ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آخري مرحلي ۾ داخل ٿيندڙ بي اعتمادي رٿ

بي اعتمادي بابت جيڪي حالتون تيار ٿيڻ لڳيون هيون، لڳي ٿو اهي هاڻي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. هڪ پاسي پيپلز پارٽي جو لانگ مارچ جاري آهي ته ٻئي طرف بي اعتمادي رٿ جي معاملي کي به آخري شڪل ڏني پئي وڃي. حڪومت مخالف پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته “تحريڪ جي ڪاميابي جي لا اسان وٽ نمبر پورا آهن، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، سمورن اسيمبلي ميمبرن کي اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.”
ميڊيائي رپورٽن موجب اپوزيشن جي 9 رڪني ڪميٽي حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي ريڪيوزيشن جمع ڪرائڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. اپوزيشن جي قائم 9 رڪني ڪميٽي تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جي لا ريڪيوزيشن جمع ڪرائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ميڊيائي ذريعن جي دعويٰ آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ريڪيوزيشن 48 ڪلاڪن ۾ جمع ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن دعوى ڪئي آهي ته نمبر گيم مڪمل ٿي وئي آهي، جلدکان جلد بي اعتمادي جي رٿ آندي ويندي، ٽنهي پارٽين حڪومتي ميمبرن سان ٿيل اڳڀرائي ڪميٽي جي آڏو رکي آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهين دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورن اپوزيشن پارٽين جو موجوده حڪومت کي ڪيرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، اسان جو موقف آهي ته سر وڃي پو بهار اچي يا نه اچي. ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اپوزيشن جي ڪميٽي ايندڙ 2 ڏينهن ۾ حتمي سفارشون ڏيندي، بي اعتمادي واري رٿ ۽ اجلاس جي ريڪيوزيشن ٻنهي تي غور ٿي رهيو آهي. اپوزيشن پارٽيون حڪومت جي اتحادين تي دارومدار نه پيون ڪن پر انهن جو دارومدار انفرادي شخصيتن تي آهي. حڪومت ڪيرائڻ بعد نئين حڪومت جي قيام بابت اڃا تائين ڪي به ڳالهيون ناهن ٿيون، بي اعتمادي رٿ کان پهرين ڪنهن به اندروني تڪرار ۾ پوڻ نه ٿا چاهيون. اسٽيبلشمينٽ جو مون سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو، باقي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي سان اسٽيبلشمينٽ جي رابطي جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ناهي. ظاهري طور تي امپائر نيوٽرل نظر اچي رهيو آهي پر اسان کي امپائر کان ڪابه مدد ناهي وٺڻي. مخالف ڌر جي قيادت پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن انتهائي اهم آهن، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ وڏي خوشخبري اچڻ جو امڪان آهي. حڪومتي اتحادين سان به مسلسل رابطي ۾ آهيون، تحريڪ عدم اعتماد ۽ اجلاس جي ريڪيوزيشن ٻنهي تي غور ڪيو پيو وڃي، اسان جي قانوني ٽيم رابطي ۾ آهي، سمورا معاملا غور هيٺ آهن. مان 100 سيڪڙو يقين سان چئي رهيو آهيان ته تحريڪ عدم اعتماد تي هن ڀيري ڪاميابي يقيني آهي.” وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي ڪاميابي بعد ڪنهن کي ڇا ملندو واري سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته “ڇا توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيون؟ ايترو ڪافي آهي، هاڻ اپوزيشن ۾ ڪنهن به نقطي تي ڪوبه اختلاف ناهي، اپوزيشن سمورن حل طلب معاملن تي اتفاق را ڪري اڳتي پهچي وئي آهي، اپوزيشن پنهنجي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.”
نواز شريف وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي معاملي تي شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. چيو پيو وڃي ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي اپوزيشن جي ٽن مک اڳواڻن ۾ تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ تي به اتفاق جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. ميڊيائي ذريعن موجب: “پيپلز پارٽي تڪڙين چونڊن بدران آئيني مدو پورو ڪرڻ تي بضد هئي ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن به آئيني مدو پورو ٿيڻ جو چارٽر آف ڊمانڊ ڏنو هو. ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ تڪڙين چونڊن تي راضي نه هيون. پيپلز پارٽي حڪومتي اتحادي پارٽين جي موقف جي حامي هئي. تڏهن به هاڻي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي اپوزيشن ۾ ڊيڊلاڪ ختم ٿي ويو آهي ۽ پي ڊي ايم پيپلز پارٽي کي تڪڙين چونڊن تي قائل ڪري ورتو آهي. اپوزيشن پارٽين ۾ ڊيڊلاڪ جي ڪري ئي بي اعتمادي جو معاملو سست رفتاري ج شڪار ٿي ويو هو.” مطلب ته هاڻي بي اعتمادي جي رٿ آڏو جيڪا وڏي رڪاوٽ هئي اها به ختم ٿي وئي آهي.
بلاول ڀٽي زرداري جو چوڻ آهي ته “عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي، هو ڪرسي ڇڏڻ کانپوءِ لنڊن ڀڄڻ وارو آهي. عمران خان اسان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو، کيس برداشت نه ڪنداسين. اسان جي هٿ ۾ بي اعتمادي رِٿ جو جمهوري هٿيار آهي، سليڪٽيڊ کي وڃڻو پوندو. سڀني صوبن جو عوام هن وقت تڪليف ۾ آهي. هر شخص جي زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي، تبديلي جو نعرو تباهي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. هي نئون نه مهانگو پاڪستان آهي. حڪومت ووٽن سان ٺهي ها ته ان کي احساس به هجي ها، امپائر جي آڱر سان ٺهيل حڪومت ٺهي ته ان کي عوام جي پرواهه ناهي هوندي. تبديلي آڻيندڙ تبديلي جي نالي تي بحران پيدا ڪيو، هٿ ٺوڪيو عوام ڏانهن نه امپائر ڏانهن ڏسندو آهي. عمران خان! حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ميڊيا جو ڪم هوندو آهي. اهي ڪير آهن چوڻ وارا ته اسان تي تنقيد نه ڪيو، اسان کي ان سليڪٽڊ ۽ هٿ ٺوڪئي نظام جو خاتمو ڪرڻو آهي. حق وٺڻا نه کسڻا آهن. حڪومت تان عوام جو اعتماد کڄي چڪو آهي، بجلي ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ ڊرامي بازي آهي. عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي. هاڻي پنجاب ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، دما دم مست قلندر ٿيندو. عوام کانپوءِ پارليامينٽ جو به ڪٺ پُتلي حڪمرانن تان اعتماد کڄڻ گهرجي، عوام ساٿ ڏنو ته عمران خان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. عمران خان ڪنهن کي ناهي ڇڏيو، هر ماڻهو جي زندگي عذاب ڪئي اٿس. عمران خان کان حساب وٺڻ اسلام آباد وڃي رھيا آھيون. جيڪو شخص ڪرسي تي ويٺو آهي، ان جو مستقبل نه آهي.”
جيئن جيئن بي اعتمادي جي رٿ جو معاملو آخري مرحلن ۾ داخل ٿي رهيو آهي تيئن تيئن حڪومتي ساٿارين جا به تيور بدلجي رهيا آهن. ان ڏس ۾ تازي پيشرفت اها آهي ته وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر يار محمد رند پنهنجي عهديٰ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ موجب يار محمد رند بلوچستان ۾ آبي وسيلن واري وزارت، پاور ۽ پيٽروليم بابت معاملن لاءِ وزيراعظم جو خاص مددگار آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي يار محمد رند چيو ته “آئون پنهنجي استعيفيٰ 2 ڏينهن اڳ وزيراعظم کي موڪلي چڪو آهيان. وفاقي وزيرن بلوچستان جي معاملي تي ڪڏهن مون سان ڪو رابطو نه ڪيو. مون کي بلوچستان جي معاملي تي ٿيندڙ ڪنهن اجلاس ۾ گهرائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي. مان اڳ به وزيراعظم جي خاطري تي استعيفيٰ واپس ورتي هئي پر هاڻ وري استعيفيٰ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button