بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ بابت معلوم ٿيو آهي تھ هن پنهنجي تازو رليز ٿيل فلم گنگوبائي ڪاٺياواڙي ۾ ڪم ڪرڻ جو معاوضو 20 ڪروڙ رپيا ورتو آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ فلم جي ڪاميابي بعد معاوضي ۾ اضافو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان تي عمل پڻ جلد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ياد رهي تھ عاليا احسن جي فلم گنگوبائي ڪاٺياواڙي باڪس آفيس تي 100 ڪروڙ کان مٿي ڪمائي چڪي آهي.





