ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنڌ ۽ يادن جو سفرI-

پنڌ هلڻ جي مون کي شروع کان عادت آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جي دور ۾ فلمن ڏسڻ جو شوق هوندو هو. بندر روڊ ۽ صدر جي سينيمائن تائين گھڻو ڪري پنڌ ويندو هوس. مون کي ياد آهي ته ريڊيو پاڪستان جي سامهون تاج محل سينيما ۾ سنڌي فلمون لڳنديون هيون. ان وقت ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ کان بندر روڊ جي رستي ٽرام صدر تائين ويندي هئي. آئون تاج محل سينيما تائين ته ٽرام ۾ اچي ويندو هوس. گھڻو ڪري آئون اڪيلو هوندو هوس ان ڪري واپسي ۾ منهنجي لا مسئلو هوندو هو. ان وقت بندر روڊ تي جيتوڻيڪ ٽريفڪ گھٽ هوندي هئي پر روڊ پار ڪري ٻئي پاسي وڃي ٽرام يا بس ۾ سوار ٿيڻ کان مون کي ڊپ لڳندو هو. ڏسندو هوس ته ڪو اهڙو ماڻهو ملي جنهن سان گڏجي روڊ پار ڪجي ۽ جيڪڏهين ڪو اهڙو ماڻهو نه ملندو هو ته پو بجائي روڊ پار ڪري ٻئي پاسي وڃڻ جي ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندو هوس ته پنڌ ئي گھر ڏانهن وڃجي.
همدرد وارن پاران اردو ۾ ٻارن جي لا همدرد نونهال جي نالي سان رسالو شائع ٿيندو هو ۽ شايد اڃا به ٿيندو هجي. ان رسالي ۾ ٻارن جي دلچسپي لا ٻين شين سان گڏ سوالن جو هڪ سلسلو هوندو هو. انهن سوالن جي صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا فوٽو ايندڙ پرچي ۾ ڏنا ويندا هئا. اسان ڪجھه دوست گڏجي انهن سوالن جا جواب ڳولهيندا هئاسين ۽ پو انهن کي رسالي جي ڏنل پتي تي موڪليندا هئاسين. جيئن ئي رسالي جي ڇپجڻ جو پتو پوندو هو ته اسان کي اڻتڻ هوندي هئي ته جلد کان جلد اهو اسان وٽ پهچي. پو جيسين اهو ويجھن نيوز اسٽالن تائين پهچي تيسين آئون پنڌ ئي پنڌ رسالي جي مختلف هنڌن تان پڇا ڪندو صدر تائين پهچي ويندو هوس ۽ نيٺ اهو وٺي ايندو هوس. ان وقت صدر جو ايمپريس مارڪيٽ ۽ ايلفي وارو علائقو پررونق هوندو هو جڏهين ته اڳتي ميٽروپول هوٽل جتي ريو، ريڪس ۽ پيلس سينيمائون هونديون هيون اتي سڃ پئي سٽون ڏيندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا ائين به ٿيو ته صدر ۾ هلندي ڪنهن ماڻهو مون کان ان علائقي جو پتو پڇيو. مون کيس ٻڌايو پر هن جو اصرار هو ته پاڻ کيس هلي ڏيکاريان. اها الائي منهنجي ڇهين حس هئي يا الائي ڇا هو مون کي لڳو ته هن ماڻهو جا ارادا صحيح ناهن ۽ ڪنهن ريت مون کي ڪنهن سنسان جا تي وٺي اغوا ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري مون ساڻس گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو. هاڻي به جڏهين آئون ان متعلق سوچيان ٿو ته مون کي لڳندو آهي ته مون ان وقت صحيح ڪيو هو.
لياري ۾ مختلف علائقن ۾ رهندڙ دوستن سان ملڻ لا وڃڻ ٿيندو هو. ان وقت ليمارڪيٽ کان لياري جي اندرين علائقن لا ٽانگا هلندا هئا. شايد ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اڃا به هلندو هجي. ان ڪري ڪڏهين ٽانگي پر اڪثر پنڌ ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن آزاد بلوچ وٽ سنگولين، جيڪو اٽڪل ٻه اڍائي ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، وڃڻ ٿيندو هو. ساڳي ريت اڙدو ۽ سنڌي جي اديب ۽ عوامي ادبي انجمن جي سيڪريٽري نور محمد شيخ وٽ علي محمد محلي ۾ پنڌ ئي وڃڻ ٿيندو هو. بلوچ قوم پرست ۽ ڪميونسٽ ليگ جو اڳواڻ لالا لعل بخش رند اسان جي گھر جي ويجھو ئي رهندو هو. ڪجھه عرصي کانپو اهي ساڳيا علائقا گينگ وار وارن جي قبضي ۾ اچڻ جي ڪري عام ماڻهن لا نو گو ايريا بڻجي ويا ۽ اهڙي ريت دوستن سان ملڻ وارو سلسلو به گھٽجي ويو.
يونيورسٽي ۾ وڃڻ کانپو پوائنٽ جي بس لا گھر کان ٽاور تائين پنڌ وڃڻو پوندو هو جڏهين ته واپسي ۾ ڪڏهين ٽاور ۽ ڪڏهين لي مارڪيٽ جي بس ۾ ايندو هوس ۽ اتان پنڌ گھر ايندو هوس. يونيورسٽي کانپو مون ڏيڍ سال کن سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ نوڪري ڪئي جنهن جي آفيس سنڌ اسيمبلي جي عمارت جي سامهون هوندي هئي ۽ شايد اڃا به اتي آهي. گھران ٽاور تائين پنڌ اچي اتان بس ۾ فريئر روڊ تائين ويندو هوس.
اسٽيٽ بينڪ ۾ اچڻ کانپو بس جي ضرورت ختم ٿي ويئي. اهو ٽاور تائين پنڌ ۽ اتان واپسي ان ڪري سجايو هوندو هو ته ويندي مهل مختلف نيوز اسٽالن تي اخبارن جون سرخيون پڙهڻ لا ترسندو هوس ۽ اهڙي ريت اهم ڳالهين جي صبوح ساڻ ئي خبر پئجي ويندي هئي. مون کي ياد آهي ته اهڙي هڪ خبر شاهنواز ڀٽو جي قتل جي هئي جنهن سڄو ڏينهن مون کي ڄڻ هڪ اداسي جي ڪيفيت ۾ وجھي ڇڏيو هو. واپسي ۾ گھر جي لا کير ۽ فروٽ وغيره ته وٺبو هو پر منهنجي هڪ ٻي عادت هوندي هئي. کارادر ۾ ايراني همشيري هوٽل هوندي هئي جتي هونئن به شام جو گھمندي ڪڏهين دوستن سان ته ڪڏهين اڪيلو چانهه پيئڻ لا ويهبو هو. ان سان لڳ ئي همشيري بيڪري هئي ۽ جيڪا شايد اڃا به آهي. اتان گھر جي لا گھربل سامان وٺڻ سان گڏ آئون پنهنجي کائڻ لا ڪا شي به وٺندو هوس ۽ پو اها کائيندو گھر پهچندو هوس.
اسٽيٽ بينڪ انڊسٽريل ڪريڊٽ ڊپارٽمنٽ جي نالي سان هڪ نئون شعبو کوليو هو جنهن جي آفيس شاهين ڪامپليڪس ۾ هوندي هئي. هتي منهنجي پوسٽنگ اٽڪل ڇهه سال کن رهي. هتي پهچڻ لا ڪڏهين ٽاور تان بس ۾ اچي ويهندو هوس پر اڪثر ڀيم پورا، لائٽ هائوس ۽ پاڪستان چوڪ کان ٿيندو اچي آفيس پهچندو هوس. ايم ڪيو ايم جي هڙتالن جي ڏينهن ۾ جڏهين سڄو شهر بند هوندو هو ۽ هڪ ڊپ ۽ هراس واري ڪيفيت هوندي هئي ته آئون پنهنجي آفيس ۾ هوندو هوس. گھڻن ماڻهن جي لا اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه هوندي هئي پر ان جو خاص ڪارڻ اهو هو ته جن علائقن مان منهنجو گذرڻ ٿيندو هو اهي گھڻو ڪري ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ سنڌين وغيره جا علائقا هئا جتي ايم ڪيو ايم جو گھڻو اثر نه هو. انهن علائقن ۾ جيتوڻيڪ دوڪان وغيره کليل هوندا هئا پر هڪ غيريقيني واري ڪيفيت هوندي هئي.
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار دستوري گڏجاڻين جي جا مختلف ڪارڻن جي ڪري لاڳيتو تبديل ٿيندي رهي. مون وائي ايم سي اي ۾ هڪ اڌ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي پر منهنجي سرگرم ٿيڻ کانپو اهي گڏجاڻيون گھڻي ڀاڱي هوٽل ميرينا ۽ پو سگا ۽ اداره امن و انصاف جي رمپا پلازه جي آفيسن ۾ ٿينديون رهيون. اهي گڏجاڻيون خميس تي شام جو ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ خميس بينڪن لا اڌ ڏينهن هوندو هو. ان ڪري بينڪ مان هڪ وڳي فارغ ٿي آئون گھر هليو ويندو هوس. ماني کائي ٿوري دير آرام ڪري اٽڪل چئين وڳي کن گڏجاڻي لا نڪرندو هوس. ليمارڪيٽ کان صدر جي ويگن ۾ ويهندو هوس. جيئن ته گڏجاڻي جي وقت کان اڳ صدر پهچندو هوس ان ڪري ريگل يا ايمپريس مارڪيٽ تي لهي پوندو هوس. منهنجو پهريون ڪم چوڌري فرزند علي جي قلفي ۽ ان جي ڀر ۾ سموسن جي دوڪان تان سموسا وغيره کائڻ هو. ڪڏهين ان جي سامهون پشاوري آئسڪريم جو چڪر هڻندو هوس. ان کانپو مختلف ڪتابن جي دوڪانن جهڙوڪ اوڊين سينيما جي سامهون ٿامس اينڊ ٿامس، ايلفي تي ساسي ۽ پاڪ آمريڪن وغيره ويندو هوس. پر منهنجي اصل دلچسپي ميرينا هوٽل جي ڪمپائونڊ ۾ اسٽينڊرڊ پبلشنگ هائوس ۾ هوندي هئي جتي سوويت يونين جا ڪتاب ِ۽ رسالا وغيره ملي سگھندا هئا. هتي گھڻي اچ وڃ جي ڪري دوڪان جي بنگالي مالڪ سان هڪ دوستي وارو ناتو ٿي پيو هو. مختلف ڪتاب وٺڻ کانسوا مون وٽ ڪجھه رسالن جهڙوڪ نيو ٽائمز ۽ ايشيا آفريڪا وغيره جي سبسڪرپشن به هئي جيڪي هتي دوڪان جي اِيڊريس تي ئي ايندا هئا. ان ئي ڪمپائونڊ ۾ فهميده رياض ۽ ظفر اڄڻ جي رسالي آواز جو دفتر به هو جتي اڪثر منهنجو ساڻن ملڻ ۽ ٻين ڪمن سان وڃڻ ٿيندو هو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button