
بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه اعتراف ڪيو آهي تھ هو اونوماٽومانيا جي نالي واري بيماري ۾ مبتلا آهي، جيڪو نفسياتي مرض آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ هي ڪا مذاق جي ڳالهه ناهي، اوهان ڊڪشنري ۾ ان جي معنا کي ڏسي سگهو ٿا. ياد رهي تھ هي ذهني حالت بابت آهي.