ڪجهه گهڙين لاءِ ويچارجي ته هي سال 2022ع نه پر 2018ع آهي ۽ ان ۾ لانگ مارچ ڪندڙ پيپلز پارٽي نه پر پي ٽي آءِ آهي ته اهو تصور ڪو ايترو غلط به نه ٿيندو. اڄ جڏهن پيپلز پارٽي پنجاب ۾ لانگ مارچ ڪري رهي آهي ته ان سان گڏ اهي قوتون به نظر اچن ٿيون، جيڪي ماضي ۾ عمران خان نيازيءَ سان هيون. ان وقت جيڪو نيريٽو نواز ليگ جي حڪومت خلاف تيار ڪيو ويو هو، اهو ساڳيو نيريٽو هاڻ عمران خان نيازيءَ جي حڪومت خلاف آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هاڻوڪي حڪومت نه رڳو نااهل ثابت ٿي آهي پر غيرسياسي ذهنن جي ڪري اها بداخلاق ماڻهن سان ڀري پئي آهي. شهباز گل کان وٺي ڪابينه جا ڪيترائي وزير سياستدانن خلاف غير اخلاقي ٻولي ڳالهائيندي نظر ايندا آهن. انهن کي اها زبان سندن اڳواڻ ۽ هاڻوڪي وزير اعظم عمران خان نيازي سيکاري آهي. جنهن تازو ئي پنهنجي هڪ جلسي ۾ جيڪا ٻولي آصف زرداري، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان لاءِ استعمال ڪئي آهي سا نه رڳو غير اخلاقي هئي پر غير سياسي ٻولي پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته سياسي اختلاف هوندي به احترام ضروري هوندو آهي.
اڄڪلهه سياسي هلچل جو مرڪز پنجاب ۽ اسلام آباد لڳا پيا آهن. پيپلز پارٽيءَ ۾ اهي ماڻهو واپس موٽي رهيا آهن، جيڪي ڪجهه وقت لاءِ لوٽا ٿي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا هئا. جنهن جو تازو مثال نديم افضل چن آهي. جيڪو هڪ ڀيرو وري پيپلز پارٽي ڏانهن موٽي آيو آهي ۽ هاڻ هو پيپلز پارٽيءَ ۾ اچڻ جا جواز ٻڌائي رهيو آهي. جنهن وقت هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو ته پي ٽي آءِ هن لاءِ هڪ انقلابي پارٽي هئي. پر اهڙا ماڻهو هاڻ ڀلي اهو چوندا هجن ته انهن کان مجبوريءَ ۾ فيصلو ٿي ويو پر اصل ۾ انهن کان اهڙا فيصلا ڪرايا ويندا آهن. ملڪ ۾ جڏهن به ڪنهن پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ واري هوندي آهي ته اقتدار واري پارٽيءَ جي ٻيڙيءَ مان مسافر لهڻ شروع ٿي ويندا آهن.
ٻئي پاسي عليم خان آهي، جنهن به جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. جهانگير ترين عمران خان نيازيءَ جي انهن وفادارن مان هو، جنهن کي ان ڪري نا اهل ڪيو ويو ته جيئن عمران خان نيازي نا اهل نه ٿي سگهي ۽ اها نا اهلي اصل ۾ نواز شريف جي نا اهلي واري فيصلي کي توازن ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. نه ته آف شور ڪمپنين جي حوالي سان 400 جي لڳ ڀڳ نالا ظاهر ٿيا هئا. پر انهن مان سزا رڳو ٻن کي ملي. عليم خان هاڻ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ويهي رهيو ۽ هن عمران خان نيازيءَ کي اهو ڏوراپو به ڏنو ته جهانگير ترين سان صحيح نه ڪيو ويو. پر عمران خان لاءِ هر ماڻهو ڪم نڪتو ڪاڳر ڦاٽو آهي. کيس پنهنجي ڪابينه جي ڪيترن وزيرن جا نالا به ڪونه ايندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته ملڪ کي هلائڻ لاءِ رڳو هڪ وزير اعظم ڪافي هوندو آهي.
ڪالهه گڏيل اپوزيشن وزير اعظم عمران خان نيازي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪڏهن ان تي اسپيڪر پاران ڪارروائي شروع ٿي ڪئي وڃي. هڪ پاسي اپوزيشن پنهنجو انگ پورو هجڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي حڪومت به پراعتماد نظر اچي رهي آهي پر ٻئي پاسي ائين ٿو لڳي ته حڪومت لاءِ هاڻ گهڻي دير ٿي وئي آهي. عمران خان نيازي چوندو رهندو هو ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي، ان جي گهٻراهٽ هاڻ شروع ٿي وئي آهي. شهباز گل ته هن سڄي صورتحال کي عالمي سازش قرار ڏئي رهيو آهي. پر جڏهن پي ٽي آءِ نواز شريف خلاف واويلا مچائي ڊي چوڪ تي ويهي رهي هئي ته ڇا اها عالمي سازش نه هئي؟ ان سڄي تحريڪ کي جنهن ڌر جو سهڪار حاصل رهيو، اهي حقيقتون هاڻ پڌريون ٿي چڪيون آهن. ٻي ڳالهه ته عمران خان نيازي ڪو عالمي سطح جو ليڊر ناهي ۽ نه ئي هن ڪي اهڙا فيصلا ڪيا آهن، جن سان عالمي طاقتن کي ڪو خطرو هجي. عمران خان نيازي جنهن طريقي سان اقتدار ۾ آيو هو، هن کي سندس ئي اختيار ڪيل طريقي وسيلي اقتدار مان تڙڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ان لاءِ ڪنهن عالمي سازش جي ضرورت ئي ڪانهي.
پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته پنجاب جي عوام جو ووٽ اڄ به نواز ليگ جو آهي. نواز ليگ نه رڳو پنجاب کي هر سطح تي ترقي وٺرائي آهي پر پنجابي عوام جو نواز ليگ سان جيڪو غير مشروط سياسي رشتو آهي، ان کي نڀائڻ لاءِ به هو ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ سان گڏ بيٺل هوندو. پر هتي اهم سوال اهو آهي ته ڇا هاڻوڪو ٿيندڙ لانگ مارچ واقعي به ڪو عوامي لانگ مارچ آهي يا اهو به عمران خان نيازي جي لڳل ڌرڻن ۽ احتجاجن وانگر آهي، جنهن کي به “ڪمپني بهادر” جو سهڪار حاصل آهي. اڄ به ملڪي سياست تي اسٽيبلشمينٽ جي گرفت مضبوط آهي. آئون ان ڳالهه سان بلڪل به اتفاق نٿو ڪريان ته اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار ٿي وئي آهي. اها رڳو پارٽي تبديل ڪندي آهي. ڪالهه ان لاءِ پي ٽي آءِ هڪ مها انقلابي پارٽي هئي. جيڪا ملڪ کي الائي ڪٿان کان ڪٿي وٺي پئي وئي پر اڄ ان لاءِ پيپلز پارٽي ملڪ جي بهترين پارٽي بڻجي وئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي هڪ سياسي سمجهه رکندڙ پارٽي آهي. ان آمريتن کي ڀوڳيو آهي، لاشن کي ڪلها ڏنا آهن ۽ قربانيون به ڏنيون آهن پر پيپلز پارٽي پاڻ به عوامي سگهه تي ڀاڙڻ کان ڊڄي ٿي. ان ڪري اها جنهن اشاري جي اوسيئڙي ۾ هئي، اهو هن کي ملي چڪو آهي. تنهنڪري اها هاڻ روڊن تي نڪتل آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وڏي اعتماد سان عمران خان نيازيءَ کان 24 ڪلاڪن ۾ استعيفيٰ جي گهر ڪري رهيو آهي.
سياسي پارٽين جي هاڻوڪي جدوجهد جيڪڏهن پاڻمرادو اٿي ها ۽ ان جو هدف عمران خان نيازي سوڌو اهي قوتون به هجن جيڪي پنهنجي مرِضيءَ سان چونڊيل حڪومت ٺهرائينديون ۽ ڊهرائيندو آهي ته ان سان سياسي پارٽين جي آزاد جو هجڻ جو احساس ٿئي ها پر هي ميلو ته رڳو اشارن تي ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري وري به سياسي پارٽين جون واڳون “ڪمپني بهادر” جي هٿن ۾ رهڻيون آهن. سو اهو سمجهڻ غلط نه ٿيندو ته پيپلز پارٽيءَ جو لانگ مارچ انهن ماڻهن جو ميڙ آهي، جيڪي ڪالهه پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا.
سياست ۾ هر پارٽيءَ خلاف محاذ تيار ٿيندا آهن ۽ انهن محاذن وسيلي سياسي پارٽي ڀوڳيندي به آهي ته ڪي نه ڪي نقصان به کڻندي آهي. عمران خان نيازي جنهن اقتدار ماڻيندي اهو سمجهي ورتو هو ته هاڻ هو هڪ اهڙو بادشاهه بڻجي ويو آهي، جنهن خلاف جيڪو به زبان چوريندو هو، ان جي زبان ڪاڪڙي مان ڇڪي وٺندو ته اهو ممڪن ناهي رهيو. هن پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ مخالفن کي جيلن جي هوا کارائي، ڪوڙا ڪيس ڪيا، نيب جهڙي تڪرار اداري کان سياستدانن کي خوار ڪرائين. پر تنهن هوندي به هو اهي سڀ هدف ماڻي نه سگهيو، جن لاءِ کيس اقتدار ۾ آندو ويو هو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاملا اڃا به چٽا ٿي سامهون اچي ويندا. پر هڪ بهترين ۽ جٽادار جمهوري نظام لاءِ سياسي پارٽين کي پنهنجي ٻل تي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي جن جي ڪُلهن تي چڙهي اقتدا ۾ آيو آهي، انهن ساڳين ڪُلهن تي چڙهي اقتدار ۾ اچڻ وارن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهي ڪُلها ڪڏهن به کسجي سگهن ٿا.