وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ عمران خان جي مٿان مخالف ڌر سڀ کان مشهور تنقيدي تبصرو اهو ڪيو هو ته ”يوٽرن“ وٺڻ جو عادي آهي. جڏهن ته هاڻي هن جي مشهوري مهانگائيءَ جي ڪري ٿي رهي آهي پر هن مهانگائيءَ جي دور ۾ گذريل ڏينهن قوم کي خطاب ڪندي هن جهڙي ريت پئٽرول جي قيمت ۾ ڏهه روپيا گهٽائڻ ۽ بجليءَ جي يونٽ کي 5 روپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهو به چيو آهي ته هاڻي عوام جي مٿان پيل مهانگائيءَ جو بار گهٽجڻ شروع ٿيندو ۽ قوم کي معاشي حوالي سان خوشخبريون ملنديون ته اهڙي موقعي تي وزير اعظم عمران خان جي بهتر قدمن جي آجيان ڇو نه ڪئي وڃي؟ ڇا مخالف ڌر جو ڪم صرف حڪومت جي خلاف تنقيد ڪرڻ ئي آهي؟ ڇا مخالف ڌر جو اهو فرض ناهي ته جڏهن حڪومت ڪو بهتر ڪردار ادا ڪري ته هن جي ساراهه لاءِ ٻه وکون اڳتي وڌي ۽ اهو محسوس ڪرائي ته مخالف ڌر به حڪومت جي بهتر ڳالهين جي آجيان ڪري سگهي ٿي. آخر معاملو ته ملڪ ۽ عوام جو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪا شيءَ سٺي ٿي رهي آهي ته ان کي زوريءَ زبردستيءَ برو چوڻ ضروري آهي؟ جيڪڏهن ان قسم جي سياست ٿيندي ته عوام وٽ سياست جو تاثر ئي غلط پيدا ٿيندو. هونءَ به سياستدانن جي ڪردار سبب اسان وٽ سياست هڪ سٺو لفظ نه ٿو سمجهيو وڃي. جڏهن ته اها به هڪ غلط ڳالهه آهي. ڇو ته اها سياست ئي آهي، جيڪا ملڪ جي ترقيءَ ۽ معاشري جي اوسر ۾ تمام بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان عوام کي سياست جي خلاف ڪري ڇڏيو ته پوءِ اسان ملڪ جي بهتريءَ جو تصور به ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟
سياست ۽ عوام جو ساٿ تمام اهم ۽ ضروري هوندو آهي. اهو به هڪ دور هو، جڏهن سياست ۽ عوام جي وچ ۾ ڪو تعلق نه هوندو هو ۽ عوام سمجهندو هو ته سياست هن جو نه پر بادشاهن ۽ حڪمرانن جو ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن بادشاهن جي وچ ۾ جنگيون لڳنديون هيون ته عوام ويچارو تماشائي بڻجي ٻنهي پاسن جي طرف تڪيندو هو ۽ هن کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هو آخر ڪنهن جو پاسو کڻي؟ عوام کي سياست کان پري رکڻ جي سلسلي ۾ بادشاهه به اتفاق ڪندا هئا ۽ اهي به چوندا هئا ته سياست عوام جو ڪم ناهي. ڇو ته انهن کي به خوف ٿيندو هو ته جيڪڏهن عوام سياست ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ته هو سڀاڻي انهن جي حڪمرانيءَ جي خلاف به آواز اٿاري سگهن ٿا. اهو سوچي بادشاهن ڪڏهن به عوام کي سياست جي طرف نه اچڻ ڏنو پر دنيا جي ارتقا سبب نيٺ اهو وقت به آيو، جڏهن حڪمرانن جي نه چاهڻ جي باوجود به عوام سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ جڏهن عوام جي سياست ۾ دلچسپي پيدا ٿي ته دنيا ۾ بهتر طرز وارين حڪمرانين جنم ورتو. گهڻي وقت کان وٺي جيڪا نظرين جي اٿل پٿل آهي ۽ جيڪا سياست جي باب ۾ تمام گهڻي سرگرمي ۽ سوچ ويچار واري ڌارا پيدا ٿيل آهي ته ان جو سبب عوام ۽ سياست جي وچ ۾ قربت آهي.
ڇا اها حقيقت ناهي ته هر آمر عوام کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هر جمهوري مزاج جو اڳواڻ عوام کي سياسي سفر ۾ پاڻ سان گڏ کڻڻ چاهيندو آهي. جيڪڏهن سياست ۾ عوام جو ساٿ ناهي ته پوءِ اها سياست ڪنهن به طرح سان جمهوري سياست چئي نه ٿي سگهجي. ڇو ته جمهوري سياست جو اصل تصور ئي عوام سان هوندو آهي. جڏهن عوام سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو آهي ته جمهوريت جو جنم ٿيندو آهي. اسان عوام جي شموليت کان سواءِ جمهوريت جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون.
جمهوريت ۽ عوام لازم ملزوم آهن. جڏهن عوام ناهي ته پوءِ جمهوريت ناهي. جمهوريت عوام جي دم سان هوندي آهي. ان حوالي سان اسان کي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ به سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جو ملڪ عوامي سياست کان محروم ٿي ويو ته پوءِ جمهوريت به نالي ماتر ٿي رهجي ويندي ۽ اهو ڪجهه هن مهل تائين ٿيندو رهيو آهي. هن وقت به جيڪڏهن پاڪستان جي سياست ۾ پسماندگي آهي ته ان جو سبب عوام جي شموليت نه هجڻ آهي. جڏهن به سياست ۾ عوام شامل ٿيو ته ملڪ حقيقي جمهوريت سان هم آغوش ٿي ويندو ۽ اهو ملڪ جي لاءِ ضروري آهي. اسان جي سياسي اڳواڻن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته سياست ۾ عوام جي ڪردار کي ڪهڙي شيءَ گهٽائي ٿي؟ ڇا آمريت جون بندوقون عوام جي سياسي ڪردار کي گهٽائڻ جو سبب بڻجن ٿيون؟ جيڪڏهن ائين هجي ها ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ عوام جو ايترو ڀرپور سياسي ڪردار ڪيئن هجي ها؟ آمرن جو تشدد عوام کي سياست کان پري ڪرڻ جو سبب نه بڻبو آهي. عوام تشدد جي ڪري ته سياست ۾ وڌيڪ ملوث ٿيندو آهي. ان حوالي سان سياست کي آمرن عوام کان الڳ نه ڪيو آهي پر اهي اسان جا سولين سياستدان آهن، جن جي قول ۽ فعل جي تضاد سياست کان عوام جي دل ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ عوام سياست کي سٺو سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ته ان قسم جو ماحول آمريت پرستن جي تمام بهتر محسوس ٿيندو آهي. هو جڏهن به ڏسندا آهن ته سياست ۾ عوام جو ڪو ڪردار ناهي ته انهن کي پنهنجي مداخلت جا رستا صاف نطر ايندا آهن ۽ هو ڪنهن به طرح سان سياست ۾ داخل ٿي حڪومت تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪو وقت نه وڃائيندا آهن. ان حوالي سان اهو فرض عوامي سياستدانن جو آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ عوام کي سياست سان سلهاڙين ۽ ان سلسلي ۾ انهن کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن جو سياسي ڪردار مثبت هوندو ته عوام ۾ سياست جي لاءِ دلچسپي پيدا ٿيندي ۽ جيڪڏهن انهن جو اهڙو ڪردار نه هوندو ته پوءِ عوام جو سياست جي طرف ڪو خيال به نه ويندو ۽ ان باري ۾ اسان کي اها به ڳالهه ذهن نشين ڪرڻي آهي ته سياست جي ان جهان ۾ بنيادي شيءَ آهي ته سچ کي سچ چوڻ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ قرار ڏيڻ. جڏهن اسان پنهنجين اکين سان ڏسون ٿا ته سياست ڪو سٺو ڪردار ادا ڪري ٿي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ مڃڻ جي حد تائين قبول ڪجي. جڏهن بهتر شيءَ کي بهتر نه سڏبو ته بدتر شيءَ کي بدتر چوڻ ۽ سمجهائڻ جو حق به ختم ٿي ويندو ۽ ان صورت ۾ سياست ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ وڇوٽي پيدا ٿيڻ لڳندي آهي. اسان جو ملڪ گهڻي وقت کان وٺي ان وڇوٽيءَ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. پاڪستان جي سياست ۾ عوام جي ڪردار گهٽجڻ جو بنيادي سبب اها وڇوٽي وڌڻ آهي.
ملڪ جي سياست ۾ عمران خان جي ڪردار جي حوالي سان تمام گهڻيون اميدون به هيون ۽ انهن اميدن جو جيڪو برو حشر ٿيو آهي، اهو به اسان جي اکين جي آڏو آهي ۽ ان جي مڃڻ به هڪ طرح سان عوام کي سياست کان پري رکڻ جي سازش جيان آهي. ڇو ته جڏهن به سچ کي تسليم نه ڪيو ويندو ته عوام ۾ فطري طور تي هڪ غصو جنم وٺندو ۽ اهو غصو عوام کي سياست کان پري ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبو. عمران خان جي غلط ڪارڪردگيءَ جي سبب ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان پيدا ٿيو يا اهو طوفان عالمي هو ۽ ان ۾ عمران خان جو ڪو قصور نه هو؟ ان سوال کي هن مهل پاڻ ڪنهن ٻي ڀيري جي بحث لاءِ پاسي تي رکون ٿا ۽ صرف ان ڳالهه تي فوڪس ڪريون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان مهانگائيءَ جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻيو آهي ته پوءِ هن مهانگائي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ جيڪي تازا قدم کنيا آهن، انهن جي آجيان ڇو نه ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اهو ڪوئي قانون آهي ته حڪومت جي هر حال ۾ برائي ئي ٿيندي؟ ڇا حڪومت جي بهتر قدمن جي آجيان نه ٿيڻ گهرجي؟ جيڪڏهن اسان جي سياست ۾ اهو گڻ پيدا نه ٿيندو ته اسان جي سياست اها سياست نه ٿي سگهندي، جنهن سياست جون جڙون عوام جي دلين ۾ هونديون آهن. عوام ته سدائين سچ جو ساٿ ڏيندو آهي ۽ عوام اهو چاهيندو آهي ته سياست جي دنيا ۾ سچ کي قبول ڪيو وڃي ۽ عوام جڏهن به سياست ۾ سچ کي پري ٿيندو محسوس ڪندو آهي ته هن جي دل دکي ٿي ويندي آهي ۽ هو سياست کان به پنهنجو تعلق ٽوڙڻ لڳندو آهي ۽ ان قسم جي روش جمهوريت لاءِ تمام گهڻي نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته سياست ۾ عوام جو ڪردار رهي ته پوءِ سياست ۾ سچائيءَ جي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان سياست کي مخالفت براءِ مخالفت جو ڪم بڻايو ته عوام سياست ۾ ڪردار ادا نه ڪندو.
هاڻي هڪ طرف پيپلز پارٽي بلاول جي اڳواڻيءَ ۾ اسلام آباد طرف ريلي جي صورت ۾ احتجاج ڪندي وڃي رهي آهي ۽ ٻي طرف عمران خان پئٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ هن جي حامي حلقن جي دعويٰ آهي ته انهن جي احتجاج سبب حڪومت مجبور ٿي پئي آهي ته اها پئٽرول جي قيمت گهٽائي. جيڪڏهن عمران خان اهو قدم بلاول جي احتجاجي مارچ ڪري به کنيو آهي ته ان جي ساراهه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اصل ڳالهه عوام جو فائدو آهي. عوام کي ڪنهن به طرح سان جيڪڏهن ڪو به فائدو پوي ٿو ته اهو هڪ بهتر عمل هوندو ۽ ان عمل جي ساراهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ آجيان ٿيڻ گهرجي. پر جيڪڏهن مخالف ڌر بنهه ضد جو شڪار ٿيندي ته ملڪ جي سياست ۾ تلخيءَ جو مقدار وڌي ويندو ۽ اسان عوام جي ڀلي ۾ اهو ڪجهه نه ڪري سگهنداسين جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي. آخر عوام جي ساٿ کان سواءِ سياست جو ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو؟ اهو عوامي ساٿ آهي، جيڪو سياست کي بهتر بڻائي ٿو ۽ سياست کي ان منزل تائين رسائي ٿو، جنهن منزل تي پهچي سياست حقيقي جمهوريت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن اسان جي سياست ۾ اها وسعت ناهي ته پوءِ ان جو جمهوري ڪردار ڪڏهن ادا نه ٿيندو.