اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ وڏي جوش جذبي سان ملهائجي رهيو آهي. هي ڏينهن نه رڳو اسان کي عورت جي عظمت، سندس مانُ ۽ ڪيل پورهيي جي ياد ڏياريندو آهي پر ان سان گڏ کانئس کسيل حقن جي باري ۾ به سوچڻ جي مجبور ڪندو آهي. عورت هڪ اهڙي هستي آهي، جيڪا هر سماج ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت ظلم ۽ جبر جو شڪار رهندي پئي اچي. جنهن جي ڪري اها نه ته سک جو ساهه ٿي کڻي سگهي ۽ نه ئي پنهنجي زندگي بهتر نموني جيءَ سگهي ٿي. اڄ به عورت جيئڻ جا جتن ڪري رهي آهي. ڪٿي اها قتل ٿي رهي آهي، ڪٿي اها جنسي ۽ جسماني تشدد جو شڪار ٿي رهي آهي ته ڪٿي وري پنهنجو مانُ ۽ مرتبو ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي.
اڄ جڏهن سنڌ ۾ به هيءَ ڏينهن ملهائجي رهيو آهي ته ان موقعي تي هزارين عورتون گهرن کان نڪري پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ۾ لهنديون ۽ اهي مرداڻي سماج ۾ رڳو اهو ئي مطالبو ڪنديون ته کين اها آزادي ڏني وڃي جيڪو ملڪ جو آئين ۽ قانون انهن کي ڏئي ٿو. انهن کي اهي حق ڏنا وڃن جن جون اهي حقدار آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ انساني حقن کان وٺي عورتن جي حقن تائين هر قسم جي قانون سازي ٿيل آهي. پر قانون سازي تيستائين ڪارائتي ثابت نٿي ٿي سگهي، جيستائين اها عمل ۾ نٿي اچي. تنهنڪري ضروري آهي ته عورتن جي حقن جي حوالي سان سموري قانوني سازيءَ کي عمل ۾ آندو وڃي. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته رياستي سطح تي عورتن کي اهي حق اڳواٽ ڏئي ڇڏڻ گهرجن، جن لاءِ اهي احتجاج ڪن ٿيون يا وري ريليون ڪڍن ٿيون.
اسين سمجهون ٿا ته دنيا جي سڀني عورتن جي عزت ۽ احترام هر سماج تي فرض آهي. ان کانسواءِ ان کي مردن جيان آزاديءَ سان جيئڻ جو حق به حاصل آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان جا حڪمران به اهو عهد ڪن ته عورتن کي قانوني ۽ آئيني حق ڏنا ويندا. انهن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اهي ٻوساٽيل سماج ۾ آزاديءَ سان جي سگهن ۽ هڪ آزادي شهري طور دنيا آڏو پاڻ مڃائي سگهن.
ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار
سنڌ ۾ جهنگلي توڙي آبي جيوت کي جتي به اڻلڀ قرار ڏنو ويو آهي. اتي ان جي شڪار تي پابندي مڙهيل آهي. ناياب نسل جا پکي توڙي جانور ڪنهن به ريت شڪار نٿا ڪري سگهجن. پر اسان وٽ اڄ به اهڙا شڪاري موجود آهن، جيڪي ناياب نسل جي جانورن کي شڪار ڪري رهيا آهن ۽ اهي ان ڳالهه کان به نٿا ڪيٻائين ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. سنڌ ۾ ناياب نسل جي هرڻ جي شڪار تي پابندي آهي ته ميڊيا تي انهن جي غيرقانوني شڪار جون خبرون اينديون رهنديون آهن. ننگر پارڪر ۾ جيئن ته اهڙا هرڻ وڏي انگ ۾ موجود آهن، تنهنڪري انهن جو شڪار به ٿيندو رهندو آهي. ڪالهه به اهڙي خبر سامهون آئي آهي.
ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاٽيا لڳ شڪارين ٻه ناياب نسل جا هرڻ ماري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه ڳوٺاڻن پونم سنگهه ٺڪر، نيٻراج سنگھه اکجي، ڪرڻ سنگهھ ڏيپسنگھه، ڪانجي، رامسنگھه ڀيمسنگھه ٺڪر ۽ ٻين چيو آهي ته چار کان پنج شڪاري پوٽوهار جيپ ۾ سوار هئا، اهي ٻه ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڳوٺاڻن چيو ته وائلڊ لائيف جي عملدارن کي اطلاع ڏنو پر عملدار نه پهچڻ سبب ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. ڳوٺاڻن الزام هنيو ته وائلڊ لائيف عملو شڪارين سان ملي ڀڳت آھي. جڏهن ته شڪار بابت وائلڊ لائيف جي عملدارن کي ڪابه خبر نه پئجي سگھي، ڳوٺاڻن ان عمل خلاف احتجاج به ڪيو ۽ چيو ته وائلڊ لائيف عملدارن کي پاڻمرادو ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پر ڳوٺاڻن پاران وائلڊ عملدارن اطلاع ڏيڻ باوجود وائلڊ لائيف عملدار فون بند ڪري سمهي رهيا ۽ واقعي کي 20 ڪلاڪ گذري وڃڻ ۽ ميڊيا ۾ خبرون هلڻ کانپو وائلڊ لائيف جا عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتا. هوڏانهن ڊپٽي ڪنزويٽر رياض احمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي وائلڊ لائيف جي ٽيم واقعي واري هنڌ تي پهتي آهي، جتي رت جا نشان ۽ گاڏيءَ جي ٽائرن جا نشان مليا آهن. اسان جي جاچ هلي پئي ۽ اڄ تائين شڪارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته هي غيرقانوني شڪار آهي ۽ سنڌ جي وائلڊ لائيف کاتي کي اهڙن ناياب هرڻن کي بچائڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته اها ان کاتي جي ذميواري آهي. پر جيڪڏهن ان کاتي کان ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جي پهرين ته صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن عملي جو ڪوبه ماڻهو ملوث آهي ته ان خلاف ڪارروائي وڃي. ڇاڪاڻ ته جهنگلي جيوت جو تحفظ ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اهڙي ريت انهن جانورن جو شڪار ٿيندو رهيو ته پوءِ اهو نسل بنهه جلدي ختم ٿي ويندو.