شوبز

پاڪستان جو سينيئر اداڪار مسعود اختر لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جو سينيئر اداڪار مسعود اختر وڏي عرصي تائين بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق ٽي وي ڊرامن، اسٽيج ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مسعود کي اختر ڦڦڙن جي ڪينسر سبب 28 جنوري تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن ڪالهه دم ڏئي ڇڏيو آهي، سندس تدفين لاهور ۾ ڪئي ويندي. مسعود اختر 5 سيپٽمبر 1940ع ۾ جنم ورتو، هن 1960ع ۾ شوبز دنيا ۾ پير رکيو. جڏهن تھ 82 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪندڙ مسعود اختر کي سندس شوبز خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ پڻ مليو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button