سوشل ميڊيا جي مهرباني سان يوڪرين جو بين الاقوامي معاملو هر گهر ۽ هر محفل ۾ گفتگو جو موضوع آهي. هرڪو پنهنجي پنهنجي ڄاڻ ۽ سوچ مطابق ان جا تجزيا ڪري رهيو آهي، جيڪو مثبت عمل آهي. ڇاڪاڻ ته اڄوڪي عالمي ڳوٺ بڻيل دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ واقعا دنيا جي هر ڪنڊ ۾ رهندڙ ماڻهن کي سڌي يا اڻ سڌي نموني متاثر ڪن ٿا.
يوڪرين جي هاڻوڪي صورتحال تاريخ، عالمي سياست ۽ سپر پاور مقابلي بازي جي هڪ ڊگهي سلسلي ۽ گهڻ پاسائين صورتحال جو نتيجو آهي. قومي رياست جي وجود وٺڻ کان اڳ ۾ دنيا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ بادشاهتن ۾ ورهايل هوندي هئي. جنهن جي جيتري طاقت (۽ بدمعاشي) اوتري ڌرتي تي ان جي بالادستي ۽ قبضو. روس ۽ (مغربي) يورپ جو دنيا جي مختلف وسيع علائقن تي قبضو رهيو آهي، البته ٻنهي ۾ فرق اهو رهيو آهي ته روس پنهنجي پسگردائي وارن ملڪن تي قبضا ڪيا آهن. جڏهن ته يورپ وارن اولهه کان اوڀر تائين ۽ ڏکڻ کان اتر تائين ماڻهن کي محڪوم بڻايو ۽ انهن قبضي گيرن جي وچ ۾ ويڙهاند ٿيندي رهي آهي.
(اولهه) يورپ وارا روسين کي پاڻ کان گهٽ درجي وارو تصور ڪندي انهن کي مطيع ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. موٽ ۾ روسين طرفان برابري بحال ڪرڻ جي نتيجي ۾ انهن ۾ ڇڪتاڻ (ڪڏهن گرم ڪڏهن سرد) رهندي آئي آهي. روس ۾ بولشويڪ انقلاب اچڻ کانپو اها ڇڪتاڻ واري صورتحال اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويئي. ڇاڪاڻ ته ان کان پو روس (اڳتي هلي سوويت يونين) نه رڳو برابري پر پيش قدمي واري پوزيشن ۾ اچي ويو، خاص ڪري نظرياتي ميدان ۾ ڪميونسٽ انقلاب جنهن انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو پورهيتن هٿان بادشاهن کي شڪست ڏياري ان يورپ کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو ۽ پو يورپين (۽ امريڪين) طرفان پنهنجي برتري بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ “سرد جنگ” جي صورت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو سا تاريخ آهي. ڪميونسٽ روس تي يورپين ان ڪري به ڪجهه وڌيڪ ڪاوڙيل هوندا آهن ته بالشويڪ انقلاب دوران قتل ڪيل رومانوف خاندان جو زار برطانيا جي شاهي خاندان جو مائٽ هو.
ٻي عالمي جنگ دوران سوويت فوجن طرفان برلن ۾ وڃي دنگ ڪرڻ جي پويان به مکيه محرڪ اهي روس جا يورپ ۾ جنگي حڪمت عملي وارا (Geo strategic) مفاد هئا. ڪير ان کي ڪميونسٽ انقلاب چوي ته ڀلي چوي. پو سڄي سرد جنگ واري دور جي پويان مک عنصر به اها بالادستي جي ڪوشش جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال هئي. ڪميونزم کي روڪڻ ۽ سوويت يونين کي دٻا ۾ رکڻ خاطر امريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادين نيٽو (North Atlantic Treaty organization) جو فوجي محاذ کڙيو ڪيو. موٽ ۾ پنهنجي جنگ مفادن جي تحفظ خاطر سوويت يونين پنهنجي اثر وارن اوڀر يورپ جي ملڪن سان گڏجي وارسا پئڪٽ وجود ۾ آندو. اهڙي طرح سوويت يونين جي فوج ۽ روس جي تاريخي دشمن مغرب جي فوج جي مدمقابل هئڻ جو ميدان روس جي سرحد کان پري جرمني کي ورهائيندڙ لڪير هئي. ياد رهي ته نيپولين ۽ هٽلر جي حملن کي روس وساريو ڪونه هو.
سرد جنگ جي خاتمي لا سوويت يونين جي ليڊر ميخائيل گورباچوف ۽ امريڪا جي قيادت واري مغربي اتحاد وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران اها واضح يقين دهاني ڪرائي ويئي هئي ته نيٽو کي ان وقت واري سرحد کان اڳتي نه وڌايو ويندو. حقيقت اها آهي ته نيٽو جو اعلانيل مقصد “ڪميونزم کي روڪڻ” هو، ته پو جڏهن سوويت يونين جي ڊهڻ ۽ روس ۾ سرمائيدار نظام جي اچڻ سان ڪميونزم جو خطرو ٽري ويو ته اصولي طور نيٽو جي جاري رهڻ جو جواز ختم ٿي ويو. تنهن ڪري نيٽو کي به ختم ٿيڻ کپندو هو. پر ان جي ابتڙ ان کي نه رڳو بحال رکيو ويو. پر ان کي اوڀر طرف وڌيڪ ڦهلائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. مشرقي جرمني کان وٺي پولينڊ تائين مشرقي يورپ جي ملڪن ۽ بلٽڪ رياستن کي نيٽو ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙي طرح روس جي سرحد ۽ نيٽو فوجن جي وچ ۾ صرف يوڪرين جو علائقو رهجي ويو. ان سان روس لا خطري جون گهنٽيون نه پر گهنڊ وڄڻ لڳا.
روس کي سوڙهو ڪرڻ لا نيٽو اتحادين نه رڳو کليل ڪارروايون جاري رکيون. پر لڪل ۽ اڻسڌن منصوبن تي پڻ عمل ڪيو ويندو رهيو. ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق جي عوام دوست حڪومت جو تختو الٽائڻ کان وٺي سي آ اي ذريعي (اڪثر حالتن ۾ فوجي آمريتن جي تعاون سان) اڻ وڻندڙ حڪومتون تبديل ڪرائڻ واري حڪمت عملي تحت روس نواز حڪومتون ڪيرائڻ لا جارجيا ۽ يوڪرين ۾ نام نهاد روز (Rose) ۽ اورينج (Orange) انقلاب آڻايا ويا، جن جي پويان پئسو جارج سوروز جو هو. ان مرحلي تي ولاديمير پيوٽن جي قيادت واري روس طئي ڪيو ته “گهڻو ٿي چڪو (Enough is enough) ۽ پو ان ڪرائيميا ۾ 2014ع ۾ هٿرادو ريفرينڊم ڪرائي ان جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم علائقي کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو. ان کان علاوه يوڪرين جي اوڀر ۾ روسي سرحد سان ملندڙ روسي زبان ڳالهائيندڙن جي اڪثريت اورن علائقن ڊونيسڪ ۽ لوهاسڪ ۾ عليحدگي جي هٿياربند ويڙهه شروع ڪرائي.
اهي عمل اولهه کي پيغام هئا ته يوڪرين روس لا ڪيترو اهم ۽ حساس آهي. پنهنجي جاگرافيائي هنڌ جي لحاظ کان سدائين اهميت وارو رهيو آهي. سوويت يونين جو حصو هئڻ دوران اهو پنهنجي جدا حيثيت ۾ به اقوام متحده جو ميمبر رهيو. 2014ع ۾ روس مخالف حڪومت اچڻ کانپو يوڪرين مڪمل طور امريڪي قيادت واري مغربي بلاڪ جي حلقه اثر ۾ اچي ويو. سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي معاملن ۾ ويجهڙائي کانپو فوجي قربت جي حوالي سان نيٽو ۾ شموليت جا اشارا اچڻ لڳا. يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جو مطلب هو ته روس مخالف مغربي اتحاد جون فوجون روس جي سرحد تي اچي ويهن ها. اها صورتحال روس کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هئي. سو ان امڪاني منصوبي کي عمل ۾ اچڻ کان روڪڻ خاطر روسي ٻولي وارن ماڻهن جي مفادن جي آڙ وٺي يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو. ڳالهيون ڪهڙيون به ٿين، روس جو واضح ۽ واحد مقصد ۽ مطالبو آهي ته يوڪرين جي غير جانبدار حيثيت کي يقيني بڻايو وڃي. ٻين لفظن ۾ ته يوڪرين کي نيٽو جو ميمبر نه بڻايو وڃي.
صورتحال جو هڪڙو، گهٽ چٽو ۽ گهٽ اهم ئي سهي، ٻيو پاسو به آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته روس پنهنجي پسگردائي وارن ملڪن تي سڌي طرح يا اڻ سڌي ريت پنهنجي بالادستي رکندو آيو آهي. انهن ملڪن لا نسبتي طور بهتر نظام لينن جي رهنمائي ۾ سوويت يونين جي شڪل ۾ هئو، جنهن ۾ انهن جي جدا سياسي حيثيت ۽ ثقافتي شناخت تسليم ٿيل هئي ۽ انهن کي عليحده ٿيڻ جو آئيني حق حاصل هو.
سوويت يونين جي ٽٽڻ ۾ معروضي حالتن سان گڏ جن ماڻهن جو ڪردار هو، انهن ۾ روس جو صدر بورس ييلسن نمايان هو. اهو مغرب نواز هجڻ سان گڏ روسي شاونسٽ به هو. پيوٽن ان جو ئي پاليل آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ بابت عوامي آواز ۾ ڇپيل پنهنجي مضمون ۾ مون ٻين ڳالهين کان علاوه اهو به لکيو هو ته سووين يونين جي ٽٽڻ ۾ ييلسن ٽولي جو مقصد غير روسي قومن کي آزادي ڏيارڻ نه پر لينن واري نظام جي جا تي زار شاهي وارو سرشتو قائم ڪرڻ هو. چيچنيا طرفان آزادي جي ڪوشش کي ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ گادي واري شهر گروزني کي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻي تباهي ۾ مک ڪردار پيوٽن جو هو. ان جي صلي طور ئي ييلسن کيس پنهنجو جانشين مقرر ڪيو، پيوٽن طرفان روس جي بالادستي واري (زار شاهي جهڙي) سلطنت قائم ڪرڻ جي خواهش ڪڏهن ڪڏهن سڌي اڻ سڌي طرح پنهنجو اظهار ڪندي رهندي آهي. سخت ڪميونسٽ مخالف هئڻ جي باوجود هو ڪافي ڀيرا سوويت يونين جي ٽٽڻ کي “عظيم الميو” قرار ڏيئي چڪو آهي.
اهو موجوده صورتحال جو پسمنظر ۽ اهي زميني حقيقتون آهن. پر سوال آهي ته حق ڇا هي؟ ڇا اهو حق آهي ته طاقتور ملڪ هڪٻئي خلاف بالادستي جي ويڙهه ۾ ڪمزور ملڪن کي مهاڏي جو ميدان بڻائين؟ ڇا اهو حق آهي ته دنيا تي قبضي گيري جي حوس ۾ ڪمزور قومن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو وڃي. اسان جي علائقي ۾ ماضي ۾ گريٽ گيم انگريزن ۽ روس وچ ۾ بالادستي لا ويڙهه جو هڪڙو مثال آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سميت خطي جي قومن وڏو ڀوڳيو ۽ اڃا تائين ڀوڳي رهيون آهن. خاص ڪري ويجهڙائي ۾ ائٽمي هٿيارن جا انبار لڳڻ کانپو طاقتور ملڪ دنيا کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ واري مقابلي بازي ۾ هڪ ٻئي سان سڌو جنگ نٿا ڪن ته پو ننڍا ملڪ ۽ ڪمزور قومون بالادستي وارين جنگين جو ميدان بڻجن ٿيون. ليبيا، شام، عراق ۽ افغانستان ان جا تازا مثال آهن. پاڪستان ۾ جيڪا مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي چوٽ چڙهيل آهي. اها به طاقتورن جي مقابلي بازي سان لاڳاپيل آهي. سنڌي چوڻي آهي ته “وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوڙا”. بهرحال پنهنجي ملڪن کي مقابلي بازي جو ميدان بنجڻ ڏيڻ ۾ مقامي حڪمران ٽولن جي نااهلين، مفاد پرستين ۽ موقعي پرستين جو به ڪجهه حصو هوندو آهي. نهرو، سوئيڪارنو، ٽيٽو ۽ ناصر جهڙن مدبر سياستدانن طرفان غير جانبدار تحريڪ جو پليٽ فارم جوڙڻ اهڙي صورتحال کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش هئي.
يوڪرين هڪ تازو آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي. ان کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي ۽ هجڻ کپي. اهڙو ئي اختيار جهڙو روس، امريڪا، فرانس، چين يا ڪنهن به ٻئي ملڪ جو ٿي سگهي ٿو. امريڪا ۽ نيٽو کي اهو اختيار ناهي ته اهي پنهنجي عالمي بالادستي واري ويڙهه ۾ هڪ خودمختيار ملڪ کي هيٿار طور استعمال ڪري. ساڳئي وقت روس کي به اهو اختيار ناهي ته پاڻ کان ڪمزور پاڙيسري کي ڍال طور استعمال ڪري، پنهنجي ملڪ جي حفاظت خاطر ٻئي ملڪ ۾ تباهي آڻي. پنهنجي خودمختياري قائم رکڻ جي ڪوششن ۾ ٻئي جي خودمختياري پائمال ڪري.
طاقتور ملڪن طرفان پنهنجي مفادن لا دنيا کي شطرنج جو ميدان بنائڻ کان بچائڻ خاطر يوڪرين جهڙن ملڪن کي گهرجي ته هڪ يا ٻي طاقتور جو ساٿاري ٿيڻ جي بجا پاڻ ۾ گڏجي ان ناانصافي ۽ اڻبرابري واري ورلڊ آرڊر کي تبديل ڪرڻ لا جدوجهد ڪن.