پيپلز پارٽيءَ کي گهٽ پر مسلم ليگ ن کي تمام گهڻي پريشاني رهي آهي ته هن جو مخالف عمران خان سياسي تنقيد ڪندي تميز جو دائرو ڪراس ڪري وڃي ٿو. ميان نواز شريف واري ڌر جو خيال هو ته ان قسم جي ٻولي گهڻو ڪري حزب اختلاف ۾ هوندي ڪنهن ماڻهوءَ جي اظهاري مرض جو سبب بڻجي پوندي آهي پر انهن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن هو مخالف ڌر مان مٿي اڀري حڪمران ڌر ۾ داخل ٿيو ته هن جي گفتگوءِ جو انداز ۽ هن جي ٻوليءَ جا لفظ به تبديل ويندا. گهڻو ڪري ٿيندو به اهو ئي آهي ته جڏهن به ڪوئي فرد ترقي ڪرڻ لڳندو آهي ته هن جي نه رڳو رهڻي ڪهڻي پر هن جي ٻڌڻي ۽ چوڻي جو انداز به تبديل ٿي ويندو آهي پر هن مهل ته مخالف ڌر جي ڪاوڙ جو اندازو لڳائڻ مشڪل هوندو، ڇو ته عمران خان حڪمران ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي پراڻي روش کان باز نه آيو آهي. ڪجهه وقت اڳ تقرير کان پوءِ ڏاڙهي ڏيکارڻ تائين ۽ تازو پنجاب جي ماٺيڻي شهر ميلسيءَ ۾ تقرير جي دوران مخالف ڌر لاءِ غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪرڻ تائين هن جي حوالي سان هن مهل ته سوشل ميڊيا تي به وڏو مانڌاڻ متل آهي.
مخالف ڌر جي مخالفن کي به ان ڳالهه جو افسوس آهي ته وزير اعظم کي ميان نواز شريف لاءِ “ڀڳوڙو”، آصف زرداريءَ لاءِ “چور”، شهباز شريف لاءِ “بوٽ چٽائو” ۽ مولانا فضل الرحمان لاءِ “فضلو” جهڙا لفظ استعمال نه ڪرڻ کپندا هئا. پر عمران خان جي اسٽائيل مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هن اهو لهجو ڀل چڪ سبب اختيار نه ڪيو هو. هن کي معلوم هو ته هو ميلسيءَ ۾ عوامي ميڙ سان مخاطب ٿيندي ڪهڙي ٻوليءَ جو استعمال ڪندو ۽ حڪومت جي ان سطح تي ويٺل فرد ڪڏهن به اتفاق افورڊ ڪري نه ٿو سگهي. ان ڪري صرف تقرير کان پوءِ نه پر تقرير کان اڳ به عمران خان پنهنجي سياسي ڪلوز ڪميٽيءَ کي ان سلسلي ۾ اعتماد ۾ ورتو هوندو ته هن کي ڪهڙن مخالفن لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪرڻا آهن ۽ اهو به ويچاريو ويو هوندو ته ان قسم جي ٻوليءَ تي ڪهڙو امڪاني ردعمل پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ان جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟
عمران خان پنهنجي مخصوص مزاج جو مالڪ رهيو آهي ۽ هن ۾ جيڪو بي پرواهيءَ جو عنصر آهي، اهو بدتميزيءَ ۾ تبديل ٿيندي ويرم به نه وٺندو آهي. ان کان سواءِ عمران خان ۾ اها عادت به آهي ته هو پنهنجي ضد تي قائم رهڻ ۾ هڪ طرح جو مزو محسوس ڪندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن هاڻي به ڪو صحافي هن سان روبرو انٽرويو وٺندي هن کان پڇي ته هڪ وزير اعظم جي حيثيت سان ڇا هن کي مخالفن جي لاءِ اها ٻولي استعمال ڪرڻ کپندي هئي؟ ته هو پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾ مسڪرائيندي ۽ پوءِ مصنوعي طور تي سنجيده ٿيندي، انٽرويو وٺڻ واري صحافيءَ جو نالو وٺندي اهو چوندو ته “ڏس! جيڪڏهن توهان چور کي چور نه چوندا ته ٻيو ڇا چوندا؟ جيڪڏهن توهان ڀڳوڙي کي ڀڳوڙو نه ڪوٺيندا ته ٻيو ڇا ڪوٺيندا؟” ۽ ان بعد هو اهڙي تفصيل ۾ پئجي ويندو جو صحافي پنهنجي انٽرويو جو ٽائيم بچائڻ لاءِ ٻين سوالن جو سلسلو شروع ڪندو.
عمران خان سان ڪافي وقت کان وٺي جيڪڏهن پنڊيءَ جو پٽيل شيخ رشيد ڪٺو آهي ته ان جو هڪ سبب ٻنهي جي اظهار ۾ تميز کي تار تار ڪرڻ وارو عنصر به شامل آهي. هو ٻيئي پنهنجي مخالفن لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪندا آهن، ان تي انهن جي مخالفن کي سدائين ڪاوڙ لڳندي رهي آهي ۽ ان ڪاوڙ جو اظهار انهن نه صرف پنهنجن بيانن ۾ پر پارليامينٽ ۾ تقريرون ڪندي به ڪيو آهي. انهن هر فورم تي چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجن مخالفن جي لاءِ بازاري ٻولي استعمال ڪرڻ جو ڪو حق ناهي ۽ هن کي روڪيو وڃي ته هو سياسي مخالفت ڪندي گهٽ ۾ گهٽ تميز جون تقاضائون ڪراس نه ڪري پر عمران خان کي ان قسم جي نصيحتن ٻڌڻ واري سماعت ئي ڪونهي. هن سڄي عمر اهو ئي ڪيو آهي، جيڪو هن جي دل چيو آهي ۽ هن وقت به هو اهوئي ڪجهه ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ هن جي دل چئي رهي آهي. هن پنهنجن مخالفن جي متعلق پنهنجي ٻوليءَ جو خيال رکڻ واري خيال تي سوچڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي ۽ نه وري هن عمر ۾ هو پاڻ کي تبديل ڪندو نظر اچي ٿو. ان حوالي سان مخالف ڌر کي عمران خان ان حالت ۾ ئي قبول ڪرڻو پوندو ۽ هن جي اها زبان ۽ هن جو اهو بيان جيڪڏهن انهن کي قبول ناهي ته هو عدالت جو در به کڙڪائي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن انهن کي ان سلسلي ۾ ڪنهن به ذري پرزي جي انصاف جو آسرو هجي ها ته شايد هو ان قسم جا ڪيس ڪرڻ ۾ دير به نه ڪن ها پر انهن کي به معلوم آهي ته عمران خان عدالت ۾ به “چور” ۽ “ڀڳوڙو” لفظن کي قانوني لفظ بڻائي پيش ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ هو عدالت کان به پڇڻ ۾ دير نه ڪندو ته جيڪو مسلم ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي وڃي، ان کي جيڪڏهن “ڀڳوڙو” نه ڪوٺجي ته ڇا ڪوٺجي ۽ جيڪڏهن ڪو دينا داستي چوري ڪري ۽ پوري ملڪ کي معلوم هجي ۽ پوري دنيا ۾ مشهور هجي ته هو چور آهي ته ڇا اهڙي ماڻهوءَ کي چور چوڻ ڪو قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي؟
عمران خان پنهنجي عادت کان باز نه ايندو. اهو سوچي هن جا مخالف اڪثر ماٺ ٿي ويندا آهن پر ڪوئي ڪيترو به صبر ڪري، نيٺ صبر جو پيمانو ڇلڪي به پوي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪنهن حالت ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي مٿان عائد ڪيل صبر، جبر جيان به محسوس ٿيندو آهي ۽ جبر جي ان ڪيفيت سبب هو پوري ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڦاٽي به پوندو آهي. ان قسم جو ردعمل به فطري هوندو آهي. هن مهل عمران خان جي سلسلي ۾ جنهن قسم جا بحث ٿي رهيا آهن، انهن مان هن جي مخالفن کي اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته هو ڄاڻي واڻي ڳالهين جو موضوع مٽائي رهيو آهي ته جيئن اصل ۾ مهانگائي ۽ سرڪاري نااهليءَ جو بحث بند ٿي وڃي ۽ ڪنهن اهڙي موضوع متعلق ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وڃي، جنهن مان عمران خان کي سياسي فائدو پوندو محسوس ٿئي. ان ڪري عمران خان جا مخالف عمران خان جي حوالي سان هڪ طرح جو عذاب محسوس ڪندا آهن. هو اهو چوندا آهن ته عمران خان کي قابو ڪرڻ تمام مشڪل آهي. هن وقت به هو جهڙي طرح سان پنهنجن مخالفن کي پنهنجن لفظن سان چيڙائي ۽ ڪروڌ ۾ آڻي رهيو آهي، هن جو اهڙو انداز ان وقت واقعي حيرت ۾ وجهندڙ آهي، جڏهن هو پاڻ حڪمران هجي. اسان وٽ زباني ڇوٽ جي رعايت صرف ان صورت ۾ ڏني ويندي آهي، جڏهن سياسي مخالف سورن ۾ هجي. جڏهن هو اقتداري مزن مان محروم هجي ۽ هڪ عدالت کان ٻي عدالت تائين ڌڪا کائي. پر اهو ته سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته جڏهن ڪوئي سياستدان اقتدار ۾ هجي ته پوءِ هو پنهنجن مخالفن کي ڪيئن ٿو چيڙائي سگهي؟
عمران خان جي سلسلي ۾ اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هن حڪومت حاصل ڪرڻ بعد ڪڏهن به پنهنجن سياسي مخالفن کي پنهنجي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي سياست ۾ اهو عام جام آهي. ميان نواز شريف هجي يا آصف زرداري هو هڪ ٻئي جي خلاف ڇا به چوندا ۽ ڪندا هجن پر پوءِ به ڪنهن خاص موقعي تي مانيءَ جي ٽيبل تي ويهڻ ۾ انهن کي ڪو عار محسوس نه ٿيندو آهي پر عمران خان کي اقتدار ۾ آئي چار سال ٿي ويا آهن پر هن اڃان تائين ڪا اهڙي تقريب نه ڪئي آهي، جنهن ۾ هن جا سياسي مخالف شريڪ ٿيا هجن. ان قسم جو انداز صرف ۽ صرف عمران خان ئي اپنائي سگهي ٿو. هن پنهنجن مخالفن ۽ پنهنجي وچ ۾ ايتري ته وڇوٽي پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ڪنهن خوشيءَ تي ته ڇا پر غميءَ تي به گهٽجي نه ٿي سگهي. هن جي ان قسم جي انداز تي هن جي سياسي ۽ اقتداري محسنن جو ڪهڙو خيال هوندو؟ ڇا انهن کي به غصو ايندو هوندو يا هو به هن جي اهڙي شرارتي سياست تي مسڪرائيندا هوندا؟
پاڪستان جي سياست جا ڪيترائي پهلو آهن. ۽ پاڪستان جي سياست جا اهي اڪثر پهلو اهڙا ناهن، جن تي اطمينان محسوس ڪيو وڃي. پاڪستان جي سياست ۾ ڪوڙ به آهي. پاڪستان جي سياست ۾ ڪرپشن به آهي. پاڪستان جي سياست ۾ مڪاري به آهي. پاڪستان جي سياست ۾ منافقت به آهي. پاڪستان جي سياست ۾ اداڪاري ته عام جام آهي. جڏهن ته پاڪستان جي سياست ۾ عوام دوستيءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ عوام دشمني ته تمام گهڻي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ جيڪو جمهوريت جي نالي ۾ غيرجمهوري انداز آهي، اهو ته تمام گهڻي تلخيءَ سبب بڻجندو رهيو آهي پر پاڪستان جي سياست ۾ ٻه چاپڙائپ آهي ۽ جهڙي طرح ان سياست ۾ هڪ ٻئي کي دوکي ڏيڻ جي جيڪا روايت آهي، ان جي ڀيٽ ۾ بدتميزي ڪيتري حد تائين قابل تنقيد ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن سوشل ميڊيا ذريعي هڪ عوامي ريفرنڊم جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ عوام کان پڇيو وڃي ته جيڪڏهن اوهان کي بدتميزيءَ ۽ بدمعاشيءَ مان ڪنهن هڪ شيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته اوهان ڪنهن جي چونڊ ڪندا؟ ڇا اوهان ان بدمعاشيءَ جي چونڊ ڪندا، جيڪا سالن تائين سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ تي راڄ ڪندي رهي؟ ڇا اوهان ان بدمعاشيءَ کي برداشت ڪري سگهو ٿا، جڏهن پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ نه صرف مخالفن جي معصوم ٻارن جي ريڪي ڪئي وڃي پر انهن کي اغوا ڪرائي پنهنجن مطالبن جي مڃتا سان گڏ دولت به حاصل ڪئي وڃي؟ ڇا بدمعاشي بدتميزيءَ کان بهتر آهي؟ ڇا بدتميزي بدمعاشيءَ کان بدتر آهي؟ اسان جو حال هاڻي اهڙوٿي ويو آهي جو اسان غلط قسم جا سوال اٿاريون ٿا ۽ پڇون ٿا ته ڪهڙي گندي ۽ ڪني شيءَ ڪهڙي گندي ۽ ڪني شيءَ کان بهتر آهي؟