پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارا ۽ سينيئر اداڪار شهود علوي جي نياڻي اريبا علوي شادي رچائي نئين زندگي شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق اريبا علوي نڪاح جون تصويرون مداحن سان شيئر ڪيون آهن. جڏهن تھ هن پاڻ بھ گهوٽ سان گڏ ڳاڙهي جوڙي ۾ تصويرون رکي شادي بابت آگاهي ڏني آهي. هن تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، مون 4 مارچ تي نڪاح ڪيو، خوبصورت ڏينهن ملڻ تي خوش آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close