وزير اعظم عمران خان ماضي ۾ چوندو رهيو آهي ته آءِ ايم ايف جي غلامي قبول ڪانه ڪئي ويندي ۽ هاڻ جڏهن هو حڪومت ۾ آهي ته اهي ڳالهيون به ڪندو رهيو آهي ته خيرات گهرندڙ ملڪ جي ڪوبه عزت ناهي ڪندو پر ڇا کيس اها خبر ناهي ته سندس ئي حڪومت هن وقت تائين رڪارڊ قرض کنيو آهي. اهو قرض آءِ ايم ايف کان ورتو ويو آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو آءِ ايم ايف جي ڳرين شرطن کي قبول ڪيو ويو آهي پر اهي شرطون بجليءَ جي بل ۾ واڌ، پيٽرول جون قيمتون وڌائي ۽ گيس مهانگائي ڪري پوريون ڪيون وينديون آهن. جن جو سڌو سنئون بار عوام جي کيسي تي پوندو آهي. عوام جي مالي حالت بنهه گهڻي خراب لڳي پئي آهي. ان هوندي به عمران خان حڪومت قرض مٿان قرض کڻي رهي آهي ۽ ان جي عيوض اها آءِ ايم ايف جون ڳريون شرطون مڃي عوام تي مالي بار جو اضافو ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي عمران خان عوام سان خطاب ڪندي چيو هو ته هو بجليءَ جون قيمتون گهٽ ڪري رهيو آهي ۽ هن اهو وعدو به ڪيو هو ته بجليءَ جون قيمتون ايندڙ بجيٽ تائين ڪونه وڌايون وينديون پر هڪ ڀرو بجليءَ جي قيمت في يونٽ 95 پيسا وڌائي وئي آهي. اهي پئسا به عوام کان ورتا ويندا. جڏهن ته عوام هن وقت تائين هاڻوڪي حڪومت ۾ مهانگائي هٿان ايترو ته پيڙجي چڪو آهي جو هاڻ ان ۾ وڌيڪ مهانگائي برداشت ڪرڻ جي سگهه ئي ناهي. پر تنهن هوندي به حڪومت اهو طئي ڪري ورتو آهي ته عوام کي ڪنهن به ريت ڪو رليف ناهي ڏيڻو ۽ جيڪو رليف مليل آهي، ان کي به ڦري رهي آهي.
ڪالهوڪي رپورٽ موجب مهانگائي جي ماريل عوام کي حڪومت بجلي جو وڏو ڪرنٽ هڻي ڇڏيو. نيپرا آءِ ايم ايف جي شرطن تي بجلي 95 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگائي ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪيو آهي. نيپرا طرفان ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 5 ڏهائي 94 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن سان واهپيدارن تي 58 ارب رپين جو واڌو بار پوندو. واهپيدارن کي ايندڙ مهيني جي بلن ۾ واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون پر اها واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. رپورٽ موجب بجلي جي بنيادي قيمت ۾ سراسري طور 53 پئسا ۽ مختلف سيلز لاءِ بجليءَ جي قيمت ۾ 8 کان 95 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي. دستاويز موجب 100 يونٽن تائين بجليءَ جي قيمت ۾ 8 پئسا في يونٽ ۽ 101 کان 200 يونٽن تائين 18 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي. ان کان سواءِ بجلي جي 201 کان 300 يونٽ استعمال ڪرڻ تي 48 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي. بجلي جي 301 کان 700 يونٽ تائين استعمال تي 95 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته بجليءَ جون قيمتون وقفي وقفي سان وڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام لاءِ بجلي ايتري ته مهانگي ڪرڻ ٿي چاهي جو اهي بجلي استعمال ڪرڻ تان هٿ کڻي وڃن. هاڻوڪي حڪومت جي هوندي بجليءَ جو ڪوبه نئون منصوبو نه جوڙيو ويو آهي. جنهن سان بجليءَ جي بحران کي حل ڪري سگهجي ۽ نه ئي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي گهٽائڻ جون ڪي تياريون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته نواز شريف جي دور ۾ عوام کي سستي بجلي ملي رهي هئي ته ان وقت وزير اعطم عمران خان ان کي مهانگي بجلي چئي پنهنجا بل ادا ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو. جڏهن ته ان زماني ۾ بجليءَ جو في يونٽ عوام جي پهچ ۾ هو ۽ ان کان سواءِ ايتري لوڊشيڊنگ به ڪانه هئي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آءِ ايم ايف سان ڪيل وعدن جو بار عوام تي نه وڌو وڃي بلڪه بجليءَ جا نوان منصبوبا شروع ڪيا وڃن. بجليءَ کي سستو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن عوام پنهنجو پئسو رڳو بجليءَ جي بلن تي نه لڳائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته عوام اهو ئي چاهي ٿو ته حڪومت ڪابه هجي پر اها گهٽ ۾ گهٽ عوام کي رليف ضرور ڏئي.