ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇاهتر سالن جو سياسي تتُ

Editorial-Article- Dastgir Bhatti


ايندڙ چوڏھين آگسٽ تي پاڪستان جي عمر ڇاھتر سال ٿي ويندي. خواب ته اسان جي ليڊرن اھو ئي ڏيکاريو ھو نه ته انگريزن کان آزادي حاصل ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪڙو آزاد وطن ٺاهينداسين. آزاد وطن جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ اسان کي تازو يورپي سبق پڙهڻ گهرجي. يوڪرين جھڙي ڪمزور ۽ لاچار وطن جي چونڊيل صدر کان وٺي مشهور عورتون، مرد ۽ ٻارڙا به روس جي اڳرائيءَ خلاف سينو تاڻي بيھي رھيا آھن ۽ سنڌ جي سورهيه بادشاه وارو نعرو ورجائين پيا ته وطن بچائڻ خاطر ڪفن پائڻ لاءِ تيار آهيون. يوڪرين جون مائيون ۽ مرد اڄوڪي ايٽمي دور ۾ ھڪڙي سپر پاور روس آڏو جنهن حب الوطني واري جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي فوج جو ساٿ ڏين پيا اھڙو مثال مون کي ٻين مھاڀاري جنگ کان پوءِ تازي تاريخ ۾ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي.
ڇا اسان جي ماڻهن جي دلين ۾ اھڙو قومي جذبو پيدا ٿي سگھيو آهي؟ ھرگز نه. اسان ته قوم جي وصف تي به پورو لهڻ جي قابل نه آهيون. يوڪرين به اسان وانگر گھڻ قومي رياست آهي. اتي روسي، جرمن ۽ پولش ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. مختلف قومون آباد آهن پر منجهن قومي آزاديءَ جي سوال تي رڪ جھڙي جيڪا ٻڌي آهي سا اسان وٽ نه ھجڻ برابر آهي. ان جو ڏيک اسان کي ايندڙ چوويهن ڪلاڪن اندر ملي ويندو جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو لانگ مارچ لاھور ۾ داخل ٿيندو. سنڌ ۾ سندس جيڪو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي، سو سنڌ سرڪار جي ڪامورن، پوليس وارن ۽ خود وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڏينهن رات ڪنٽينر تي موجود ھجڻ جي برڪتن صدقي ٿيو آهي.
يونين ڪائونسلن جي بجيٽ جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ماڻهن کي ميڙيو ويو آهي. اھي سمورا تفصيل ميڊيا ۾ اچن پيا ۽ ايندڙ پھرين تاريخ تي جڏهن ھنن ادارن جي ھزارين ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه ھوندا ته سندن ھڙتالون ڏسي وٺجؤ!
لاھور ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جيڪا سياسي پوک ڏھين اپريل 1986ع کان شروع ڪئي ۽ ان کي ڪراچيءَ کان چترال تائين جيئن سمورن صوبن جي زنجير ٺاهي ورتو ھو، اڄ اھا قومي ٻڌيءَ واري زنجير ٽٽي ڇيھون ڇيھون ٿي چڪي آهي. آئون اخبارن ۾ سنڌ جي وڏيرن ۽ ميرن پيرن پاران فرنٽ پيج تي ڇپيل اھي اشتھار ڏسي تپرس ۾ پئجي ويو آهيان جن ۾ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري وڏن وڏن اکرن ۾ لکي خوشامد جون مڙيئي حدون ٽپي ويا آهن. فرض ڪريو ته وزير اعظم عمران خان جيڪڏهن مخالف ڌر جو مطالبو قبول ڪري نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ۽ انھن چونڊن جا جيڪي نتيجا نڪرندا تن ۾ پنجاب مان وڌ ۾ وڌ سيٽون پيپلز پارٽي کٽيندي يا نواز شريف جي مسلم ليگ؟
سوال آهي ته سنڌ کان اسلام آباد ويندڙ ۽ گادي واري شهر کان سنڌ ڏانهن ايندڙ مخالف سياسي جماعتن جا ھي قافلا سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن کي آخر ڪھڙيون خوشيون ۽ عوامي خدمتون گھر ويٺي پھچائيندا يا ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ ڏيئي سگهندا سواءِ سکڻن اعلانن ۽ واعدن جي؟
وزير اعظم عمران خان ته ملڪ جو اقتدار سنڀالڻ شرط ڪجھه مھينن اندر پنهنجي ساک ۽ عوامي مقبوليت وڃائي ويٺو رڳو ڪوڙن وعدن جي ڪري! اھوئي ڪارڻ آھي جو ماڻهن عمران خان بدران کيس يوٽرن خان جو لقب ڏيئي ڇڏيو. ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت گذريل چوڏهن سالن جي راڄ ۾ سنڌ اندر جيڪي سر ساڙيا آهن سي ته قيامت تائين ساوا ڪونه ٿي سگهندا. ادارن کي تباهه ڪرڻ واري حقيقت پنھنجي جاءِ تي پر سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي مانوارن ججن پاران سنڌ جي مقدس درسگاهن تي وائيس چانسلر ۽ ٻيا اعليٰ عھديدار مقرر ڪندڙ سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر عاصم حسين بابت جيڪي رمارڪس ڏنا آهن، انھن کي پڙهي ڪوبه غيرتمند چانسلر پنھنجي عھدي تان جيڪر استعيفا ڏيئي عزت بچائي. پر ھتي سنڌ ۾ عزت ۽ غيرت کي ھاسيڪار اڻلڀ ڪيو ويو آهي.
اڳ ۾ ته يونيورسٽين جو چانسلر ھوندو ھو صوبائي گورنر پر ارڙهين ترميم کان پوءِ اھو عھدو وڏي وزير جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جو وڏو وزير ڪيترو وڏو آهي سو ته پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ۽ اھو به ڄاڻون ٿا ته ڊاڪٽر عاصم حسين کي سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڪنھن مقرر ڪيو آهي. ظاھر آھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي مانوارن جج صاحبن کي به سڄي ڄاڻ آهي ته سنڌ جو اصل حاڪم ڪير آهي جيڪو عدالتي حڪمن جي به ڪاڻ نه ٿو ڪڍي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سيڪريٽري روشن علي ٻرڙي جي داخل ڪيل آئيني درخواست تي گذريل شنوائيءَ ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ صاف صاف لفظن ۾ حڪم جاري ڪيو هو ته، جيئن ته ڊاڪٽر عاصم حسين سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي عھدي جو حقدار ۽ اھل ناهي ڇاڪاڻ ته وٽس گھربل تعليمي قابليت ۽ پي ايڇ ڊي واري ڊگري به ناهي تنهنڪري اڄ ئي ھن عھدي تان دستبردار ٿي وڃي. اڱاري تي جڏهن فريادي عدالت کي ٻڌايو ته اوهان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي، ڊاڪٽر عاصم اڃا تائين ڪميشن جي سربراهه طور ڪار وهنوار هلائي رهيو آهي ته جسٽس آفتاب ڳورڙ صاحب اھا حقيقت ٻڌي سخت لفظن ۾ ٻيھر حڪم ڏنو ته ڊاڪٽر عاصم حسين اڄ ئي ھن عھدي تان دستبردار ٿي وڃي ۽ ايندڙ 15 مارچ تي رکيل شنوائي مھل سرڪاري وڪيل رپورٽ پيش ڪري ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي بروقت عمل ٿيو يا نه؟
فريادي ڌر جي وڪيل عدالت کي اھو به ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم حسين کي مارچ 2015ع ۾ 652 ارب رپين جي ڪرپشن جي الزامن تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ ھو ضمانت تي آزاد آهي پر مٿس نيب جا ڪيس اڃا تائين ھلندڙ آھن جن ۾ بيگناهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي. بھرحال ھاڻي ڏسجي ته سنڌ جو اصل حاڪم عدالتي فيصلي تي سچائيءَ سان عمل ڪري ٿو يا نه؟ اھا ڳالھه ته ھاڻي جڳ جهان کي معلوم آهي ته سنڌ جي مقدس درسگاهن اندر نياڻين کي آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ وارا ايڏا طاقتور آھن جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردياڻي نائيلا رند جي پراسرار موت کان وٺي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ نوشين شاهه جي فوت ٿيڻ وارن ڀوائتن واقعن جو ھڪڙو به جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي.
ڇا اھا حقيقت عجب ۾ وجهندڙ ناھي ته مختلف يونيورسٽين جي ملازمن جي ٽريڊ يونين توڙي استادن جي تنظيمن اڄ ڏينهن تائين نه رڳو ڊاڪٽر عاصم جھڙي نااھل چيئرمين ھائير ايجوڪيشن ڪميشن خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي بلڪه ھاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي خلاف آواز بلند نه ڪيائون.
اسين واپس اچون ٿا ملڪي صورتحال تي جنھن ۾ اڄ فقط اونداهه سامھون آھي. سھائيءَ جو ته ڪو ترورو به نه ٿو ڏسجي! ان ڪري ئي آئون مٿي لکي آيو آهيان ته جيڪڏهن نئين سر عام چونڊون ڪرائجن ته به سياسي اقتدار ۾ اچڻ جھڙين جن جن پارٽين جا نالا کڻندا ته اوهان کي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ئي ملندا.
مون کي عمران خان جي تازي ڪيل سخاوت تي به روئڻ ٿو اچي، جنهن پيٽرول ڊيزل ۽ بجليءَ جي اگھن ۾ پنج ڏهه روپيا گھٽائي حاتم طائي جھڙي سخيءَ جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. غريب ماڻهو کلئي عام چون ٿا ته وزير اعظم کي خدا جي خلق سان اھڙو ٽرڙپائيءَ وارو مذاق نه ڪرڻ گهرجي ھا. پاءُ اڌ اٽو کائيندڙ مسڪين ماڻهو سمجهن ٿا ته مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ اچي عمران خان تڙتڪڙ ۾ ھيءَ جيڪا سخاوت ڪئي آهي، سا قانوني طور تي اوگرا کي ڪرڻ گھرجي ھا، جيڪو ھڪڙو خودمختيار ادارو آهي. حقيقت ۾ ته پاڪستان اندر ڪوبه ادارو خودمختيار ناھي. سمورا سرڪاري ادارا، بينڪون ۽ خود حڪمران پاڻ به آءِ ايم ايف جا باندي ۽ قيدي آهن. ادارن جي اصل حيثيت ۽ پاڪستان جي صورت حال بابت ڪنھن شخص بنھه شاندار ليک لکيو آهي جنهن جو تت اهو آهي ته هن ملڪ جا ڪروڙين انسان انگريزن جي غلاميءَ مان اڄ به آزاد نه ٿيا آھن ۽ نه ئي اصل آزاديءَ جو ڪو گس ڏسڻ ۾اچي ٿو. ھن لکيو آهي ته:
پاڪستان جي تاريخ جا شروع کان وٺي چار مونجھارا نسل در نسل ماڻھن جو پيڇو ڪندا رهيا آهن.

  1. پاڪستان کي خطرو آهي.
  2. اسلام خطري ۾ آهي.
  3. ڪشمير اسان جو اڻٽٽ حصو آهي.
  4. ڪشمير کي حاصل ڪري دم پٽينداسين.
    انھن چئن مونجھارن مان جيڪي چار ٻچا پيدا ٿيا آهن، سي ھن ريت آھن:
    .1مذهبي ڪٽرپڻو
    2.حب الوطني جو آلاپ
    3.انتهاپسندي واري عسڪريت
    4.دھشتگردي.
    ھنن سوچن جي نتيجي ۾ جيڪي چار وڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن، سي آھن:
    .1چوڌاري خوف
    .2مرڪزيت
    3.آمريت
    .4ھٿيارن جو پکڙجڻ
    ھنن چئني براين جنميو آهي چئن وڌيڪ خوفناڪ بڇڙائين کي جيڪي ھي آھن:
  5. جمھوري سياسي ڪرپشن
  6. سياسي نا اهلي
  7. سماجي ڀڃ ڊاهه
  8. سياسي ۽ فڪري جھالت.
    ھنن چئن بيمارين کي پکيڙي ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سياست ۽ سياسي اڳواڻن بدران ھنن ڳالهين کي چڱو سمجهو:
  9. عسڪري قيادت جيڪا ملڪ کي خطرن کان بچائي ٿي.
  10. عسڪري رومانس
    3.عسڪريت جي واکاڻ
  11. نوان عسڪري ھٿيار ٺاهڻ تي جشن ملهائڻ.
    ھن قسم جي ڪاريگريءَ وسيلي گذريل مني صديءَ ۾ ڪروڙين ماڻهن کي ڏني ويئي آهي،
    1.غربت
  12. بيروزگاري
  13. اڻھوند
  14. تعليم جي بربادي
    ھن تباھيءَ واري ماحول ۾ ماڻهن کي سيکاريو ويندو آهي ته فلاڻو اٿئو:
  15. غدار
  16. ملڪ دشمن ۽ سيڪيورٽي رسڪ
  17. ڪافر
  18. قومي خزانو لٽيندڙ.
    ڇاھتر سالن کان وٺي اٻوجهه ماڻهن کي ھن چڪر ۾ ڦاسائي، معاشي، فڪري، جسماني ۽ روحاني طرح سان مفلوج ۽ جڏو ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button