ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ولي خان جي ڪتاب ۾ ٿيل غلط بيانيون

Editorial-Article- Uzair Abid

پختون قومپرست اڳواڻ خان عبدالولي خان 1987ع ڌاري پشتو ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو سندس گهر واري نسيم ولي خان اردو ۾ ‘حقائق، حقائق ہين یں’ جي عنوان سان ترجمو ڪيو هو. بعد ۾ هي ڪتاب انگريزي ۾ به Facts are Facts جي عنوان سان ترجمو ٿيو هو. هن ڪتاب کي ڪَافي پَذيرائي مِلي هئي. پهرين ته مختلف ليکڪنَ جي لِکڻين ۾ هن ڪتابَ جا حوالاَ پڙهيا هئا. جنهن مان محسوس ٿيو ته هي ڪتاب ڪافي منفرد ۽ دلچسپ آهي. بعد ۾ هي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو، مون سمجهو هو ته ولي خان شايد هي ڪتاب انگريزي ۾ ئي لکيو آهي تنهنڪري انگريزي ۾ لکيل ڪتاب کي اصلي لکڻي سمجهي، مطالعو ڪيو، پر ڪتاب جي مهاڳ ۾ ئي ولي خان لکيو آهي ته هي ڪتاب اصل پشتو ۾ لکيل آهي، جيڪو اردو ترجمي جو ئي انگريزي ترجمو آهي.
بهرحال هي ڪتاب هندستان جي ورهاڱي تي لکيل آهي. بقول ولي خان جي ته هِن ڪتاب جو ڪجهه حصو هِن ڀُٽي جي دُورَ ۾ جيل ۾ لکيو هو. بعد ۾ جيل مان رِهائي ملڻ کان پو جڏهن سندس لنڊن وڃڻ ٿيو ته هن ڪتاب جو ڪافي حصو هن اُتي ئي مڪمل ڪيو. ڪتاب لکڻ لا هن جي دعوا آهي ته هن انڊيا آفيس لائبريري ۾ پيل دستاويز کي استعمال ڪيو آهي. پر ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ کان پو محسوس ٿيو ته هي ڪو تحقيقي ڪتاب ناهي، پر فقط دعوائن تي ٻڌلَ ليکڪ جا ذاتي ويچارَ آهن، ڇاڪاڻ ته ڪتاب ۾ ڪٿي به حوالو ناهي ڏِنل.
ولي خان بنيادي دستاويزن جي نسبت سان کوڙ ڳالهيون لکيون آهن پر ڪٿي به ڪو حوالو ناهي ڏنو. جيئن اسان وٽ رياستي نقطه نظر مطابق تاريخَ پڙهائي ويندي آهي ته ان ۾ مسلم ليگي موقف ئي هوندو آهي. ساڳي ريت ولي خان جو هي ڪتاب به ڪانگريسي موقف کان سوا ٻيو ڪجهه ناهي. هي ڪتاب ڪانگريس جو سرڪاري موقف ته آهي پر تاريخي / علمي دستاويز هرگز ناهي. ڪٿي به ڪانگريس جي ڪنهن هڪ غلطي جي نشاندهي ناهي ڪئي وئي.
ولي خان هن ڪتاب ۾ فقط فتوائون ئي جاري ڪيون آهن. مثال طور هِن دعوا ڪئي آهي ته ايم اين را به انگريزن جو ماڻهو هو. بي آر امبيڊڪر به انگريزن جو ايجنٽ هو. اهي ڳالهيون هن بنا ڪنهن حوالي ۽ ثبوت جي، فقط ان بنياد تي ڪيون آهن ته هنن ماڻهن کي گانڌي سان اختلاف هئا، تنهنڪري هو انگريزن جا ماڻهو هئا.
ٻي دعوا، ھن اها ڪئي آهي ته انگريزن، مسلم ليگ کي چئي ڇڏيو هو ته ڪانگريس ڪيبينٽ مشن پلان قبول نه ڪندي، تنهنڪري نيٺ ورهاڱو ئي ٿيندو. هِن هيڏي وڏي دعوا ته ڪئي آهي، پر ڪو به تاريخي حوالو ناهي ڏنو. جيڪڏهن تاريخ ڪنهن جي مرضي ۽ خواهشن جي محتاج هجي ها ته پو ولي خان جا هِي ذاتي رايا به تاريخي دستاويز هجن ها پر تحقيق جي دنيا ۾ ايئن ناهي هوندو. خان صاحب جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پو ذهن ۾ ڪافي سوالَ پيدا ٿيا، جن جو ڪو تَسَلي بخش جواب نه پئي مليو. ڪجهه ڏينهن پهرين زاهد چوڌري جو ڪتاب ‘مسلم پنجاب ڪا سياسي ارتقا’ نظر مان گذريو، جنهن کي پڙهڻ کان پو انهن سوالن جا جوابَ ملي ويا ۽ ولي خان جي علمي بدديانتي جي حقيقت به سامهون اچي وئي. زاهد چوڌري لکي ٿو ته ولي خان 1987ع جي زماني ۾ اخبارن ۾ دعوا ڪئي هئي ته لاهور قرارداد انگريزن جي مرضي سان مسلم ليگ منظور ڪئي هئي. هن چيو هو ته هن انڊيا آفيس لائبريري ۾ هڪ دستاويز ڏٺو آهي جيڪو ان جو ثبوت آهي. بعد ۾ هن پنهنجي ڪتاب ‘Facts are facts’ ۾ ساڳي ڳالهھ لکي آهي جنهن جي ثبوت طور هن قراردادِ لاهور کان ٻارنهن ڏينهن اڳ يعني 12 مارچ 1940ع تي وائسرا لارڊ لنلٿگو جو وزير هنڌ لارڊ زٽلينڊ ڏانهن لکيل خط ڏنو آهي. بقول ولي خان جي ننڊي کنڊ کي ٻن رياستن ۾ ورهائڻ جو منصوبو، وائسرا جي چوڻ تي هن جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي رڪن ظفر الله خان تيار ڪيو هو. ان منصوبي جي ڪاپي جو نقل جناح ڏي به موڪليو ويو هو.
زاهد چوڌري مطابق ولي خان پهرين علمي بدديانتي اها ڪئي آهي جو، پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو وائسرا جو خط لکيو آهي، ان جو ڪو حوالو ناهي ڏنو. جڏهن ته انڊيا آفيس لائبريري ۾ موجود دستاويزن تي نمبر لکيل آهن ۽ آساني سان ان جو حوالو ڏئي سگهجي پيو. هن جي ٻي بدديانتي اها آهي جو هن اُن خط مان اصل متن جون ڪجهه سٽون ڪَٽي ڇڏيون آهن ۽ پنهنجي مرضي سان ڪجهه سِٽن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، پو هِن پنهنجي لکيل سِٽن کي بنياد بڻائيندي اِها دعوا ڪئي ته وائسرا جي ايگزيڪيوٽو ڪونسل جي رڪن ظفر الله خان لاهور قراداد لکيو هو.
هن ٽين ۽ سڀ کان وڏي بدديانتي اها ڪئي آهي جو ان خط ۾ سر ظفر الله جي لکيل جنهن اسڪيم جو ذڪر ڪيو آهي، اُها اسڪيم ڇا هئي؟ ان جو ڪو ذڪر ئي ناهي ڪيو. سر ظفر الله جي لکيل ان اسڪيم ۾ ته ننڊي کنڊ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪئي وئي آهي پر ولي خان ان اسڪيم تي لکيو ئي ناهي.
زاهد چوڌري جي لکيل هِي احوال کي پڙهڻ کان پو اندازو ٿي سگهي ٿو ته ولي خان هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي هٿ ٺوڪيون ڳالهيون لکيون هونديون. بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ليکڪن ۽ تاريخدانن ولي خان جي هن من گهڙت ڳالهين کي بنياد بڻائيندي ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن.
سائين جي ايم سيد به پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ ڳالهائي ٿي’ ۾ ولي خان جي لاهور واري ٺهرا بابت لکيل هن ڪوڙي قصي کي اُتاريو آهي، جنهن ۾ ظفر الله خان کي لاهور واري ٺهرا جو ليکڪ ڏَسيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button