مارچ مھينو فيبروري مھيني کان ڪيتريون ئي گُل گُلزاريون پنھنجي کاتي ۾ لکرائيندو آھي. ھِنَ مھيني جي آجيان ڪڻڪ، جا ساوا سنگ ڪندا آھن. نه فقط آجيان پر ساڳيا سنگ ڏکڻ جي ھوا تي ٽڙي ٽھڪ به ڏيندا آھن. جن ٽھڪن کي اکين اڳيان رکندي ڪيتريون ئي ڪومايل دليون به وقتي ٽھڪ ڏيڻ تي مجبور ٿينديون آھن. مارچ مھيني جي شامن ۾ ڪيترائي ڳوٺاڻا عاشق ڳوٺ کان پرڀرو سرسبز کيتن ۾ ويھي ڪيترين ئي الھڙ پاڻيارين تي نظرن ئي نظرن ۾ نئين عشق جا ڪيترائي تير به ھڻندا آھن. ڪڏھن ته الھڙ پاڻياريون به انھن نظرن جي نشانن ۾ جھٽجي پونديون آھن ۽ ڇرڪ ڀري چيلهھ تي ٻکيل ٻيلھڙا به ڪيرائي وجھنديون آھن. ھِنَ مھيني جا ڪيترائي نرالا رنگ آھن، جيڪي رنگ پنھنجي رنگن ۾ ڪيترائي ٻيا رنگ به رکن ٿا. اسان سنڌين لاءِ ھي مھينو ان ڪري به اهم آھي، جو ھِنَ مھيني ۾ عظيم شاعر شيخ اياز جو جنم ٿيو آھي. ياد پئي ٿو ھِنَ مھيني لاءِ ئي اياز، پنھنجي آتم ڪٿا ۾ ھڪ ھنڌ لکيو ھو “مارچ مھينو آرٽسٽن جي پيدا ٿيڻ جو مھينو ٿيندو آھي.” ائين به ممڪن آھي ته ھِنَ مھيني ۾ اياز، جو جنم ٿيو آھي، تنھنڪري اياز، کي اُھا سٽ لکڻي پئي. نه ته ھر آئي ڏينھن ڪيترائي آرٽسٽ ھن پرٿويءَ تي اکيون کولين ٿا ۽ ھِنَ ئي پرٿوي تان سدائين لاءِ پنھنجون سڀئي عاشقيون اکين ۾ کڻي جسماني طور ڪنھن ڪنڊ ۾ ابدي آرامي به ٿين ٿا.
ھِنَ مھيني جي 2 تاريخ سنڌ لاءِ ان ڪري به اھميت واري چئجي جو ھِنَ مھيني ۾ اياز جو جنم ٿيو هو. ڪنھن ٿي ڄاتو ته اُھو معصوم ٻار اڳتي ھلي سڀاڻي جو ڪوي شيخ اياز ٿي ويندو. (نصيب در تي بيٺو آھي، چئينس ته ڪجھ وقت رکي اچي مان لکي رھيو آھيان.”
(شيخ اياز(
آئون ته شاعريءَ جي باغ ۾ گُلڙن جھڙن شاعرن جي ھڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ جي حق ۾ ناھيان. ڇو ته ھر ھڪ گُل جي پنھنجي بيھڪ، پنھنجي سُونھن ۽ پنھنجي خوشبوءِ ٿيندي آھي. اُھي سڀئي گڏجي ھڪڙي پياري دل وندرائيندڙ ڦلواڙيءَ کي مان بخشيندا آھن. اُھي سڀئي گُل ئي ھوندا آھن، جيڪي پنھنجا پنھنجا مختلف رنگ کڻي ھڪ گُلن سان سجايل باغ کي سهڻو ڏيکاريندا آھن. جيڪڏھن گُلن جو باغ ھُجي ۽ اُن باغ ۾ موتيو يا چئجي گُلاب يا کڻي ڪو ٻيو گُل موجود نه ھُجي، ته ڇا اُن گُل جي گھرج باغ کي باقي نه رھندي؟
ساڳي ريت شاعريءَ جو کيتر آھي، جنھن کيتر ۾ ڪيترين ئي شاعرن جي خوشبوءِ آھي. ڇا اھڙي کيتر ۾ چيٽا ڀيٽي سُونھين ٿي؟ گھٽ ۾ گھٽ آئون ته ان ڳالھه جي حق ۾ ناھيان ۽ نه ئي اڳتي رھندس. ھر شاعر جي پنھنجي لفظن جي خوشبوءِ ٿيندي آھي. لطيف، پنھنجي دور جو سچ آھي، ته اياز، بخاري يا چئجي حسن درس، وغيره پنھنجي پنھنجي وقت جا سچ آھن ۽ پنھنجي پنھنجي وقت جي خوشبوءِ آھن، جنھن سچ ۽ خوشبوءِ کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. ھا اھڙو سچ ۽ اھڙي خوشبوءِ جيڪا سنڌ جي فضائن ۾ تيسين باقي رھڻي آھي، جيسين سنڌ پرٿويءَ جي گولي تي رھڻي آھي ۽ سنڌ تيسين پرٿويءَ جي گولي تي رھڻي آھي، جيسين انسان ھِنَ پرٿويءَ جي گولي تي باقي رھڻو آھي.
مون ڳالھه پئي ڪئي دراصل مارچ مھيني جي ۽ اياز جي سنڌ ۾ پھرين اک کولڻ جي، جنھن اياز، سنڌي شاعريءَ جو چمن ڏاڍو سُچيتائيءَ سان سينگاريو آھي. (اھا الڳ ڳالھه آھي ته اسان اياز جي آخري آرام گاهه کي ڪيترو سينگاريو ۽ سنواريو آھي.) مون کي ته ائين لڳندو آھي اياز، جي شاعري املهھ لفظن سان ايترو ته سينگاريل آھي، جو اُھو گمان ڪري سگھجي ٿو ته ڄڻ اياز جي شاعري راجسٿاني ڪنھن الھڙ ناريءَ جي پينٽنگ ھُجي جنھن ۾ ھڪ ئي وقت ڪيترائي رنگ ۽ ڪيترو ئي رقص ھُجي. اياز، جي شاعري پنھنجن لفظن ۾ ڪيترائي عڪس رکي ٿي ۽ ان شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي عڪسن کي الڳ الڳ روپ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. آئون اُھا ڳالھه ھتي ذاتي حوالي سان لکان ٿو ورلي ڪو اھڙو سنڌ مان ماڻھو ھُجي جنھن کي اياز جي شاعريءَ ۾ پنھنجو يا پنھنجي ڪنھن محبوب جو عڪس نظر نه آيو ھُجي ۽ اھڙي شاعري ۽ اھڙو شاعريءَ کي دماغ جي ڪئنواس تي چٽڻ ۽ پوءِ پنن تي لکڻ جو ڏانءُ به ورلي ئي ڪنھن شاعر جي حصي ۾ اچي ٿو. اياز جي شاعري اسان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ائين نظر اچي ٿي جيئن دوڙائي جي ڏڻ تي اتر واءُ ۾ پن ڦرندا آھن. اياز جي شاعريءَ ۾ روپلي جي تلوار جي سگهھ به ڏسڻ وٽان آھي، ته وري ٻئي پاسي ھِنَ جي شاعريءَ ۾ اھڙي ڪشش به آھي، جھڙي ڪشش موناليزا، جي مُرڪ ۾ آھي. چون ٿا ته اياز، جي شاعري ائين ئي پنن تي ڦٽي ٽڙي جرڪي پوندي ھُئي، جيئن بھار جي مند ۾ نم جي وڻ ۾ اڇو ٻور ڦٽي ٽڙي ۽ جرڪي پوندو آھي.
اياز جي شاعريءَ ۾ نماڻائي به آھي، ته ھن جي شاعريءَ کي بلندي ڇُھڻ جي بردباري به آھي. چون ٿا ته اياز جي شڪارپور واري ٻه ماڙ گھر ۾ نم جو وڻ ھوندو ھو جنھن جي اُوچائي سندس گھر کان ٽيھارو فوٽ مٿي ھوندي ھُئي ۽ اڄ آئون اُھو لکان پيو ته اياز جي شاعريءَ جو اھڙو ئي ڊگھو قد آھي جيڪي چنڊ کان به اڳتي وکون کڻي ٿو وڃي ۽ ھن جي شاعريءَ جي اڏام زمان ۽ مڪان جو سڀئي ھٿرادو سرحدون لتاڙي ٿي وڃي.
شيخ سعدي جي شعر جي ھڪڙي سٽ آھي،
” زکاک سعدي شيراز بوئي مي آيد”
)سعدي شيرازيءَ جي خاڪ مان عشق جي بوءِ اچي ٿي)
۽ اڄ آئون اُھو ٿو لکان ته مون کي شيخ اياز جي شاعري توڙي جو ھِنَ جي نثر مان سنڌ جي چمن جي خوشبوءِ ٿي اچي ۽ اُھو سنڌ جي مٽيءَ کي ئي اعزاز آھي. جنھن اياز جھڙي لافاني شاعر ۽ ھِنَ جي لافاني شاعري ۽ نثر کي جنم ڏنو آھي. جنھن نثر ۾ ڪارونجھر جي مور جھڙا سوين رنگ ۽ ڪارونجھرجي ڊيل جھڙو پنڌ آھي. اُھا سنڌ جي مٽيءَ ئي ھُئي ۽ ھِنَ مٽيءَ جا مڙوئي رنگ ئي ھئا، جن اياز جي تخليق ۾ اياز، جي اھڙي ئي ھمت افزائي ڪئي، جھڙي علاءُالدين جي جنگ دوران دودي سومري، جي ھاسي سر سوڍي ھمت افزائي ڪئي ھُئي.
” زال جي لاءِ “ٻانھن” لفظ ڪيڏو نه پيارو آھي، مان نه ٿو ڀانيان ته اھڙو ڪو لفظ ٻئي ٻولي ۾ آھي.”
)شيخ اياز(
جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ سو ٻي ٻوليءَ ۾ ڪٿي اردو ھندي ۾ تون آھين ڄڻ اوپرو.” (شيخ اياز(
“رنگ رنگ ٻولي ۾ جيئن بسنت ايندو آ ھيل آءُ ھولي ۾” ( شيخ اياز(
“ڏس ريت ته آ ڳاڙي! جيئن سج لٿو ٿر تي ھر ڀٽ ٻڌي ساڙھي.” ( شيخ اياز(
” ساري سنسار سان رشتو پيدا ڪر. ماڻھو ته ڇا ھر وڻ جي ٿڙ کي ڀاڪر پاءِ ان جون ٽاريون ڳلي لاءِ اُھو به تنھنجو ڀاءُ آھي. مٽيءَ جي عزت ڪر! مٽي ابدي ماءُ آھي، آخر اُنھي جي گود توکي ڪم ايندي.”
)شيخ اياز(