ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي گھر روانگي لاءِ تياريون؟

ھينئر جيڪڏھن 10 شھرين کان عمران خان جي مستقبل ۽ حڪومت جي گھر روانگي بابت پڇيو وڃي تھ 8 شھرين يا 80 سيڪڙو جي راءِ ايندي تھ نھ فقط عمران خان جو سياسي مستقبل ناھي، پر ھن جي خراب حڪمراني، وزير اعظم کي ڪٿان جو بھ نھ ڇڏيو آھي. ھن ماضي ۾ جيڪي سٺي حڪمراني ۽ احتساب جون دعوائون ڪيون ھيون، اھي سموريون ھوا ۾ ڪافور ٿي ويون آھن. حڪومت جي ساڍن ٽن سالن جي حاصلات گھٽ ۽ ناڪاميون وڌيڪ آھن، خاص ڪري عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪي اھڙا جوڳا قدم نھ کنيا ويا، جيڪي عمران خان کي سٺو حڪمران ثابت ڪري سگھن. ھي ڪو پھريون ڀيرو نھ ٿيو آھي تھ ملڪ ۾ خراب حڪمراني سبب عام ماڻھوءَ کي پريشاني ٿي ھجي، ان کان اڳ رھندڙ حڪمران بھ ڪي بھتر نھ ھئا، پر ايترا بدتر بھ نھ ھئا جو عام ماڻھو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿيا ھجن. عمران خان جي حڪمرانيءَ جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ بھ مڃين ٿا تھ حڪومت جا عوام دشمن قدم پنھنجي جاءِ تي پر ان جي انا، ھٺ ۽ ايستائين جو جيڪي کيس اقتدار ۾ وٺي آيا، انھن کي اکيون ڏيکارڻ واري معاملي، عمران خان جا پير اکوڙي ڇڏيا. ھي سموريون ڳالھيون مخالفن جي موقف کي نھ فقط ھٿي ڏين ٿيون، پر ان سان گڏ حڪومت کي ڏيڍ سال اڳ گھر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جواز فراھم ڪن ٿيون.
سياسي پنڊت ڪافي عرصي کان چوندا رھيا تھ عمران خان جي حڪومت کي جيڪڏھن ڪو خطرو پيدا ٿيو تھ اھو اندروني ھوندو. انھن مطابق اھڙي پارٽي جيڪا سياسي عمل يا جدوجھد مان گذرڻ کانسواءِ اقتدار جي ايوانن تي پھتي ھجي يا اھڙي پارٽي، جنھن جي عوامي سگھه پنھنجي طاقت بدران اوڌر جي ورتل نمائندن تي ھجي تھ اھڙي پارٽيءَ جي حڪومت جٽادار ٿي نٿي سگھي. اھي چونڊيل نمائندا، جيڪي ڪيترن ئي گھاٽن جو پاڻي پي حڪومت جو حصو بڻيا، انھن کي خبر ناھي، ڪٿان ڪٿان وائرس لڳل ھوندا. انھن جي سوچڻ جي انداز کان وٺي، عمل ڪرڻ جي طريقيڪار تائين،انھن جي وفادار رھڻ ۽ وفاداري تبديل ڪرڻ تائين جيڪي ويليوز ھونديون، اھي بھ گھڻيون مضبوط نھ ھونديون. اصول پرستي ھونئن بھ ھن ملڪ جي سياست ۾ نھ ھجڻ جي برابر رھي آھي، اھاَ بھ عام ڳالهھ آھي تھ سياسي دوست ۽ دشمن جو تصور بھ تبديل ٿيندڙ آھي، ان ڪري خاص ڪري اليڪٽيبلز، جن جون واڳون ڪنھن ٻي قوت وٽ ھونديون آھن، اھي تھ وفاداري تبديل ڪرڻ ۾ دير ئي نھ لڳائيندا آھن. ھن ڀيري عمران خان سان بيوفائي رڳو اھي نھ ڪري رھيا آھن، جيڪي ان سان سالن کان گڏ رھيا، پر انھن جو انگ وڌيڪ آھي، جن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪري عمران خان کي وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويھاريو ويو ھو.
ھينئر روايتي مخالف پ پ ۽ (ن) ليگ ھجن يا انھن جا اتحادي عوامي نيشنل پارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ جي يو آءِ، ان سان گڏ اھي سمورا ننڍا وڏا اڳواڻ، جيڪي پنھنجن علائقن ۾ سگھارا آھن يا اھي جيڪي ٻنھي اھم سياسي قوتن سان وفاداريون نڀائيندا رھيا آھن، سڀ ھڪ طرف آھن. حڪومت جا اتحادي جن تي پڻ اعتبار ڪري نٿو سگھجي، اھي بھ وفاداريون تبديل ڪرڻ جي مڪمل تاريخ رکن ٿا، ڇاڪاڻ تھ اھي بھ سدائين پنڊي ۽ پشاور مان فون ڪالز جي انتظار ۾ رھندا رھيا آھن، انھن جون پنھنجون پارٽيون بھ سُسي مختصر ٿي ويون آھن ۽ عوامي سطح تي انھن کي ايتري موٽ نھ ملي رھي آھي، جيڪا حقيقي يا غير حقيقي طور تي حمايت حاصل ھئي، ھي سڀ وچ رستي تي آھن. اھي اھڙا اتحادي آھن، جيڪي ھڪ ئي وقت حڪومت توڙي مخالف ڌر، ٻنھي سان رابطي ۾ آھن. ائين چئجي تھ حڪومت جون اتحادي ڌريون ٻن ٻيڙين ۾ سوار آھن. ٻنھي ڌرين جي اتحادين جي بھ پنھنجن اختلافن جي الڳ تاريخ رھي آھي، ھڪڙا تھ آھن ئي ريموٽ ڪنٽرول تي، ٻيا وري پنھنجن اڳوڻين يا مدر پارٽين کان ناراض ٿي نڪتل آھن، اھي گھڻو ڪري Party less ٿي ويا. ائين جيئن ڪجهھ عرصو اڳ ۾ دنيا جا ڪيترائي ويڙھاڪ وري state less elements ٿي ويا ھئا. انھن جو ڪنھن نھ ڪنھن ڌر يا پارٽيءَ ۾ رھڻ ضروري ٿي ويندو آھي، انھن کي اصل ۾ پنھنجن مفادن جو دفاع ڪرڻو ھوندو آھي. ان ڪري ھو ھر چڙھندڙ سج جا پوڄاري ھوندا آھن، انھن جي سياسي ۽ عوامي تحفظ جو اھو ئي گس يا رستو آھي. اھڙين ڌرين ۾ گھڻو ڪري وڏيرن، چوڌرين، جاگيردارن، سرمائيدارن، برادرين جي چڱن مڙن، ڏتڙيل سياسي گروپن کانسواءِ مذھبي ڌرين جا پارٽين کان الڳ ٿيل، انتھاپسندن تنظيمن ۾ رھڻ يا انھن سان ھمدردين سبب خطري ھيٺ رھيا آھن. انھن لاءِ بھ وقت جي حڪومت پناهه گاهه ٿيندي آھي. جيڪڏھن ائين چئجي تھ سياسي، مذھبي ڌريون ۽ پيرن جون گاديون آھن، جيڪي پنھنجن مفادن کي سامھون رکندي، ڌرين جي حمايت يا مخالفت ڪنديون آھن. انھن ڌرين ۾ اھڙا اڳواڻ بھ شامل آھن، جيڪي مخالف پارٽين ۾ ھجڻ باوجود ساڳي مذھبي گاديءَ کان آشيرواد حاصل ڪندا آھن، ھي سموري ملڪ جو وڏو نيٽ ورڪ آھي، جنھن کي ڳجھا ادارا ۽ طاقتور حلقا ڪنٽرول ڪن ٿا. ائين چئجي تھ طاقتور ڌرين جو ڪنٽرول بھ انھن وٽ آھي، جيڪي عمران خان کي اقتدار ۾ وٺي آيا ۽ ھاڻ کيس بي يارومددگار ڪري رھيا آھن. ھينئر توڙي جو حڪومتي صفن مان ھي خبرون بھ اچن پيون تھ وزير اعظم سياسي نظام تي آپگھاتي حملو ڪري سگھي ٿو ۽ اھم ادارن جي اندر بھ گھڻو ڪجھه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آھي، جيڪڏھن ائين ٿيو تھ ان جي قيمت جيڪا نواز شريف ادا ڪئي، اھا عمران خان کي بھ ادا ڪرڻي پوندي.
ھينئر عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙي ڪرڻ لاءِ جيڪي تياريون ڪافي عرصي کان جاري آھن، ھينئر توڙي جو ھو عمران خان جي حڪومت کي گھر روانو ڪرڻ ۽ شفاف چونڊن ڪرائڻ واري معاملي تي متفق آھن، ان جي باوجود سيڪنڊ ۽ ٿرڊ رينڪ قيادت ۾ اھڙا اڳواڻ موجود آھن، جيڪي سياسي ڌرين جي ھڪ پليٽ فارم تي ھجڻ تي خدشن جو اظھار ڪن ٿا. انھن ۾ ڪيترائي اھڙا آھن، جيڪي اليڪٽيبلز آھن، يا وري انھن جون واڳون ڪنھن طاقتور ڌر جي ڪنھن گروپ جي ھٿ ۾ آھن. ماضي ۾ ان نوعيت جو اظھار چوڌري نثار علي جي صورت ۾ سامھون آيو ھو. ھاڻ شاھد خاقان عباسي، خواجا آصف ۽ احسن اقبال ۽ ڪجھه ٻيا آھن، جيڪي ماضي جي گس تي ھلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر انھن کي پارٽي قيادت جي آشيرواد حاصل ناھي. ھينئر بھ شھباز شريف توڙي جو (ن) ليگ جي پھرين صف جو اڳواڻ ۽ مستقبل جي وزير اعظم جو اميدوار آھي، ان جي باوجود ھو گوھيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري پيو، ڪجھه حلقا چون ٿا تھ شھباز شريف ڪيترن ئي معاملن ۾ پنھنجي ڀاءُ نواز شريف کان پوئتي آھي، پر سمورن فيصلن ۾ شامل آھي. ٻئي طرف حڪومتي صفن ۾ وڌيڪ ڳڙٻڙ آھي، عمران خان پنھنجي عددي اڪثريت برقرار رکڻ لاءِ آرڊيننسز جو سھارو وٺڻ جا بھ اشارا ڏئي ٿو ۽ ان سان گڏ ھڪ اداري پاران مخالف ڌر جي اھم اڳواڻن آصف زرداري ۽ شھباز شريف کي اڻ ڌرئي ھجڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ھو ان شخص کي استعمال ڪرڻ گھري ٿو، جنھن جي تازي مقرري، عمران خان جي روئيداد خان ثاني، اعظم خان جي سفارش ٿي ھئي. ھي ٻئي ڪلاس فيلوز بھ آھن ۽ اندرين حلقن ۾ اھم حيثيت بھ رکن ٿا. پر اھم ادارن جي اندر ظاھري طور Chain of command جي دعويٰ تھ ڪئي ويندي آھي، پر گروپنگ گھڻي ھوندي آھي. اتي بھ مختلف آفيسر، اڳوڻين حڪومتن جا مقرر ڪيل ھوندا آھن،ان ڪري انھن جون وفاداريون انھن سان ھجڻ فطري ڳالھه آھي، ان ڪري فقط ڪنھن بھ اداري جي سربراهه جي حڪومت جو حامي ھجڻ ڪافي ناھي، ساڳي ريت، مختلف سويلين ۽ نان سويلين ادارن ۾ بھ ٽڪراءُ ٿيندو آھي ۽ اھي ھڪٻئي لاءِ واچ ڊاگ جو ڪم ڪندا آھن، اھڙي صورتحال ۾ جيڪا بھ Move ھوندي آھي، ان کي سموريون ڌريون محسوس ڪنديون آھن. ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ آسان ناھي تھ فقط ڪجھه ادارن جي حمايت سان ڪابھ حڪومت وجود برقرار رکي نٿي سگھجي. حڪومت عوام لاءِ ھوندي آھي تھ جيئن ان کي فائدو پھچائي سگھجي. اھا الڳ ڳالھه آھي تھ اسان وٽ نظام ابتو آھي يا ابتي گنگا وھي ٿي.
حڪومت جي گھر روانگي بابت تڪراري ۽ غير واضح خبرون آھن، پر اڪثر ڌرين جو خيال آھي تھ عمران خان جي حڪومت پنھنجو جواز وڃائي ويٺي آھي ۽ مخالف ان حد تائين پھچي ويا آھن، جو حڪومت جي صفن مان کين حمايت حاصل ٿي وئي آھي. ان ڪري عمران خان جي حڪومت اڄ وڃي يا سڀاڻي وڃي. بي اعتمادي جي رٿ ئي جمھوري طريقو آھي، جنھن کي مخالف ڌر اپنائي رھي آھي، اھڙي صورتحال ۾ حڪومت کي پنھنجو گھر سنڀالڻ گھرجي، جيڪڏھن اتحادي ۽ حڪومت جا حامي عمران خان کي پنھنجو وزير اعظم سمجھندا ھوندا ۽ حڪومت جي مدي پوري ٿيڻ جي حق ۾ آھن تھ پوءِ مخالف ڌر کي ناڪامي ئي ٿيندي. ھينئر تائين پ پ جو عوامي مارچ جيڪو پنجاب ۾ آھي، ان ۾ ماڻھن جي شموليت کي ڏسي ڪري اشارو ملي ٿو تھ صورتحال عمران خان جي حق ۾ ناھي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ جو سنڌ ۾ مارچ، عوام کان وانجھيل آھي، رڳو تقريرن ڪرڻ سان تھ سنڌ حڪومت ختم نھ ٿيندي، عوام جي حمايت جو بھ ھجڻ لازمي آھي. سياسي پنڊت ان راءِ جا آھن تھ ملڪ ۾ نين چونڊن لاءِ ماحول تيار ٿي ويو آھي ۽ ڪنھن بھ وقت تبديلي اچي سگھي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button