ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحولياتي/سرسبز ادبي تنقيد ۽ بيٺڪيت-1

Editorial-Article- Mubark Lashari

ھن ڪائنات جي خوبصورتي جا ڪيترائي سبب آھن جيڪي ڪڏھن ڄاتل تھ ڪڏھن اڻ ڄاتل آھن يا اکين کان اوجھل يا ذھن تان ميساريل ھوندا آھن پر دنيا ۾ موجود ڪثرتي شين جي وجود سان ھي ڪائنات حسين لڳندي آھي. مقدس ڪتابن ۾ بھ لکيل آھي تھ ڪائنات جي ڳولا ڦولا ڪريو يعني ايڪسپلور ڪريو تھ جيئن توھان خدا کي سڃاڻي سگھو. ڪيترين ئي شين جي باري ۾ ڪي ابھام آھن تھ ڪي مبالغھ آرائيون آھن، ڪن شين کان ڊيڄاريو ويندو آھي تھ ڪن شين سان محبت سيکاري ويندي آھي. پر ڇاڪاڻ تھ سمورين شين يا ڪائنات ۾ موجود وجودن مان انسان جو وجود مرڪزي حيثيت رکندڙ آھي ان ڪري انسان صرف پنھنجي جسماني وجود يا ذھني سگھه جي ڪري سمورين شين تي حاوي رھيو ۽ ڪائنات ۾ موجود باقي شين کي پنھنجي استعمال جو وکر ڪري ڪتب آڻيندو رھيو.
اھڙي سوچ جي شروعات جا بنياد ڪافي آھن جنھن ۾ سڀ کان اول پنجين صدي قبل مسيح جي يوناني فلسفي پروٽاگورس Protagoras (5th century BC) جو چوڻ ھو تھ انسان ئي ھر شيءِ جي ڪسوٽي آھي .Man is the measure of all things. يعني شين جي ماھيت، افاديت يا ايتريقدر وجود جو معيار انسان آھي جيڪو پنھنجي مقصد لاءِ ھر شيءَ کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. اھڙي طرح اولهھ جي مقدس ڪتابن ۾ ماڻھو کي پاڻي جي مڇين مٿان Dominion جو درجو حاصل آھي. ساڳي طرح مشھور سنگتراش ليونارڊو ڊاونچي انسان کي Vitruvian Man ڪري پيش ڪيو آھي. پيٽر بيري موجب ڊاونچي اھو بت اھڙي طرح تراشيو آھي جو ھڪڙو اگھاڙو مرد جنھن جون ٻانھون قطبي ۽ افقي طرح اھڙي طرح ڦھليل آھن ڄڻ اھي سموري جاگرافي يا جاميٽري جو بنياد آھن يعني ڪائنات ۾ موجود ھر شيءَ جو تناسب ۽ ماپ انساني جسم مان نڪتل آھي. ساڳئي طرح مشھور شاعر اليگزينڊر پوپ جڳ مشھور نظم An Essay on Man ۾ اظھار ڪيو آهي ته پنھنجو پاڻ سڃاڻو، مافوق الفطرت وضاحتن مان اھا توقع نھ رکو تھ ھو توھان کي اسڪين ڪري ٻڌائي، انسان ذات جو مخصوص مطالعو انسان ئي آھي. جيڪو انسان پنھنجي وجود لاءِ بھتر، تسڪين آميز، موزون، پرسڪون، ڪيف ۽ سرور وارو سمجھي اھو ئي اصل انسان کي سمجھڻ جو مطالعو آھي. مٿين مثالن مان اسين ڏسي سگھون ٿا تھ اولهھ جي انسان پرستي سماجي سطح تي انساني وجود کي اڳتي وٺي آئي پر فطرت جي ڪيترين ئي شين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ان ڪري سموريون ٻيون شيون استعمال واري جنسن طور ڏٺيون ويون. جيتوڻيڪ روسو جھڙا مفڪر بھ آيا جن اچي فطرت ۽ ثقافت کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن چيو تھ Man is born free but everywhere he is in chains انسان آزاد ڄائو آھي پر ھر ھنڌ قيد ۾ آھي ۽ وڌيڪ چيو تھ Back to Nature يعني فطرت ڏانھن واپس ٿيو.
ايڪو سسٽم ۾ موجود شين کي قدر واري نگاھه سان ڏسجي ۽ انھن فطرتي شين کي ايئن ئي رھڻ ڏجي يا پالي تاتجي ۽ سنوارجي؟ فطرت ۽ ثقافت ٻھ متضاد تصور بھ سمجھيا ويندا آھن. فطرت اھو آھي جيڪو جيئن ھجي جھڙوڪ پھاڙ، واريءَ جا دڙا، پاڻي جا وھڪرا، آبشار، جھر جھنگ، وڻ ٻوٽا، جانور، پکي ۽ ڪيتريون ئي شيون آھن انھن کي اوئين ئي رھڻ ڏجي، غارن ۾ رھجي، وڻن ھيٺ ويھجي، سائو کاڌو کائجي يا پھاڙن کي ڪٽي رستا ٺاھجن، سرنگھون ٺاھجن، پاڻيءَ کي بند ٻڌي استعمال ۾ آڻجي، واري جا دڙا ختم ڪري پوکي لائق بڻائجي ۽ وڻن ۽ جھنگن کي ڪٽي گھر، بنگلا ۽ روڊ ٺاھجن؟ فطرت تھ فطرت آھي ان جو ڪو پيمانو، ڪا ڇانگي، ڪا وڍ ڪٽ، ڪو ڊيزائن ناھي اھو پنھنجي پاڻ ۾ خوبصورت آھي يا انسان جيڪو پنھنجي گھرن ۾ باغ باغيچا پوکي ٿو، رستي جي سونھن لاءِ گلن جي چونڊ ڪري گُل پوکي ٿو، پسند جا وڻ پوکي ٿو يا اھو نمونو ھجي. اھي موضوع آھن ايڪو ڪرٽيسزم جا يعني ماحولياتي تنقيدنگاري يا سرسبز مطالعو.
ماحولياتي تنقيد جي شروعات ڪا گھڻي پراڻي نھ آھي نڪي ڪي واضح پيراميٽر بھ آھن. انھي تنقيدي لاڙي جي شروعات سڀ کان پھرين امريڪي ادارن ۾ ٿي ۽ اھو مطالعو تقريبن 1980 ۾ شروع ٿيو، جڏھن تھ برطانيھ ۾ ان جو مطالعو امريڪا کانپوءِ 1990 ۾ ٿيو. امريڪي نقاد ان کي ماحولياتي تنقيد چوندا آھن جڏھن تھ گھڻي ڀاڱي برطانوي نقاد ان کي سرسبز مطالعو ڪوٺيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ ان تنقيدي لاڙي جي ابتدا امريڪا ۾ ٿي ان ڪري ان مطالعي جي وڏي ۾ وڏي نقاد چيرل گلوٽفيلٽي Cheryll Glotfelty آھي پر ان سان گڏ ٻيو اھم نالو ھيرولڊ فرام Harold Fromm جيڪو ماحولياتي تنقيدي مجموعي The Ecocriticism Reader: Landmarks in Literary Ecology (University of Georgia Press, 1996) جو گڏيل ايڊيٽر آھي. اڳتي ھلي گلوٽفيلٽي ھڪ تنظيم جو 1992 ۾ بنياد رکيو جنھن جو نالو ايزليASLE: the Association for the Study of Literature and Environment آھي. ان تنظيم اڳتي ھلي 1993 ۾ پنھنجو ھڪڙو جرنل بھ ڪڍيو جنھن جو نالو ISLE: Interdesciplinary Studies of Literature and Environment آھي جن ماحولياتي تنقيد لاءِ نھ صرف ميدان ٺاھيو پر امريڪي ادارن ۾ ان موضوع کي الڳ سبجيڪٽ طور مڃرايو. جيتوڻيڪ برطانيھ ۾ ان موضوع جو ڦھلاءُ اڃا ان نھج تي ناھي پھتو پر اتي بھ ASLE تنظيم جي شاخ ڪم ڪري رھي آھي. برطانوي يا ٻين مغربي ملڪن يا ادبي حلقن ۾ ان تنقيدي لاڙي تي گھڻو زور ڏنو وڃي ٿو ۽ ان تنقيدي نظريي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گھڻيون ڪوششون پڻ ٿي رھيون آھن. جيتوڻيڪ برطانوي ۽ امريڪي مطالعن ۾ بنيادي فرق آھن جيڪي اڳتي ھلي بحث ھيٺ ايندا. پر ھتي بنيادي ماخذ ڳڻائڻ ضروري آھن جھڙوڪ امريڪي ماحولياتي تنقيدنگاري ٽن اھم ليکڪن جي ڪتابن مان اخذ ڪيا ويا آھن انھن ۾ رالف والڊو ايمرسن Ralph Waldo Emerson، مارگريٽ فلر Margaret Fuller ۽ ھينري ڊيوڊ ٿوريو Henry David Thoreau آھن. مٿي ذڪر ڪيل سمورن ليکڪن کي علويت پسند يا موارائيت پسند بھ چيو ويندو آھي پر انھن جو فطرت يا فطرتي قوتن ڏانھن لاڙي سبب ماحولياتي تنقيد جو بنياد پسند سمجھيو ويندو آھي. جنھن ۾ ايمرسن جو مختصر ڪتاب Nature آھي جيڪو 1836ع ۾ ڇپيو. ان ڪتاب کي ماحولياتي تنقيدي ادب جو بنيادي ماخذ سمجھيو ويندو آھي جنھن ۾ ھو ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ
Crossing a bare common, in snow puddles, at twilight, under a clouded sky, without having in my thoughts any occurrence of special good fortune, I have enjoyed a perfect exhilaration. I am glad to the brink of fear. (Chapter, 1, p.38)
يعني فطرت جي اھڙي ڪشش يا خوبصورتي جيڪا کيس بنا ڪنھن قسمت جي مھرباني جي کيس اھا وجد ۽ خوشي مھيا ڪئي جيڪا ڪڏھن حاصل نھ ٿي سگھي ھا، ان ڪري فطرت جو اھو خوف (جيڪو سماجي طرح ڏيکاريو ويو) ھن لاءِ خوشي جو سبب بني. يعني فطرتي مظھرن جھڙوڪ بنا ڪنھن ٺاھه ٺوهھ يا بندوبست جي فطرتي ماحول مان گذرڻ، ڀلي برفاني لاھيون چاڙھيون ھجن، مٿان ٽم ٽم ڪندڙ رات ھجي، ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان ھجي تھ پوءِ انسان سمورن پيدا ڪيل خوفن باوجود بھ ھڪ بي انت خوشي مان پيو گذري. اھو نھ صرف فطرتي ماحوليات کي قبول ڪرڻ آھي پر ان جي وجود کي ھڪ جھڙو تصور ڪرڻ بھ آھي.
ان ڏس ۾ ٻيو اھم نالو جيڪو ھن تنقيدي لاڙي جي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو اھو نالو مارگريٽ فلر جو آھي.
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button