شڪارپور ڪڏهن ته سنڌ جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز به ٿي رهيو. افغانستان سان واپار واري مکيه دڳ تي هئڻ سبب هن شهر ڪمال اوج ڏٺو. هي شهر مذهبي، علمي، ادبي توڙي سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ باڪمال شخصيتون پيدا ڪندڙ شهر پڻ رهيو آهي. پاڻ به شڪارپور جي ڀوميءَ مان جنم وٺندڙ هڪ اهڙي ئي باڪمال شخصيت کي ياد ڪندي ڪجھه لفظ ڀيٽا طور ارپيون ٿا.
برک عالم، محقق، شارح، مذهبي ۽ سياسي توڙي سماجي علمن ۾ ڪمال ماهر، مهمان نواز، شفيق مزاج، سدائين مسڪرائيندڙ، ڪتابن جو عاشق، صوم و صلوات جو پابند، درگاه فقيرالله علوي ۽ مسجد جو خدمتگار، غريبن ۽ يتيمن جو مددگار، شاگردن سان اولاد جيان پيار ڪندڙ ۽ هڪ اتساهيندڙ استاد سميت ٻين انيڪ خوبين کي سمائجي ته هڪ باڪردار شخصيت سيد اسرار احمد علوي صاحب جن جڙي سامهون اچن ٿا.
تعليم:
سندن ولادت 11 آگسٽ، 1944 تي ٿي. پاڻ شروعاتي تعليم شڪارپور مان ئي حاصل ڪيائون. بعد ۾ ماسٽرس لاءِ پهريان ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڪانامڪس جي شعبي ۾ داخلا ورتائون پر ڪجهھ مسئلن سبب اڌ ۾ اهو سلسلو روڪي واپس شڪارپور پهتا. ڪجهھ وقت بعد سنڌي ۾ ماسٽرس لاءِ اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ داخلا ورتائون جتي سنڌ جو عظيم دانشور، عالم، اديب، مصنف، محقق، لغات جو ماهر محترم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سندن استاد ٿي رهيو. جڏهن ته مذهبي تعليم درس نظامي سکر مان حاصل ڪيائون. سندن محنت ۽ ڏاهپ جو مثال اتان به ملي ٿو جو پاڻ ايم اي فرسٽ ڪلاس گولڊ ميڊلسٽ هئا.
تدريس:
پاڻ سنڌي ۾ ليڪچرر طور ڪنڊيارو، راڻيپور، سکر ۽ شڪارپور جي ڪاليجن ۾ فرائض سرانجام ڏنائون. نيٺ 11 آگسٽ، 2004 تي شڪارپور مان ان ئي اداري مان رٽائر ٿيا جتي پاڻ به پڙهيا هئا. سندن ليڪچررشپ واري دور ۾ هزارين شاگرد کانئن فيضياب ٿيا جيڪي اڄ تائين ساڻن اٿاهھ محبت ۽ عقيدت ۾ جڙيل آهن.
علمي ۽ ادبي خدمتون:
سيد اسرار احمد علوي صاحب جن ٻن انتهائي ضخيم ۽ ڪمال ڪتابن “سيرت هاشمي” ۽ “مغازي رسول الله” جو ترجمو، شرح، تقديم ۽ تحقيق ڪري سنڌي ادب ۾ انتهائي تعريف جوڳو ۽ سدائين ياد رهندڙ ڪم ڪري ويا آهن. جيد عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب جن جي “سيرت هاشمي” تي علوي صاحب جن ڏھه سالن جي محنت ڪئي هئي. “مغازي رسول الله” جو ليکڪ حضرت عروه بن زبير اسدي جن هئا. هي ڪتاب حضور اڪرم صه جن جي زندگيءَ تي لکيل پهريون ڪتاب آهي. ان اهميت واري ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تشريح وڏي اهميت ۽ تعريف وارو ڪم آهي. ان تي پاڻ اٺن سالن کان وڌيڪ نُور نچوڙيائون. سندن ٽيون ڪتاب “بذاللقوه” آهي جيڪو پڻ جيد عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب جو لکيل آهي. پاڻ ان جو ترجمو، تحقيق ۽ تشريح ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ هڪ وڌيڪ املھه اضافو ڪري ويا.
ان سان گڏ پاڻ تقريبن ڏهن ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيائون جن ۾ تلقين السالقين (تصوف)، سيرت هاشمي ۽ مغازي رسول الله (سيرت نبوي)، عين جمال مصطفيٰ (نعت شريف)، ڪلام حافظ، براهين النجات (سنڌي ٻولي)، شڪارپور جي مسجدن ۽ عيد گاهن جي تاريخ جهڙا ڪتاب شامل آهن. سندن مهاڳ انتهائي تحقيقي مواد رکندڙ آهن. انهن مهاڳن ۾ تنقيد ۽ تشريح جو غضب مواد سمايل آهي. ان کانسواءِ سندن ٻيا به لکيل مهاڳ، مضمون، مقالا اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن. پاڻ بهترين مقرر پڻ هئا. علم ۽ فلسفي سان ڀرپور سندن بيشمار تقريرون اڻ ڇپيل حالت ۾ آهن. سندن زندگيءَ جو هڪ تمام گهٽ ڄاتل پاسو سندن عروضي شاعر هئڻ وارو پڻ آهي. پاڻ حضور اڪرم صه جن جي مدح ۾ ڪي ئي بيت سرجيائون. پاڻ سندن شاعريءَ ۾ “علوي” تخلص ڪم آندو اٿائون.
ساروڻيون:
سائين اسرار صاحب جن کان هڪ ڀيري ڪچهريءَ دوران سوال ڪيوسين ته “قبلا، پاڪستان جو مستقبل ڪينءَ ٿا ڏسو؟” سائين جن انتهائي سنجيده ٿي ويا ۽ حڪايت جوڙيندي هڪ باڪمال جواب ڏنائون ته “مان ڪوئٽه ويندو آهيان جتي درگاهھ جا مريد آهن. اسان جي مريدن کي صوفن جا باغات آهن. انهن کي خبر آهي ته مان صوف ڏاڍو شوق سان کائيندو آهيان. هڪ ڀيري انهن ڏانهن ويس ته انهن ڏاڍا سٺا ۽ تازا صوف پٽي ڌوئي اچي آڏو رکيا. پر جيڪو به صوف ڪٽيوسين ته ان جي اندران جيت پئي نڪتو. ٻاهران ته صوف صفا چمڪن پيا پر اندران هر صوف ۾ جيت لڳل هو. مون هنن کان پڇيو ته ‘ڇو ڀلا، اوهان وڻن کي ڦوهارو نه ڪيو هيو ڇا؟’ ان تي هنن وراڻيو ته ‘قبلا، ڦوهارو ڏنو هو پر هي نئين قسم جو جيت آيو آ جيڪو پراڻين دوائن سان نه ٿو مري. هي جيت شروع ۾ ئي صوف جي گل ۾ ويهي وڃي ٿو جنهنڪري هاڻي هر صوف جي اها حالت آهي.’ اهو مثال ڏئي پاڻ چيائون ته “اصل ۾ هن ملڪ جي بنيادن ۾ ئي جيت لڳي ويو هو. ان ڪري هن جي حالت بهتر ٿيڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. هن ملڪ تي خدا پاڪ رحم ڪري باقي صورتحال انتهائي خراب ٿي نظر اچي.”
هڪ ڀيري سائين جن کان لطيف، سچل، سامي، خسرو، حافظ، خيام، غالب وغيره سميت سنڌي، اردو ۽ فارسي جي شاعرن بابت پڇيوسين. پاڻ چيائون حافظ وڏي ڳالهھ هو. امير خسرو، خيام ۽ غالب به ڪمال هئا. سچل سٺو هو. سامي ۾ لطيف يا حافظ واري جوڙ جيتري ڳالھه ناهي. باقي مون سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي جي جن به شاعرن جو مطالعو ڪيو آهي انهن ۾ مون کي لطيف سڀ کان مٿانهون لڳندو آهي.” سائين جن ٻه ڀيرا زور ڏنو ته “جيترو مون مطالعو ڪيو آهي ۽ مون جيڪا شاعري پڙهي آهي.” اتان اهو سبق مليو ته هيڏو وسيع مطالعو ڪندڙ ۽ فارسي توڙي عربي تي دسترس رکندڙ شخصيت به ان تي زور ٿو ڏئي ته جيڪي شاعر منهنجي مطالعي ۾ نه اچي سگهيا آهن مان انهن سان لطيف کي ڀيٽائي فيصلو نه ٿو ڏيان. جڏهن ته اڄ جا اديب ٿورا ڪتاب ۽ چند ليکڪ پڙهي ڪنهن هڪ کي عظيم قرار ڏيڻ واري روش ۾ ڦاٿل آهن.
هڪ ڀيري سيد اسرار صاحب جن کان فيض ۽ اياز جي شاعري بابت پڇيوسين. ان تي سائين جن جواب ڏنو ته “فيض وڏي پائي جو شاعر هو. اياز کان ڪي حصا وڏو هو. فيض کي به هڪ لحاظ کان لطيف جيان سمجهو ته فيض جي شاعري به لطيف جي شاعريءَ جيان گهٽ آهي پر معياري آهي. اياز جي شاعري گهڻي آهي پر معيار ٿورو اٿس. باقي اياز ڀلو شاعر هو ۽ ڪم به گهڻو ڪيو اٿائين.” پوءِ سائين جن فيض جون کوڙ سٽون پڙهي معنيٰ ۽ تشريح ڪندي تمثيل ۽ علامتن کي بيان ڪندي چيو ته “اياز ۾ ان ليول جي گهرائپ ڪو نه ٿي ملي.”
سائين جن هڪ ڀيري ضياءُ الحق واري دور جي ڳالھ ڪندي ٻڌايو ته “اسان سنڌ مان ڪي ليڪچرر چونڊجي لاهور موڪليا ويا هئاسين. اتي مختلف تدريسي ۽ ادبي پروگرامن ۾ حصو وٺڻو هو. اتي پنجابي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن چيو ته ‘اوهان سنڌين ۾ غيرت ناهي جو بينظير جهڙي هڪ عورت کي اڳواڻ بڻايو اٿو، اسان پنجابين وٽ ائين ناهي اسان ان جهڙي عورت کي گهر ويهاري ڇڏيون ها. دين ۾ عورت جي اڳواڻي منع ٿيل آهي، اوهان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟’ ان تي کين جواب ۾ چيو ته ‘اگر دين ۽ غيرت جي ڳالھه آهي ته اسان سنڌي اگر لاهور ۾ هجون ها ته سڀ کان اول هيرامنڊي بند ڪرايون ها. باقي سياست ۽ نوڪريءَ ۾ عورت کي به حق آهي. ان ۾ دين جي ڪا پابندي ناهي جو توهان اچي دين کي اڳيان ڪيو آهي.’ پوءِ ان کان بعد پنجابين وري ڪڏهن سياست تي بحث نه ڪيو.”
عمر جي آخري ڏينهن ۾ سائين جن جي يادگيري تي ڪجھه اثر پيو هو. لطيف، فيض، حافظ، خيام جا دل ۾ گهر ڪري رکيل شعر به کين ياد ڪرڻ ۾ مسئلو ٿيڻ لڳو هو. اوچتو 04 رمضان المبارڪ 1442 هجري بمطابق 17 اپريل، 2021 تي ڇنڇر جي فجر جي آذان کان بعد خالق حقيقي ڏانهن رجوع ٿيا. پاڻ سڄي ڄمار مجرد رهيا. سندن سوڳوارن ۾ ڀائر، ڀينرون، ڀائٽيا ۽ عزيز و اقارب، دوست ۽ احباب ۽ هزارين شاگرد ۽ چاهيندڙ شامل آهن. سندن علمي، ادبي، مذهبي ۽ سماجي خدمتون کين انتهائي مٿاهين مقام تي بيهارن ٿيون.