شوبز

پسوڙي گيت ماڻهن کي ايڏو وڻندو اندازو نھ هو: شائي گل

ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 14 جي مقبول گانن ۾ شامل ٿي ويل پسوڙي جي ڳائڻي شائي گل چيو آهي تھ خبر هئي تھ هي گانو ماڻهن کي پسند ايندو پر ايڏو وڻندو، ان جو اندزو ئي نھ هو. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مون هن گاني تي دوست ايمان سان گڏجي ڪم ڪيو، ڇوتھ هي خيال ان جو ئي هو، تنهنڪري گڏجي سوشل ميڊيا پيج ٺاهيو ۽ ائين ڪم شروع ڪيو. هن چيو تھ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران جهونگارڻ جي عادت هئي، جنهن بعد وڊيو شيئر ڪئي. هن ٻڌايو تھ ڪوڪ اسٽوڊيو جي زلفي علي سيٺي سان گڏ ڳائڻ جي آڇ ڏني تھ خوش ٿيس. هن جو چوڻ هو تھ پاڙيوارن ۽ گهرڀاتين پسند ڪيو، هاڻ ماڻهن جون وڏيون اميدون ٿي پيون آهن، تنهنڪري غلطي جي گنجائش ناهي. هن چيو تھ ڪلاسيڪل موسيقي سکي رهي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button