ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحولياتي/سرسبز ادبي تنقيد ۽ بيٺڪيت – II

Editorial-Article- Mubarak Lashari

ان ڏس ۾ ٻيو اھم نالو جيڪو ھن تنقيدي لاڙي جي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو، اھو نالو مارگريٽ فلر جو آھي. جنھن جو اھم ڪتاب Summer on the Lakes, During 1843 آھي، جنھن ڪتاب ۾ ھن فطرت جي حسناڪين جو نھ فقط اعتراف ڪيو آھي پر ان جي اعليٰ پڻي ۽ ابديت جو ذڪر ايئن ڪري ٿي ڄڻ اھو سڄو ڪجھه سندن وجود (انساني وجود) جو اھم حصو ھجي. ھوءَ لکي ٿي تھ:
“ڇو تھ ھتي دائمي تخليق جي وزن کان فرار ممڪن ناھي. ٻيون سڀئي شڪليون ۽ حرڪتون اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون، لھر اڀري ٿي ۽ گھٽجي ٿي وڃي، واءُ، پنھنجي زور تي، تيز ھوائن ۽ جھولن ۾ ھلندو رھي ٿو، پر ھتي واقعي ھڪ لاتعداد، اڻ کٽ ۽ ناقابل تسخير حرڪت آھي. توھان جاڳو يا سمھو، (فطري لقائن کان) فرار ٿيڻ جو ڪو بھ رستو نھ آھي، اڃا بھ اھا ڊوڙ (فطرت جي) توھان جي چوڌاري توھان کي وڪوڙي ويندي ۽ اھو توھان جي ڪري ئي آھي. ھن طريقي سان مون تمام گھڻي عظمت محسوس ڪئي آھي. اھا فطري تسڪين ڪنھن حد تائين ابدي آھي، جيڪڏھن لامحدود نھ سھي.” فطرت جي حسناڪين جي باري ۾ اھڙو اظھار شايد ڪنھن ٻئي ڪيو ھجي، جتي فقط فطرت مان لطف اندوز ٿيڻ نھ آھي پر ان سان گڏ ھڪ اعتراف آھي تھ فطري قوتون پنھنجي وجود ۾ ڀرپور آھن، جيڪي اسان جو دشمن يا رقيب ھجڻ بدران اسان جي پرسڪون ھجڻ جو سامان آھي.
ان ڏس ۾ ٽيون اھم مفڪر ڊيوڊ ھينري ٿوريو آھي جنھن جو اھم ڪم والڊن Walden 1999ع ۾ ڇپيو جيڪو والڊن تلاءُ تي لکيل آھي. ھو پنھنجي مصروف زندگيءَ مان ٻھ سال ڪڍي وڃي، انھي تلاءُ تي ھڪڙي جھوپڙي ٺاھي رھيو. ھي جديد شھري زندگيءَ مان نڪري “فطرت ڏانھن واپسي” جو انتھائي اھم مطالعو آھي. اھو تلاءُ ميسچيوسٽ شھر کان ڪجھه مفاصلي تي آھي، جتي ھو جديد زندگي ۽ شھري نظام کي ڇڏي فطرت جي حسناڪين جي ڳولا ڪئي ۽ ان مان لطف ورتو. اھو ڪم پڙھندڙن وٽ ان ڪري بھ اھم جڳھه والاري ٿو جو اھڙو ڪم ماحولياتي ادب، تنقيد، سماج ۽ سياست کي بنياد فراھم ڪري ٿو ۽ دنيا جا سوچيندڙ سرمائيداري نظام جي استحصال کي نشانو بڻائي تنقيد ڪن ٿا. ھي ڪتاب سمورن ماحول دوست ڌرين کي فڪري نقطا فراھم ڪري ٿو.
جڏھن تھ ٻئي پاسي برطانوي سرسبز مطالعو، جيئن اھي کيس سڏين ٿا، جا بنياد 1790ع جي رومانوي ادب تي رکيل آھن جنھن جو وڏو شارح جوناٿن بيٽ Jonathan Bate آھي جنھن جو اھم ڪم Romantic Ecology: Wordsworth and the Environmental Traditions آھي، جيڪو 1991ع ۾ ڇپيو آھي. ان کان اڳ ريمنڊ وليمس Raymond Williams جو بنيادي ڪم شھر ۽ ٻھراڙيThe Country and the City آھي، جيڪو 1973ع ۾ ڇپيو ھو. بنيادي طور آمريڪي ماحولياتي تنقيد ۽ برطانوي ماحولياتي تنقيد ۾ نھ فقط ماخذن جو فرق آھي تھ آمريڪي 1840ع جي ماورائيت پسندن مان متاثر ٿي انھي تنقيد کي وڌايو ۽ برطانوي مفڪر 1790ع جي رومانوي تحريڪ کان متاثر ٿيا پر انھن جو انھي مطالعي ڏانھن رويو ڪافي مختلف آھي. جھڙوڪ آمريڪي ليکڪ اميد پرست Optimistic آھن جڏھن تھ برطانوي مفڪر گھڻي ڀاڱي قنوطيت پسند Pessimistic آھن. پيٽر بيري موجب ان جو سبب اھو ٿي سگھي ٿو تھ آمريڪا ۽ آسٽريليا جا وسيع ميدان ۽ جھنگلي زندگيءَ مان انھن کي اھا اميد آھي تھ اھي فطري لقاءُ ھميشھ ايئن رھندا ۽ انساني ڊوڙ انھن فطري شين کي ٿڪائي نھ سگھندي جڏھن تھ برطانوي نقاد متان اھو سمجھندا ھجن تھ صنعتي ترقي ۽ گدلاڻ جيڪا يورپ مان بظاھر نظر ٿي آئي، اھا انھن فطري قوتن کي مسمار ڪري ڇڏيندي. ٻيو سبب اھو بھ ٿي سگھي ٿو تھ يورپ ۾ ڇو تھ قدامت پسندي، جنگيون، تضاد، ويڙهه ۽ وھم پرستي ايتري رھي آھي جو انھن جي سماجي سمجھه ٻوجهھ فطرت کان کين خائف ڪندڙ يا ڊيڄاريندڙ رھي آھي. ان ڪري ھنن فطرت کي بھ انساني خاصيتن سان سڏڻ شروع ڪيو جھڙوڪ ظالم سمنڊ، وحشي جانور، ڀوائتو جھنگ يا ڳڙڪائيندڙ ريگستان شامل آھن. جڏھن تھ يورپ جي ڀيٽ ۾ آمريڪي يا آسٽريلوي نوان ڄاول انسان آھن، انھن جي تھذيب يا رھڻي ڪھڻي يورپ جھڙا تجربا نھ ڏٺا آھن.
فطرت بمقابلھ ثقافت:
ھي شايد پھريون موقعو آھي جو تنقيد ادبي نقطھ نظر موجب تھ ھر شيءِ لسانياتي ۽ سماجي تعمير جو نمونو نھ آھي ڇو تھ سندن خيال آھي تھ فطرت خارجي طور موجود آھي. اھا لساني طور گھڙي نٿي سگھجي نڪي سماجي طور اھا تعمير ڪري سگھجي ٿي، اھو لقاءُ انسان جي داخليت کان ٻاھر وجود رکي ٿو. فطرت اسان کان پري، ٻاھر ۽ اڻ ڏٺي طرح وجود رکي ٿي، جيڪا اسان کي متاثر ڪري ٿي ۽ اسان ان کي متاثر ڪريون ٿا ۽ گھڻي ڀاڱي انسان ان کي ايترو متاثر ڪري ٿو جو اھو مرڻ ڪنڌيءَ تي بھ اچي سگھي ٿي. فطرت لسانياتي يا سماجي طرح تعمير ٿيل تصور آھي يا نھ ان جو بحث گھڻو ڊگھو آھي جنھن ۾ گھڻي ڀاڱي اھڙن ليکڪن جو حصو بھ آھي جيڪي چون ٿا تھ فطرت انسان لاءِ آھي، اھي ورڊس ورٿ مان متاثر آھن. ٻئي پاسي مارڪسي نقاد ان کي سياست سان ڳنڍين ٿا. 80ع واري ڏھاڪي ۾ ڪافي نقادن ھر تصور کي تعمير ڪيل ٿي سمجھيو پر ماحولياتي تنقيد وارا انھن تصورن کي چئلينج ڪن ٿا. ان جو مثال اسين جيڪڏھن پنھنجي آسپاس موجود تازي تاريخ مان ڏسون تھ خبر پوندي تھ سرحدن جي ورھاست يا ٽوڙڻ يا ڳنڍڻ شامل آھي، جھڙوڪ انگريز بيٺڪيت حڪومت ڪھڙي بنياد تحت ننڍي کنڊ کي ڪاتي وجھي ڪپي الڳ ڪري ويا؟ ڇا زمين جي فطرت کين نظر نھ آئي؟ يا جھڙوڪ ضياءُالحق جي دور ۾ سمورا ٻيلا ختم ڪيا ويا. ڇا فطرت پاڪستاني حڪمرانن کان اھو بدلو نھ ورتو يا اھڙو ڊسڪورس سنڌي يا اردو ادب ۾ ڇو تخليق نھ ڪيو ويو جھڙو شبنم گل جو ناول “مکي کان موڪلاڻي”، منظور ملاح جو ناول “بختاور مکيءَ جي” ۾ آھي يا رسول ميمڻ جو ناول “ڪُتا” آھي؟ ھاڻ جڏھن ڪارونجھر جا جبل ڪٽجڻ لڳا آھن يا روھڙي جو پھاڙي حصو ڪٽي ڳاري تباهه ڪيو ويو آھي يا کيرٿر جي پھاڙن تي سندن نظر آھي يا ٿر جي خوبصورت واريءَ جي ڀٽن کي ٿر ڪول پروجيڪٽ نالي ڳڙڪايو پيو وڃي يا چوٽياريون ڊيم کانپوءِ جيڪا زميني، جھنگلي جيوت يا پکين کي دربدر ڪيو ويو يا هڪ شهري اسڪيم طرفان ملير جي کليل ڪشادي سرزمين کي تعميري طرح نقصان پھچائي فطرت کي چيلينج ڪيو ويو آھي. اھڙي صورتحال اسان کي ماحولياتي تنقيد کي اپنائڻ ۽ ماحول کي بچائڻ جو سڏ ڏي ٿو.
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button