ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بي اعتمادي رٿ ۽ وزيراعظم جي بوکلاهٽ

Editorial-Article- Yameen Jatoi

وزيراعظم کي بي اعتمادي رٿ جو معاملو ڪيترو ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، ان جو اظهار اربع واري ڏينهن سندس ڪراچي ۾ ڪيل خطاب مان ٿي رهيو آهي. نيازي صاحب جي بوکلاهٽ جو عالم اهو آهي جو کيس اهو وسري ويو آهي ته هن جي ان ردعمل سان سندس پوزيشن اڃا به خراب ٿي رهي آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اپوزيشن جي ان وار کي وزيراعظم صاحب تحمل ۽ سياسي بلوغت سان منهن ڏيئي پر ان لا به هڪ سياسي ذهن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا وٽس پهرين ڏينهن کان ڪانهي. اهڙي شخص کي “ليڊر” ڪري، هن ملڪ جي 22 ڪروڙ مظلوم عوام تي مڙهيو ويو. بهرحال، سندس سمورا ساٿي آهستي آهستي ساٿ ڇڏيندا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته ق ليگ جيڪا هن مهل تائين گهڻي ٻڏتر جو شڪار نظر پئي آئي، اها به هاڻي چٽي ٿي سامهون اچي چڪي آهي.
چوڌري شجاعت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ق ليگ طرفان اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ تي آپشن بي سامهون اچي ويو آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب چوڌري شجاعت آصف زرداري کي چيو ته جن شرطن تي توهان پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ چاهيو ٿئي، اسان ان لا تيار آهيون. ان موقعي تي آصف زرداري کيس جواب ڏنو ته توهان اسان کي بروقت جواب نه ڏنو ته اسان ٻين آپشنز تي ڪم ڪيو. توهان شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهو سياسي قدرن جي خلاف هو. توهان منهنجي لا محترم آهيو، ان ڪري نواز ليگ قيادت سان آپشن بي تي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. آپشن بي تي فيصلو جو حتمي اختيار نواز شريف جي حوالي ڪيو ويو آهي. آپشن بي جي صورت ۾ اپوزيشن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي خلاف عدم اعتماد جي رٿ نه آڻيندي ۽ ق ليگ جي موجوده وفاق ۾ نمائندگي جاري رهندي. جڏهن ته چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي دعوت تي نه وڃڻ واري معاملي کي وساريو وڃي.
ٻئي پاسي مسلم ليگ (ق) نيازي صاحب چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان جا 15-20 ميمبر ٽٽي ويا ته اسان به اپوزيشن سان گڏجڻ تي مجبور ٿينداسين. وزيراعظم عمران خان سان مسلم ليگ (ق) جي وفاقي وزير طارق بشير چيمه جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ آئنده جي منظرنامي واري آپشن تي ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته حڪومتي ميمبرن جي ڇڏڻ جي صورت ۾ به آئنده سياسي تعاون تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. مسلم ليگ (ق) حڪومتي ميمبرن جي ٽٽي وڃڻ تي پهريون ڀيرو اپوزيشن سان گڏجڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. طارق بشير چيمه وزيراعظم عمران خان کي چيو ته جيڪڏهن اوهان جا 20 ميمبر ٽٽي ويا ته اسان به اپوزيشن سان گڏجڻ تي مجبور هونداسين. طارق بشير چيمه وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته اتحادين جي معاملي ۾ اوهان سان گڏ بيٺل آهيون پر جيڪڏهن اوهان جا ميمبر ٽٽي ويا ته اسان به نيون پاليسيون ٺاهي سگهون ٿا.
جڏهن ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي ريڪيوزيشن جمع ڪرائڻ بعد اپوزيشن اڳواڻن حڪومتي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيائي ذريعن جي دعويٰ آهي ته پارليامينٽ لاجز ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه عروج تي آهي، تازو تحريڪ انصاف کي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ نديم افضل چن ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ نئير بخاري حڪومتي اسيمبلي ميمبر نواب شير وسير ۽ نور عالم خان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ تي مشاورت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اڳواڻن حڪومتي ميمبرن کان بي اعتمادي رٿ تي حمايت جي درخواست ڪئي. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ روحيل اصغر ۽ شيخ فياض الدين پڻ ايم اين اي رياض مزاري، راجا رياض ۽ امجد فاروق کوسا سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب اها ملاقات رياض مزاري جي پارليامينٽ لاجز واري گهر ۾ ٿي، ان دوران ليگي اڳواڻن به حڪومتي ميمبرن کي حمايت جي درخواست ڪئي.
بي اعتمادي جي رٿ جمع ٿيڻ کان پو نيازي سرڪار جي رٿا به سامهون اچي وئي آهي. سرڪار عدم اعتماد جي رٿ جي معاملي تي جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسپيڪر هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رٿ جي حوالي سان لائحه عمل طئي ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رٿ پيش ڪرڻ واري ڏينهن ايوان ۾ حڪومت جو رڳو هڪ ميمبر شريڪ ٿيندو ۽ ووٽنگ واري ڏينهن حڪومتي ميمبرن کي اجلاس ۾ نه وڃڻ جون هدايتون ڏنيون وينديون. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته آرٽيڪل 63 اي تحت منحرف ميمبرن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پارليامينٽ ۾ ايندڙ حڪومتي ميمبرن خلاف پي ٽي آ چيئرمين اسپيڪر کي ريفرنس بابت خط به لکيو ويندو.
جڏهن ته اپوزيشن وزيراعظم خلاف تحريڪ عدم اعتماد لا حڪمران پارٽي جي 24 ميمبرن جي حمايت جي دعوى ڪري ورتي آهي. قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ۽ اتحادين جي ميمبرن جو انگ 179 آهي ۽ اپوزيشن کي 162 ميمبرن جي حمايت آهي، نمبر گيم ۾ حڪومت کي 17 ووٽن جي برتري حاصل آهي پر اپوزيشن دعوى ڪئي آهي ته مسلم ليگ ن کي 16، پيپلزپارٽي کي 6 ۽ جي يو آ کي 2 حڪومتي ميمبرن حمايت جي خاطري ڪرائي آهي. اپوزيشن طرفان حڪومتي اتحادي پارٽين مسلم ليگ ق، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سان رابطا ڪيا پيا وڃن، انهن ٽنهي پارٽين جا ڪل 17 ميمبر ايوان ۾ موجود آهن، جيڪڏهن ٽنهي پارٽين اپوزيشن جو ساٿ ڏنو ته اپوزيشن کي سادي اڪثريت ملي ويندي.
هوڏانهن حڪومت جي اتحادي جماعت بلوچستان عوامي پارٽي وزيراعظم سان ملاقات کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ڪلهه رات بي اي پي ميمبرن کي ملاقات لاءِ گهرايو هو پر بي اي پي ميمبرن پارلياماني ليڊر خالد مگسي جي غير موجودگي تي ملاقات کان معذرت ڪئي. ميڊيا ۾ خبرون هلن پيون ته “بي اي پي ميمبرن جواب ڏنو ته ڪجهه ميمبر اسلام آباد ۾ ناهن، واپسي تي ملاقات ٿيندي. بلوچستان عوامي پارٽي سياسي صورتحال تي مشاورت کانپوءِ حڪمت عملي طئي ڪندي.”
جڏهن ته عليم خان لنڊن پهچي ويو آهي، عليم خان جي نواز شريف سان ملاقات جو به امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. عليم خان لنڊن ۾ جهانگير ترين سان ملاقات ڪندو. عثمان بوزدار جي وڃڻ جي صورت ۾ عليم خان ۽ (ن) ليگ جو گڏيل وڏو وزير آندو ويندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان گروپ نئين سياسي پارٽي تي به صلاح مشورو ڪندا. چيو پيو وڃي ته هن وقت جهانگير ترين ۽ عليم خان گروپ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ضم نه ٿيندو، ايندڙ عام چونڊن ۾ جهانگير ترين عليم خان وڏي سياسي اتحاد جو حصو هوندا. عدم اعتماد ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ تي ايندڙ اليڪشن ۾ جهانگير ترين گروپ جي اميدوار خلاف اميدوار نه بيهاريو ويندو.
هڪ اهم پيشرفت اها ٿي آهي ته اپوزيشن پاران صدر علوي خلاف مواخذي جي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته اپوزيشن جو اهو نيازي صاحب تي ٻيو وڏو سياسي حملو هوندو.
ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف تي مني لانڊرنگ جا سنگين الزام مڙهيندي چيو آهي ته “ملڪ ۾ اصل سازش 2008 کان 2013 جي وچ ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ملڪ اندر 26 پرڏيهي فنڊنگ جي ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي ٻاهرين ملڪ مان مني لانڊرنگ ڪري پسئا گهرايا ويا هئا.” مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته “بي اعتمادي رٿ پارليامينٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ بي اعتمادي رٿ ۽ سيشن جي رڪويزيشن اسيمبلي ميمبرن جي صحيح سان ايوان ۾ جمع ٿي چڪي آهي. ان کان پو اخلاقي طور تي عمران خان کي وزيراعظم طور ڪوئي خطاب نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته هن وقت جيڪا ان جي ذهني حالت آهي ۽ جيڪو هن خطاب ڪيو، ان مان لڳي رهيو هو ته ڌمڪيون، غنڊا گردي ۽ جنهن قسم جي ڳالهه هو ڪري رهيو هو ان مان صاف ظاهر آهي ته ان جي ذهني حالت ٺيڪ نه آهي. تقرير مان ظاهر ٿي چڪو آهي پاڪستان جي عوام کي اها سٺي خبر ملي چڪي آهي ته جيڪو نالائق چور ۽ ڪرپٽ ٽولو عمران صاحب جي شڪل ۾ ساڍا 3 سال اڳ عوام تي مڙهيو ويو هو، اهو وڃي چڪو آهي ڊنمارڪ، جرمني، سوئٽزرلينڊ، گڏيل امارت، سوئڊن، نيوزيلينڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، آسٽريا، سعودي عرب، ناروي ۽ آسٽريليا مان پئسا ايندڙ ناڻي روانگي کي اليڪشن ڪميشن کي ڊڪليئر نه ڪيو ويو. پاڪستان جي خلاف اصل ٻاهرين ملڪ سازش اها هئي جيڪا اوهان ڳجهي فنڊز جي ذريعي ڪئي. پهرين جولاءِ تي عمران خان صحيحون ڪيون ۽ سينٽرل آفيس جي ملازمن جي ذريعي ان جي ذاتي اڪائونٽس جي مٿان ٻاهرين ملڪ مان پارٽي فنڊنگ گهرائڻ جي اجازت ڏني. طاهر اقبال محمد نعمان افضل، محمد اشرد، ۽ محمد رفيق جي نالي تي ۽ ان جي ذاتي اڪائونٽس ۾ فندنگ ايندي رهي جيڪا اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪليئر نه ڪئي وئي ان جي نالي تي ذاتي اڪائونٽس ۾ فنڊنگ ڪٿان ايندي رهي؟ پي ٽي آئي جي ٻاهرين ملڪ آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، برطانيا، فن ليند ناروي ۽ نيوزيلينڊ جي آفيسن جي فنڊز کي اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪليئر نه ڪيو ويو هن ملڪ جي خلاف اصل سازش اها هئي.” نواز ليگ جي اهي انتهائي سنگين الزام آهن. جنهن جو نيازي صاحب کي جواب ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button