڪنول وانگر ٻهڪدو رهيو ۽ هن پنهنجي سياسي ساک کي ڪڏهن به خراب ٿيڻ نه ڏنو. ڊاڪٽر حئي جنهن پارٽيءَ جو صدر هو. ان پارٽيءَ جا هڪ دور ۾ 8 ضلعي ناظم به رهيا. هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اهو مثال قائم ڪيو ته هن جي اٿڻ ۽ ويهڻ ۾ ڪو لمحي جو به فرق نه آيو. هو ايڏو ته سادو هو جو نه هن ڪڏهن باڊي گارڊ گڏ کنيو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن وڏي گاڏيءَ ۾ سفر ڪيو. عام طور تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ هو. هو مثالي غريب پرور ۽ فقير طبيعت سياستدان هو. هن بي ايس او سان شاگرد سياست جي شروعات ڪئي. ان دور جي اهم بلوچ شاگرد اڳواڻن سان گڏجي هن بلوچستان جي حقن جي ڳالهه شروع ڪئي هئي. بي ايس او ۾ رازق بگٽي، ڪهور خان، حبيب جالب بلوچ ۽ ٻيا شامل هئا. بي ايس او کان پوءِ هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي بلوچستان نيشنل يوٿ موومينٽ جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي. بلوچستان جي سياست ٻاٻري ٽانڊن جي باهه تان گذرڻ وانگر رهي آهي. هن جا پنهنجي ساٿين سان سياسي اختلاف به ٿيا. پارلياماني سياست سان بلوچستان جا حق حاصل نٿا ٿي سگهن، وارو سوال هن جي پارٽيءَ ۾ به رهيو. هن جو ويجهو ۽ انقلابي ساٿي واجه غلام محمد بلوچ هن سان پارلياني سياست جي مسئلي تي اختلاف ڪري ڪيترن ئي ساٿين سان گڏجي الڳ ٿي ويو. جيڪو اڳتي هلي پهاڙن تي هليو ويو ۽ جتان هن جو فقط لاش ئي واپس آيو. بي اين ايم 88ع ۾ نواب بگٽي سان اتحاد ڪيو. انهيءَ اتحاد جي نتيجي ۾ نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو وڏو وزير به ٿيو. هن بلوچستان جي پهرين صف واري سياست ڪئي. هن بي اين ايم جي پليٽ فارم تان 1988 کان 2003ع تائين سياست ڪئي ۽ هلي اڳتي هلي 2013ع ۾ بي اين ايم مير حاصل خان بزنجي، جي بلوچستان نيشنل پارٽيءَ سان گڏجي وئي. جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر مالڪ بلوچ بلوچستان جو 21هون وڏو وزير به ٿيو. ڊاڪٽر مالڪ بلوچ 7 جون 2013ع کان 23 ڊسمبر 2015ع تائين وڏو وزير رهيو. ڊاڪٽر حئي بلوچ 2018ع تائين نيشنل پارٽيءَ ۾ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ مير حاصل بزنجي سان گڏ رهيو. 2018ع کان پوءِ پنهنجي پراڻن ساٿين سان اختلاف ڪري نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جوڙي، جنهن جو هو صدر ٿيو.
ڊاڪٽر حئي بلوچ نوجوان بلوچ شاگردن لاءِ وڏو اتساهه جو سبب رهيو. ان ڪري نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺاهڻ جو سندس سبب به اهوئي هو ته بلوچستان ۾ نيشنل پارٽيءَ کي اقتداري پارٽي سڏي تنقيد ڪندڙ نوجوان بلوچن کي اهميت ڏيندي، هن نيشنل پارٽي تان استعيفيٰ ڏني، هن ڪيترن ئي نوجوان بلوچ شاگرد اڳواڻن سان گڏجي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو هو. هونءَ به بلوچستان جي سياست ٽانڊن جي سيج رهي آهي، ان ڪري سال وچ ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ اندر ڊاڪٽر حئي سان پارلياماني سياست تي نوجوان بلوچ شاگردن جا شديد اختلاف سامهون آيا ۽ ڪجهه اڳواڻ کانئس الڳ به ٿي ويا.
ڊاڪٽر حئي بلوچ ناڙي وال هو. يوب ۽ زيارت واري علائقي جي ڪيچ مينٽ مان برساتي پاڻي آڻيندڙ ناڙي درياءَ جي ڪنڌي واري تاريخي علائقي ڀاڳ ناڙي جو رهندڙ هو. ڀاڳ ناڙي جي زمين مان برساتن ۾ ڀونڦاڙ (وڏيون کنڀيون) ڦٽي ايندا آهن. ناڙي وال ڀونڦاڙ جون سوکڙيون ڏيندا آهن. هن علائقي کي بيل پٽ به چوندا آهن. هن پٽ جي نسل جا ڍڳا ڏکڻ ايشيا تائين پنهنجي ساک رکن ٿا. هن نسل واري ڍڳي جي اهميت سبب انگريز دور کان اڄ تائين سبيءَ ۾ ملڪ گير جانورن جي نمائش لڳائڻ جو رواج رهيو آهي. ڊاڪٽر حئي جي مائٽاڻي زمين نصير آباد ضلعي ۾ آهي. هن جو هڪ پٽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊي ايم جي گروپ ۾ آفيسر آهي. هڪ پٽ وڪيل ۽ هڪ پٽ اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ آهي. هو وائيٽ ڪالر شريف النفس انسان هو. هن کي هر علائقي جو ماڻهو ڪم ڪار لاءِ چوندو هو. هن ڪڏهن به ائين نه چيو ته آئون اقتدار ۾ نه آهيان، هو ان سان گڏجي هليو هلندو هو. اهو پنڌ هجي يا موٽر سائيڪل تي، هو ان سان گڏ ڪهڙي آفيس يا هنڌ وڃڻو آهي، هليو ويندو هو. هو عام طور تي پنڌ هلندڙ هو. هن جي 76 سالن جي ڄمار ۾ سٺي صحت جو راز به اهوئي هو. هڪ ڀيري ته ڪوئيٽا ۾ پنڌ هلڻ دوران مٿس ڪو گاڏي چاڙهي زخمي به ڪري ويو هئس. هو ڪوئيٽا ۾ سرياب واري علائقي ۾ ڪلي فيض آباد ۾ رهندو هو. هن جي هر روز جي ڪم جي شروعات سياست واري هوندي هئي. هو سڄي ملڪ جي سياسي ساٿين سان ملندو رهندو هو. هو ڪڏهن به سياست مان مايوس نه ٿيو ۽ نه وري سياسي ماڻهن سان پنهنجو رابطو ٽوڙيو. هن جو ڳاڻيٽو بلوچستان جي بزرگ سياستدانن ۾ ٿيندو هو. هو هر صورت ۾ بلوچستان جي مسئلن جو حل سڄي ملڪ جي سياستدانن سان ڳنڍي ڪندڙ هو.
هو بلوچستان جي سياست ۾ آيل سخت گيريءَ جي باوجود بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ جمهوري انداز ۾ ڳوليندڙ هو. ان ڪري اهڙي سياست جي آبياريءَ لاءِ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي جي سياستدانن سان هر وقت رابطن ۾ رهيو. هو ايڏو ته سادو رهندڙ هو جو پونم جي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ هو شاپر ۾ پنهنجو وڳو ڪپڙن جو کڻي ايندو هو. هڪ ڀيري ڪوئيٽا ۾ هئس ته مون وٽان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ قادر رانٽي ڊاڪٽر حئي کي فون ڪيو. هن چيو آئون فوري طور تو وٽ پهچان ٿو. ٽن ڪلاڪن تائين هو نه پهتو. جنهن تي هڪ بلوچ نوجوان ٻڌايو ته ڊاڪٽر حئي ڪوئيٽا جي سرياب مان پيادل ايندو هوندو ۽ هر ماڻهوءَ کي هٿ ڏيندو، خير خيريت پڇندو ايندو. پوءِ جڏهن پهتو.