يوڪرين ۾روس جي فوجي آپريشن خلاف گڏيل قومن قرارداد منظور ته ڪئي آهي پر اها قرارداد اهڙي زره ناهي، جيڪا روس جا راڪيٽ روڪي سگهي. اها قرارداد اهڙو قانون ناهي، جيڪو روسي فوج جا قدم قابو ڪري سگهي. گڏيل قومن جو ادارو گهڻي وقت کان وٺي هڪ اهڙو بين الاقوامي سرڪاري ادارو بڻجي چڪو آهي، جنهن جو ڪم فقط پنهنجو رڪارڊ درست رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڳالهه فقط يوڪرين ۽ روس جي ناهي. پر ايتري وقت کان وٺي جيڪو ڪجهه يمن ٿي رهيو آهي، ڇا اهو قابل افسوس ناهي؟ ان کان اڳ ۾ جهڙي ريت هٿ وٺي شام جهڙي ملڪ کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪيو ويو، ڇا ان تي گڏيل قومن جي ماٺ قابل مذمت نه هئي؟ گڏيل قومن جو اصل امتحان ته ان وقت هو، جڏهن عراق تي لڳايل آمريڪي الزام ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ عراق جي مٿان ڪارپيٽ بمباري ڪندڙ ملڪ جي مذمت به نه ڪئي وئي، جڏهن ته آمريڪا کي ان ڏوهه جي سخت سزا ملڻ کپندي هئي ۽ افغانستان ۾ گهڙي ان کي ٻن ڏهاڪن تائين پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ ۽ پوءِ ڏکين بکين افغانين کي بي آسرو ڇڏي ڀڄڻ واري عمل کي ڪهڙي عالمي اخلاقيات ڪنهن قانون جي طور تي قبول ڪري ٿي؟
دنيا ۾ هن مهل تائين جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان تي گڏيل قومن جي اداري فقط نالي ماتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. گڏيل قومن جي اداري ته نه غزا جي فلسطينين کي اسرائيلي حملن کان محفوظ رکيو ۽ نه ميانمار جهڙي ڪمزور ملڪ جي ظلم ۽ جبر کان روهنگيا مسلمانن کي بچائي سگهيو. گڏيل قومن جو ادارو گذريل صديءَ کان وٺي پنهنجي وجود جي ضرورت ثابت ڪرڻ جي سلسلي ۾ بلڪل ناڪام ٿيو آهي ۽ هن وقت به هن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. ان حوالي سان يوڪرين يا يوڪرين جي حامي ملڪن توڙي حلقن کي گڏيل قومن جي حوالي سان ڪنهن به طرح جي اميد نه رکڻ گهرجي. پر اهو ضرور آهي ته گڏيل قومن جو ادارو اهو منارو ضرور آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي بيٺل هڪ ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جو ڪڪڙ پنهنجو پنهنجو پڇ کڙو ڪري، ڏيکاريندو آهي ته ڪهڙي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪهڙي آهي؟ ان حوالي سان هن ڀيري ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ عمل ٿيا آهن. ڇا اها ڳالهه اچرج جهڙي ناهي ته هڪ ٻئي جي وجود کي قطعي طور تي برداشت نه ڪندڙ ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ٿيندڙ ۽ هڪ ٻئي کي عالمي فورمن تي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ ڏکڻ ايشيا جي ٻن ملڪن يعني پاڪستان ۽ ڀارت جي روس يوڪرين معاملي تي ساڳي پاليسي آهي.
ننڍي کنڊ جي ٻن ملڪن جي اهڙي رويي تي يورپ توڙي آمريڪا جي خاموشي به معنيٰ خيز آهي. اها به تمام عجيب ڳالهه هئي ته روس يوڪرين خلاف پنهنجو فوجي آپريشن ان وقت شروع ڪيو، جڏهن پاڪستان جو وزير اعظم عمران خان ماسڪو ۾روس جو مهمان هو. هونءَ ته پاڪستان جي حساس ادارن کي به روس يوڪرين معاملي جي حساسيت جو مڪمل احساس هوندو پر ڇا روس کي خبر نه هئي ته هو ڪهڙي ڏينهن تي ڪهڙو قدم کڻندو؟ ڇا هن پاڪستان کي اڳ ۾ اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي هوندي؟ سفارتڪاريءَ جي دنيا اهڙا اتفاق افورڊ ڪري نه سگهندي آهي. پاڪستان جو روس ۾ ان وقت هجڻ به تاريخ جو عجيب لقاءُ هو. ڇو ته سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ روس جو عالمي طاقت کان گهٽجڻ واري عمل ۾ پاڪستان جو به اهم ڪردار هو. هن وقت جڏهن روس ۽ آمريڪا يوڪرين جي معاملي تي “هيءَ گوءِ هو ميدان” واري صورتحال ۾ وڃي چڪا آهن ته ان وقت پاڪستان جي خاموشي بظاهر آمريڪا جي خلاف نه هجڻ جي باوجود به روس جي حمايت ۾ آهي. ڇو ته هن وقت آمريڪا جي پاليسين سبب چين ۽ روس هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو اچي چڪا آهن، جو روس يوڪرين واري ڪارروائي ڪجهه ڏينهن ان ڪري به روڪي ته جيئن چين ۾ هلندڙ سرديءَ وارين راندين ۾ ڪو رخنو نه پوي.
ڀارت آمريڪا کان ان ڪري به ناراض آهي جو هو سمجهي ٿو ته آمريڪا جي رويي سبب روس ۽ چين پاڻ ۾ ويجهو اچي ويا آهن ۽ اها صورتحال ڀارتي مفادن وٽان ناهي. يوڪرين واري معاملي تي ڀارت به خاموش آهي ۽ اسان وارو ملڪ به ماٺ آهي. بظاهر نه يوڪرين واري اشو تي پاڪستان ۽ ڀارت هڪ پيج تي بيٺل نظر اچن ٿا پر اصل ۾ ٻنهي ملڪن جي ماٺ کان سبب الڳ الڳ آهن. ڀارت ان مامري تي ان ڪري ماٺ آهي جو هو نه ٿو چاهي ته روس ۽ چين هڪ ٻئي سان ويجهو ٿين. ڀارت جا چين سان تعلقات تلخ آهن. لداخ واري بارڊر تي هن وقت ايتري باهه ڀلي نه ٻري پر پوءِ به ڪجهه وقت اڳ ۾ جيڪي لاش ڪريا هئا ۽ جهڙي ريت سيز فائر واري معاهدي جو موت واقع ٿيو هو، اهو سڀ ڪجهه ڀارت لاءِ برداشت ڪرڻ جي قابل نه هو ۽ ڀارت جو روس سان تعلق اڄوڪو ناهي. گذريل مني صديءَ کان وٺي ڀارت ۽ روس هڪ ٻئي سان تمام گهڻو ويجهو رهيا آهن. جيڪڏهن روس ۽ ڀارت جي لاڳاپن جي ڪا ٽائيم لائين ليڪي وڃي ته روس ۽ ڀارت جو تعلق وقت سان گڏ وڌندو نه پر گهٽبو نظر ايندو پر اڄ به ڀارت ۽ روس جا پاڻ ۾ تمام گهڻا دفاعي معاهدا آهن ۽ ڀارت جي فوج وٽ جيڪا هٿيار آهن، انهن مان گهڻن جي ساخت روسي آهي. ان ڪري ڀارت روس سان هلڻ جي سلسلي ۾ مجبور آهي پر اها مجبوري پاڪستان جي ناهي. پاڪستان جي روس سان ويجهڙائي بنهه نئون معاملو آهي. پاڪستان سدائين روس جي مخالف ڪيمپ ۾ رهيو آهي ۽ هن وقت جيتوڻيڪ هو روس جي هنج ۾ نه ويٺو آهي پر پاڪستان جي روس سان قربت هر ڪنهن کي نظر اچي ٿي ۽ ان تي آمريڪا جي خاموشي تعجب ۾ وجهڻ واري آهي. ممڪن آهي ته پاڪستان آمريڪا کي اهو ڏيکاريندو هجي ته جيڪڏهن آمريڪا هن لاءِ ويڳاڻو بڻجي سگهي ٿو ته هو به روس سان هٿ ملائي سگهي ٿو.
روس ۽ پاڪستان جي ويجهڙائپ ۾ چين جو ڪردار نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستان جهڙي ريت آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي ايلاز ڪيا ته افغانستان جي حوالي سان ڪجهه دل کي ڪشادو ڪيو پر هن مهل تائين اولهه افغان معاملي تي جيڪا پنهنجي اکين ٻوٽ پاليسي پڌري ڪئي آهي، اها پاڪستان لاءِ تمام مشڪل آهي. ممڪن آهي ته چين پاڪستان کي چيو هجي ته افغان معاملي تي هو روس سان گڏجي هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ممڪن آهي. ڇو ته هن مهل تائين ڪنهن به طرف کان ڪو اعلان نه ٿيو آهي. فقط اشارا آهن. اشارن جو مطلب ته ڪوئي ڪهڙو به وٺي سگهي ٿو!
پاڪستان جو هڪ عجيب مسئلو آهي. پاڪستان آمريڪا کان به منهن موڙي نه ٿو سگهي ۽ پاڪستان چين کي به “نه” چئي نه ٿو سگهي. پاڪستان ٻن ملڪن جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي جيتري قوت نه ٿو رکي. ان ڪري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تمام گهڻي پيڙا جو شڪار آهي پر پاڪستان جي يوڪرين واري معاملي تي ماٺ جو مطلب هن مهل تائين کليل طور تي آشڪار ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي رياستي پاليسيءَ جي ترجماني ڪندڙ بظاهر آزاد سياسي مبصر به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جهڙي ريت ماسڪو جي طرفداري ڪري رهيا آهن ته ان مان ايندڙ وقت جي حوالي سان پنهل جي پيرن جو اندازو ٿيڻ به گهرجي پر پاڪستان جي هن وقت واري پاليسيءَ عالمي فڪر جي پيشانيءَ تي گهڻا گهنج وجهي ڇڏيا آهن.
روس ۽ يوڪرين واري جنگ تي پاڪستان جي نه رڳو سرڪار خاموش آهي پر اها پاڪستان جي رياستي پاليسي طور تي نظر اچي رهي آهي. پاڪستان روس يوڪرين معاملي تي نه رڳو پنهنجي ميڊيا پر پنهنجين سياسي پارٽين جي حوالي سان به مڪمل طور تي ماٺ آهي. پاڪستان جي سرڪار ته ڪنهن مام سبب پنهنجي وات ۾ مڱ ڀري سگهي ٿي پر ان مسئلي تي پاڪستان جي مخالف ڌر وارين پارٽين جي ماٺ ڇو آهي؟ هو ان مسئلي تي هڪ پاسي ڇو نه ٿيون ٿين؟ ڪنهن به پارٽيءَ جو ڪو به موقف ٿي سگهي ٿو. پر پاڪستان جي مخالف ڌر جون پارٽيون به پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ کي پاڪستان جي رياستي پاليسيءَ جو اڻٽٽ حصو سمجهندي، پنهنجا حق واسطا ان معاملي تان ختم ڪري چڪيون آهن. پاڪستان جي سرڪاري پارٽيءَ جي ته مجبوري سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي پر پاڪستان جي غيرسرڪاري پارٽين کي ان باري ۾ ڪهڙي پريشاني آهي؟ سواءِ ان جي ته هو پرڏيهي پاليسين کي هن مهل به اسٽيبلشمينٽ جي اک سان ڏسن ٿيون. ان ڪري انهن جو موقف ماٺ آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ انهن کي سمجهڻ گهرجي ته ماٺ به هڪ موقف آهي. اهو ضروري ناهي ته موقف سدائين گرجدار هجي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو موقف پنهنجو اظهار خاموشيءَ جي ٻوليءَ ۾ به ڪندو آهي ۽ سياست جي عالمي تاريخ تي تڪڙي نظر وجهڻ سان به اها ڳالهه مڪمل طور تي سمجهه ۾ اچي ويندي ته ڪمزور قوتن جو موقف ماٺ واري ٻوليءَ ۾ هوندو آهي.
روس يوڪرين مسئلو گهڻو وقت تائين نه گهلجڻ افورڊ نه ٿوڪري سگهي. اهو مامرو جلد ڪا ٺوس صورت اختيار ڪندو ۽ اها صورت آمريڪي امنگن وٽان نه هوندي. ڇو ته روس جنهن نقطي تي پنهنجي فوج کي هلي پوڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهو نقطو اڪثر ملڪن جي مفادن جي ترجماني ڪري ٿو. عالمي سياست اهو برداشت ڪري نه ٿي سگهي ته ڪو ملڪ دنيا جي ڪنهن وڏي طاقت سان دفاعي معاهدو ڪري پاڙيسري ملڪ جي پاسي ۾ هٿيارن جا انبار ڪٺا ڪري. جڏهن ته آمريڪا جا انگل ڪجهه ٻي قسم جا هوندا آهن. آمريڪا غلط ۽ صحيح فقط پنهنجن مفادن جي حوالي سان سمجهندو آهي. آمريڪا جن ملڪن جي مدد ڪندو آهي، انهن کي ڪو قدم کڻڻ کان اڳ ۾ مطمئن ڪرڻ به پنهنجي توهين سمجهندو آهي. آمريڪا مجبور ملڪن کان فقط اهو پڇندو آهي ته اوهان مون سان آهيو يا نه؟ ڇا يوڪرين اشو تي آمريڪا پاڪستان کان اهو پڇيو هوندو ته مون سان گڏ آهين يا نه؟
هن منجهيل صورتحال ۾ اهو مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کان اهو سوال پڇيو هجي يا پنهنجي ايشيائي اتحاديءَ تي اصرار ڪيو هجي ته هو سندس ساٿ ڏئي!!