ڪراچي جي لا عام تاثر اهو آهي ته هتي بس مائي ڪلاچي جي نالي سان هڪ ڳوٺ هوندو هو جيڪو سمنڊ جي ڪناري هئڻ ڪري هڪ اهم تجارتي مرڪز ۽ اڳتي هلي هڪ ڪاسموپوليٽن شهر بڻجي ويو. جڏهين ته باقي هڪ غيرآباد علائقو هو جتي ڪا انساني آبادي نه هئي. حقيقت اها آهي ته هتي شهر جي ٻنهي اهم ندين، لياري ۽ ملير، جي ڪنارن تي سوين ڳوٺ آباد هئا جتي ڳوٺاڻا ٻني ٻاري ۽ جانور وغيره پالي پنهنجو گذران ڪندا هئا. مختلف قبيلا جهڙوڪ جوکيا، نومڙيا، برفت، ڪلمتي وغيره هتي صدين کان آباد هئا جن کي ڪلهوڙن ۽ ٻين حڪمرانن پاران گھرن ۽ زمينن جي ملڪيت جون سندون مليل هيون. هڪ واپاري رستي هئڻ ڪري انهن قبيلن جو ڪم تجارتي قافلن جي حفاظت ڪرڻ پڻ هوندو هو. انهن جا بلوچستان جي ماڻهن سان خاص ۽ ويجھا ناتا هوندا هئا.
انگريزن جي ڪراچي تي قبضي کانپو سندن سڄي توجهھ بندرگاهه ۽ ان جي چوڌاري علائقن تي هئي. صدر ۽ وڌ ۾ وڌ به گرومندر تائين شهر جي حد ختم ٿي ٿي ويئي. ايستائين ته لياري ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي به شهر کان ٻاهر ليکيو ٿي ويو. اهي ڳوٺ ڇڙوڇڙ ۽ هڪ ٻئي کان ڪٽيل هوندا هئا جتي تعليم، صحت، پاڻي ۽ سيوريج وغيره جي ڪا سهولت نه هئي. انگريزن پاران اهي سهولتون به سندن مقرر ڪيل شهر جي حدن تائين هيون. انهن ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي استعمال جو پاڻي به انهن ندين مان حاصل ڪندا هئا.
هئڻ ايئن کپندو هو ته شهر جي واڌ ويجهھ جو هتان جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن کي فائدو ملي ها. پر ڳالهه ان جي ابتڙ ٿي. گھڻي ڀاڱي ڳوٺاڻا شهر جي ترقي جي ڪري پنهنجن اجھن ِ۽ روزگار جي ذريعن کان به محروم ٿي ويا.
ورهاڱي کانپو ڪراچي ۾ وڏيون تبديليون واقع ٿيون. هڪ ته وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري شهر جي آبادي ۾ گھڻو واڌارو ٿيو ۽ ٻيو شهر نئين ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو. هندوستان لڏي ويل هندن جون جايون نون آيلن لا ڪافي نه هيون. ان لا نين آبادين کي ٺاهڻ جي ضرورت هئي. ان سلسلي ۾ اهو فرض ڪيو ويو ته ڪراچي جي پراڻي شهر کانسوا باقي سڄو ويران پٽ آهي ۽ اتي ڪا انساني آبادي ناهي.
شهر کي وڌائڻ ۽ نين آبادين کي ٺاهڻ ۾ ڪراچي جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جو اهو ڪردار هو ته انهن کي انهن ڳوٺن مان لڏايو ويو، انهن جي گھرن کي ڊاٿو ويو ۽ جيڪڏهين ڪجھه باقي کي به رهڻ ڏنو ويو ته انهن کي هڪ غيراهم ۽ بيڪار شي وانگر هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. شروع ۾ لالو کيت ۽ ان کان اڳتي فيڊرل ايريا ۽ نيو دهلي جي طرز تي نيوڪراچي جون وستيون قائم ڪيون ويون. هتي ڪي ڪي ڳوٺ ائين رهجي ويا. لالو کيت جي بلڪل وچ ۾ ڊاڪخاني جي اسٽاپ جي ويجھو حاجي مريد ڳوٺ، جتي ڪجھه عرصو ليکڪ، صحافي ۽ اسان جو دوست فقير محمد لاشاري به رهيو هو ۽ عزيز آباد ويجھو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر ۽ اسان جي دوست فتح محمد برفت جي ڀنگوريا ڳوٺ کي ڏسي سگھجي ٿو.
اهو سلسلو هڪ جا تي نه بيٺو بلڪ جيئن شهر ڦهلجندو ويو، نوان ڪارخانا لڳا، ملڪ جي ٻين علائقن ۽ ٻين ملڪن مان ماڻهو مختلف ڪارڻن جي ڪري هن بندرگاهه واري شهر ۾ ايندا ويا، نيون آباديون قائم ٿيون ۽ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا ان جو شڪار ٿيا. گلشن اقبال 1970 جي ڏهاڪي ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿيو. لڳندو ايئن هو ته هتي ڪا انساني آبادي ناهي. گرومندر کان ڪراچي يونيورسٽي تائين پراڻي سبزي منڊي، حسن اسڪوائر، اڙدو سائنس ڪاليج ۽ نيپا جون عمارتون ئي هونديون هيون. پر اهو سڄو علائقو مختلف ڳوٺن تي مشتمل هو جن جو جديد شهري سهولتن نه هئڻ ڪري شهر سان ڪو سرگرم لاڳاپو نه هو. انهن مان گھڻن ڳوٺن کي ڊاهي هڪ نئون شهر اڏيو ويو جتي تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ ٻيون شهري سهولتون آهن جيڪي ان کان اڳ اتي رهندڙ ڳوٺاڻن کي ميسر نه هيون. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ رهجي ويا اهي به آهستي آهستي بلڊرز ۽ شهر جي رٿابندي ڪندڙ ڪامورن جي مهربانين سان نئين آبادي ۾ ضم ٿيندا ويا ۽ ڳوٺن جا رڳو نالا رهجي ويا.
ٻين ڳوٺن ۾ ٻني ٻارو ته ختم ٿي ويو هو ۽ ڳوٺاڻا گھڻو ڪري مال تي گذر بسر ڪندا هئا پر ملير اهڙو علائقو هو جتي ٻني ٻارو به ٿيندو هو ۽ مختلف ميون وغيره جا باغ به هوندا هئا. هتان مختلف قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا وغيره شهر جي مارڪيٽ ۾ ويندا هئا. هتان جي باغن وغيره ۾ گھڻا ماڻهو خاص طور ويڪ اينڊ گذارڻ ويندا هئا. منهنجو به ڪڏهين گھمڻ ۽ ڪڏهين دوستن سان ملڻ لا مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. خاص طور ڄام ڳوٺ، ڪالا بورڊ وٽ صديق وليج، کوکرا پار ۾ ملير نئين جي ٻئي پاسي سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۽ منزل پمپ جي ويجھو جاجي پير ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو. جيتوڻيڪ اڃا تائين ملير ۾ اهڙا ڳوٺ آهن جتي باغ آهن ۽ ٻني ٻارو ٿئي ٿو پر گھڻن علائقن ۾ شهر گھڙي آيو آهي ۽ اهو عمل اڃا جاري آهي.
ملير هڪ وسيع علائقو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپو پي اي سي ايچ ايس، سنڌي مسلم سوسائٽي، ڪي ڊي اي اسڪيم نمبر ون ۽ محمد علي سوسائٽي وغيره کي ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هتي وفاقي حڪومت جي ڪامورن ۽ نئين ملڪ جي ٻئي ايليٽ کي عاليشان ۽ آرام ده بنگلا ٺاهي ڏجن جتي زندگي جي هر آسائش موجود هجي. ريوينيو ريڪارڊ ۾ هن وقت به سنڌي مسلم سوسائٽي واري چوواٽي کي ملير ناڪي جي نالي سان سڏجي ٿو. ساڳي ريت سڄي شاهراهه فيصل ۽ اڳتي نيشنل هائي وي هن وقت جديد سهولتن وارين نين آبادين سان ڀريا پيا آهن. ڊرگ روڊ واري پل جي ٻئي پاسي واري علائقي کي اڃا به ناٿا خان ڳوٺ چيو وڃي ٿو. منهنجو اڪثر ان پل تان گذر ٿيندو آهي ۽ بسن ۽ ويگنن جي ڪنڊڪٽرن کي ناٿا خان جون رڙيون ڪندو ٻڌندو آهيان پر مون کي اوسي پاسي اهڙي ڪنهن نالي جو ڳوٺ نظر نه آيو آهي. ان کان اڳتي به جيتوڻيڪ ملير جو علائقو آهي پر ڪٿي به ڳوٺن جو نالو نشان نه ٿو ملي. صديق وليج ۽ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ جي گھرن ۽ رستن وغيره جي صورتحال اهڙي آهي ڄڻ اها ڪا ڪچي آبادي هجي. اها ساڳي صورتحال قائد آباد کان اڳتي منزل پمپ جي ويجھو حاجي پير ڳوٺ جي آهي جتي اسان جو دوست ۽ اسٽيٽ بينڪ جو سينيئر آفيسر شوڪت بزنجو رهندو آهي. ان جي ويجھو ئي ڪوهي ڳوٺ آهي جتي ڊاڪٽر شيرشاه سيد عورتن جي بيمارين جي علاج لا اسپتال قائم ڪئي آهي جيڪا سڄي سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل عورتن جي خدمت ڪري رهي آهي.
هتان جي ماڻهن ۽ سندن ڳوٺن جي حالت کي ڏسندي اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته انهن کي اتي ئي ڇڏيو ويو آهي جتي اهي نين آبادين جي قائم ٿيڻ کان اڳ موجود هئا. انهن جي پسماندگي ۽ سماجي طرح پٺتي رهڻ لا مختلف ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون گھڙي ان جو سڄو ڏوهه انهن تي ئي مڙهيو ويو آهي. ان ڳالهه کي وڏي پئماني تي هلايو وڃي ٿو ته اهي ماڻهو سست آهن، ڪم نه ٿا ڪرڻ چاهين ۽ انهن پاڻ ٻين ماڻهن کي پنهنجون زمينون وغيره وڪرو ڪري ڏنيون آهن. ڏٺو وڃي ته دنيا جي جن به ملڪن ۾ ڪالونائيزيشن ٿي آهي ۽ مقامي ماڻهن جي گھرن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن اتي انهن ماڻهن لا اهي ئي ڳالهيون هلايون ويون آهن. اهي سڀ پنهنجي قبضي کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لا جواز گھڙيا ويندا آهن. جيڪڏهين انهن ماڻهن کي تعليم، صحت، سڙڪون ۽ ٻيون شهري سهولتون ڏنيون وڃن ها ۽ انهن جي زندگي گذارڻ جي طريقي کي جديد طرز تي استوار ڪيو وڃي ها ته انهن جي صورتحال مختلف هجي ها. اهڙا انفرادي مثال موجود آهن پر اهي رڳو استثنا آهن. ان صورت ۾ اهي ماڻهو هڪ پٺتي پيل ۽ پسمانده زندگي نه گذارين ها پر ان شهر جو ضروري حصو هجن ها جيئن ٻين ملڪن ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا هوندا آهن.
انهن ماڻهن کي سندن گھرن ۽ روايتي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪيو ويو جڏهين ته انهن کي ان قابل به نه ڪيو ويو ته اهي شهر جي جديد زندگي ۾ ضم ٿي پنهنجي لا روزگار جا نوان ذريعا حاصل ڪري سگھن. ان ڪريِ انهن ۽ انهن جي ڀر ۾ رهندڙ نين آبادين جي ماڻهن ۾ هڪ واضح فرق پيدا ٿي پيو آهي جن کي تعليم صحت، صاف پاڻي ۽ ٻيون شهري سهولتون حاصل آهن جن کان اهي ڳوٺاڻا محروم آهن. انهن جي زندگي گذارڻ جو طريقو اهو ئي پراڻو آهي. اهڙي ريت شهر ۽ ان جا ماڻهو اڳتي وڌي ويا ۽ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا پوئتي رهجي ويا. منهنجو هڪ دوست مون کي چوندو آهي ته خاص طور ڪراچي جي ڳوٺاڻن سان جيڪي ڪجھه ٿي رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي اهي ريڊ انڊين واري سطح جي ويجھو آهن. پر آئون اڃا ان کان ٿورو اڳتي ويندي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪيان ته اهي اڳ ئي ان سطح تي پهچي چڪا آهن. اهي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان نه رڳو هڪ پسمانده زندگي گذاري رهيا آهن پر ان زندگي ۾ ئي انهن کي قيد رکڻ لا اهڙو وڏيرڪو ۽ سرداري سرشتو ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به ريت ان شڪنجي مان آزاد ٿيڻ نه ٿو ڏئي.