شوبز

پيڪا شق 20 آئيني قرار، ميشا ڪيس ۾ تفصيلي فيصلو جاري

پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس جي خاتمي واري درخواست کي رد ڪري پيڪا قانون جي شق 20 کي آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق لاهور هائي ڪورٽ هڪ ڏينه  اڳ ٻڌايل فيصلي ۾ 30 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل فيصلي تحت ڪيس ۾ عدالت ڪيترائي مونجهارا بھ حل ڪيا آهن. جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت ڄاڻايو آهي تھ هتڪ عزت جو فيصلو درخواستگذار خلاف اچڻ تي ڪرمنل ٽرائل تي اثر نھ پوندو، جيڪڏهن هي ڪيس رد بھ ٿئي ٿو تھ درخواستگذار ٽرائل مان بري نھ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button