پاڪستاني اداڪارا صنم بلوچ جو وزن وڌي ويو آهي، جنهن جو اندازو سندس نيون تصويرون سامهون اچڻ تي ٿيو آهي. ميڊيا مطابق صنم بلوچ وڏي عرصي کان ٽي وي تان گم هجڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي پڻ غيرسرگرم رهي آهي، پر هاڻ سندس هڪ نئين وڊيو ۽ تصويرون ميڪ اپ آرٽسٽ شيئي ڪيون آهن، جن صنم مسڪرائيندي نظر اچي رهي آهي، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ صنم ان تصوير ۾ ٿلهي نظر اچي رهي آهي. مداح صنم جي ٿولهه ڏسي بھ حيران ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ صنم بلوچ جون اهي تصويرون سندس نياڻي جي ٻي سالگرهه جون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close