ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملير ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي

Editorial

دنيا ۾ ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. جتي جتي به ماحوليات کي ڪو نقصان پهچي رهيو آهي ته ماحول دوست ماڻهو ۽ ماحول دوست تنظميون ڪم ڪري رهيون آهن پر تنهن هوندي به اهو مسئلو اڃا تائين جيئن جو تيئن موجود آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ماحوليات جهڙي معاملي تي ايتري سنجيدگي نظر نٿي اچي، تنهنڪري هتي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. نتيجي ۾ نه رڳو هتان جي آبادي مختلف مسئلن جو شڪار ٿي رهي آهي پر ان سان گڏوگڏ هر قسم جي پريشانيءَ کي پڻ منهن ڏئي رهي آهي. ڪراچي جهڙي اهم شهر ۾ به گندو ۽ زهريلو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو هڪ بهتر نظام ڪونهي. جنهن جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ ۽ وسنديون آهن. جيڪي وڏي وقت کان گندي پاڻي سبب پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيون آهن. فنڪٽرين مان نڪرندڙ گندو پاڻي نه رڳو جر کي زهريلو ڪري رهيو آهي ۽ پر ٻين ڪيترين ئي بيمارين سبب پڻ بڻجي رهيو آهي.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملير ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي انساني زندگيون ڳڙڪائڻ لڳو آهي، ملير جي سکڻ ندي تي قبضا ڪري گارمينٽس سميت قائم ڪيل مختلف فيڪٽريون عوام لاءِ آزار بڻجي ويون آهن. ماحوليات کاتي پاران رشوت وٺي فيڪٽرين کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، غيرقانوني طريقي سان سرڪاري زمينن توڙي سکڻ ندي تي قبضا ڪري فيڪٽريون ٺاهيون ويون آهن، انهن فيڪٽرين جو نيڪال سسٽم نه هجڻ جي ڪري فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي حسن پنهور ڳوٺ، کوهي ڳوٺ، ماروي ڳوٺ، سميت مختلف ڳوٺن جي لکين ماڻهن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو آهي، 8 ڏينهن اڳ فيڪٽري جي زهريلي پاڻي ۾ کوهي ڳوٺ جو 3 سالن جو ٻارڙو احمد ٻڏي فوت ٿي ويو. سماجي اڳواڻ غلام فريد بلوچ ٻڌايو ته سکڻ ندي تي قبضو ڪري ٺاهيل فيڪٽريون اسان علائقي واسين جي لاءِ زهر ثابت ٿيون آهن، آلودگي سبب ساهه جون بيماريون اڳ ئي اسان جون زندگيون کسي رهيون هيون ويتر برساتي نديءَ ۾ زهريلو پاڻي اسان علائقي واسين جي اولاد کان زندگيون کسي رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا معصوم ٻارڙا راند ڪندي ان زهريلي پاڻي ۾ ڪري فوت ٿيا آهن پر حڪومت کي ڪابه پرواهه ناهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ سنجيده مسئلو آهي ۽ ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ته انهن گارمينٽس فيڪٽرين کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهي زهريلو پاڻي آباديءَ ۾ ڇوڙ نه ڪن ۽ ٻيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن ته جيئن زهريلا مادا اتان جي آبادين لاءِ مسئلا نه پيدا ڪري سگهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت نه رڳو ملير ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مسئلي کي حل ڪري پر ان کانسواءِ فيڪٽرين مالڪن تي به ڏنڊ رکي جن جي فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ماڻهن جون زندگيون تباهه ڪري رهيو آهي.

ٻيلن جي زمين تي قبضا
ٻيلن تي قبضن جي روايت سنڌ توڙي پاڪستان ۾ عام جام آهي. جنهن جي ڪري اڄ به ٻيلن جي لکين ايڪڙ زمين قبضن هيٺ آهي. اهي قبضا نه رڳو بااثر ماڻهن پاران ڪيا ويندا آهن پر عام ماڻهو به جتي ٻيلي جي ڪا خالي زمين ڏسن ٿا ته ان تي قبضو ڪري ويهي رهندا آهن. جڏهن ته ٻيلا نه رڳو اسان کي قدرتي آفتن کان بچائيندا آهن پر اهي فطري سونهن جو اهڃاڻ به هوندا آهن. هن وقت تائين سنڌ ۾ ٻيلن جي زمين تي قبضن جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪن هنڌن تان اهي قبضا ڇڏايا به ويا آهن. ڇاڪاڻ ته اهو ڪورٽ جو حڪم پڻ آهي ته قبضا خالي ڪرايا وڃن. تازو ئي هالا ڀرسان ٻيلي جي زمين تان قبضو چڏايو ويو آهي.
خبر موجب هال ڀرسان اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل حيدرآباد جي حڪم تي بٺو ٻيلي ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو. جڏهن ته ڳوٺاڻن رڪاوٽون وجهي آپريشن ڪرڻ نه ڏنو، جنهن تي عملي ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. ان دوران پوليس 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. چڪريون ٿيڻ کانپوءِ ٻيلي کاتي وارا 50 ايڪڙن تي بيٺل فصل، ڪڻڪ، سرنهن، مٽر ڀيلائي واپس موٽي ويا. ان ڏس ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر حسنين رضا جو چوڻ آهي ته 3 کان 4 ھزار ايڪڙن تي بٺو فاريسٽ ٻيلي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ٿيل آهن، جتي چوٿون ڀيرو آپريشن ڪيو ويو آهي. پر اهو آپريشن رينجرس کانسواءِ نٿا ڪري سگهون، رينجرس کي خط لکيو آهي. هاڻ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ رينجرس سان گڏ ئي آپريشن ڪيو ويندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳوٺاڻن رڪاوٽون وڌيون ۽ سرڪاري ڪم ڪرڻ نه ڏنو. ٻئي طرف ايس ايڇ او بٺو فاريسٽ جو چوڻ آهي ته ست ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، ويهن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان کي بنا ڪنهن نوٽيس ڏيڻ جي آپريشن ڪيو ويو آهي. ٻيلي کاتي وارا رڳو اسان غريب ماڻهن خلاف آپريشن ڪن ٿا، باقي بااثرن خلاف ڪو به آپريشن نه ٿو ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي به ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضو ٿيل آهي، انهيءَ کي ترت خالي ڪرايو وڃي ته جيئن ٻيلن جي بحالي ۾ مدد ملي سگهي ۽ وري ڪا به ڌر ٻيلن تي قبضو نه ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button