ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تيل اگهن ۾ لاٿ باوجود وڌندڙ مهانگائي

editorial

وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ باوجود عوام کي ڪو لاڀ نه ملي سگهيو آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي ٻڙي چار سيڪڙو واڌ ٿي. جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 15 ڏهائي 23 سيڪڙو تي پهچي وئي. رپورٽ موجب تازي هفتي دوران 19 شين جا اگهه وڌيا، 13 شيون سستيون ٿيون ۽ 19 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. هڪ هفتي دوران کير، ڏهي، خشڪ کير، چانهه جي پتي، ايل پي جي، چڻن جي دال، ڪڪڙ جو گوشت، ٻاڪڙو گوشت، ڳائو گوشت، گيهه، سرنهن جو تيل، صابڻ ۽ ٻيون ضروري شيون مهانگيون ٿيون.
سوال اهو آهي ته وزيراعظم جي اهڙي اعلان جو ڪهڙو فائدو جيڪو عوام کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهيو؟ جيڪڏهن وزيراعظم پيٽرول جي قيمتن ۾ 10 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي ته ان جو عوام کي فائدو ڪهڙو مليو؟ ڇا حڪمرانن جو ڪم رڳو اگهه گهٽائڻ جا اعلان ڪرڻ آهي يا انهن اعلانن تي عمل ڪرائڻ به آهي؟ جڏهن تيل جا اگهه وڌايا ويندا آهن ته انهن تي فوري طور عمل شروع ٿي ويندو آهي، پر جڏهن گهٽايل اگهن تي عمل جو سوال ايندو آهي ته اتي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ويندو آهي.
سچ اهو ته ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس. ان باوجود حڪمران معاشي بهتري جون دعوائون ڪندي نه پيا ٿڪجن. هيءَ حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ته وڏا عوام دوست هئا، انهن کي عوام جا ڏک سور به ياد هئا. اها ساڳي پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ايندي ئي عوام لاءِ عذاب کڻي آئي آهي. بهرحال جيڏي مهانگائي هنن پوڻن چئن سالن ۾ ٿي آهي ايڏي ته گذريل حڪومتن ۾ به نه ٿي، هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، هي حڪومت عوام کي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري آئي آهي، ڇا ڇا مهانگو نه ڪيو اٿس، ڊالر مهانگو، بجلي مهانگي، گيس مهانگي، تيل مهانگو، ڀاڄيون مهانگيون، ڪپڙا لٽا سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي. مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ حڪمران اهڙو لب و لهجو اختيار ڪري ويٺا آهن ڄڻ اڄ به مخالف ڌر ۾ هجن. هاڻي حڪومت اوهان وٽ، معاشي پاليسيون اوهان وٽ، عوام کي رليف ڏيڻ جا سمورا موقعا اوهان وٽ، پوءِ به عوام جا اهنج گهٽجڻ بدران انهن ۾ بدترين واڌ ڇو اچي رهي آهي؟ عوام اڄ به سستي اٽي لپ لاءِ پريشان ڇو آهي؟ 15 هزار ڪمائيندڙ هڪ ماڻهو ان لاءِ پريشان ڇو آهي ته هو انهن ڏوڪڙن مان گذرسفر ڪيئن ڪري؟ جڏهن سڀ ڪجهه هٿن ۾ هوندي به اوهان عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، نه رڳو ڪجهه نه ڪيو، پر ان جي عذابن ۾ ڏهوڻي واڌ ڪيو ته پوءِ ان جو مقصد اهو ئي آهي ته اوهان جي ترجيح عوام نه پر ڪو ٻيو آهي. اوهان جي ايجنڊا عوام جا سور گهٽائڻ نه پر انهن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. حڪمرانن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته عام ماڻهو جي زندگي هنن ڪيئن جهنم بڻائي ڇڏي آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ بدران جيڪا به مهانگائي ڪئي وئي آهي، اها واپس ڪئي وڃي. پوڻا چار سال اڳ شين جا جيڪي اگهه هئا انهن کي اتي آڻي عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button