پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه انڪشاف ڪيو آهي تھ هڪ اڻواقف عورت جي سندس وارن کي ڇهڻ سان هن جو سڄو ڏينهن خراب گذريو آهي. ميڊيا مطابق اشنا شاهه ٻڌايو تھ شاپنگ مال ۾ خريداري ڪرڻ دوران هڪ اڻواقف عورت ملي، جنهن منهنجي وارن ۾ هٿ ڦيريا هئا، تنهنڪري ڏينهن خراب رهيو. هن چيو تھ جيڪڏهن اها آنٽي چهري کي ڇهي تھ يقينن پورو هفتو خراب ٿئي ها. هن مداحن کان پڇيو تھ سوال اهو آهي تھ ڇا ڪنهن اڻواقف عورت جو ائين ڇهڻ بدتميزي ناهي، يا اها رڳو منهنجي سوچ آهي. هوڏانهن مداحن جي اڪثريت اشنا شاهه کي سندس ڳالهه تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ جواب ڏنو تھ اسان جي سماج ۾ وڏي عمر واري عورت جو ائين ڇهڻ پيار جي هڪ علامت آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close