اڄوڪي سماج ۾ هر انسان هڪ مشيني پرزو ٿي رهجي ويو آهي. اتي ڪي فرد ان سماج ۾ دنياداري ۽ رنگين زندگي ڇڏي ڏيندا آهن. اهي ماڻهو سچ به انساني تاريخ جا عظيم انسان ئي هوندا آهن. جن جي اڳيان اها تاريخ سيس نوائي کين امر بڻائي ڇڏيندي آهي. ڪير ڪهڙي روپ ۾ بدلجي ٿو، ان جو اهڃاڻ ڏسڻ لاءِ انساني تاريخ ۾ امر ڪردار ملندا رهندا آهن. گلاب لغاري ۽ آس پاس جي علائقن جي مٽي ۾ امن ۽ تصوف رچيل آهي. اتي انتهاپسنديءَ کي ڪڏهن به جا ڪانه ملي آهي. اتان جي صوفي ناگا فقيرن جو سُنگ صدين کان آباد آهي. هنن وٽ ڪلاسيڪل راڳ جو هڪ وڏو خزانو اندر ۾ اوتيل آهي. ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لا نسل در نسل سلسلو هلندو پيو اچي. اهڙي سُنگ جو سربراه عيسى فقير لغاري به بڻيو. جيڪو پنهنجو پاڻ کي تصوف جي رنگ ۾ سمائي جنهن زمين تان آيو هو، ان امن جي زمين سان ئي ملي ويو آهي.
هتي سماج ۾ انسان پنهنجي زندگيءَ کي مصنوعي سانچي ۾ کڻي پيو گهمندو آهي. اتي وري عيسى فقير لغاري 30 ورهيه اڳ الائي ڪهڙو راز پروڙي هي دنياداري ترڪ ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي زمينداري ڇڏي ڪولهي ۽ ڀيل هارين کي قرض معاف ڪري ڇڏيو هو. صوفياڻي رنگ ۾ رهڻ لا هن وچن ڪري ورتو هو. جيڪو ويس هن آخر تائين نه مٽايو. هو مراد واهه جي ڪنڌي وٽ زرعي زمين تان پکين ۽ جيتن جي خاتمي جو به قائل نه هو. ان ڪري هو زرعي دوائن جو ڪڏهن به استعمال نه ڪندو هو. هو نانگن ۽ بلائن کي نه ماريندو هو، هو چوندو هو ته قدرت جي پيدا ڪيل هر شيءِ جو خاتمو انسان الائي ڇو ٿو چاهي. هن وٽ نانگ ۽ بلائن جي ڪکيل ماڻهن لا به علاج هوندو هو. جنهن ڪيترائي ماڻهو صحتياب ڪيا. اسان جي اسپتالن ۾ نانگ ۽ بلائن جي ڪکيل ماڻهن لا ويڪسين ۽ انجيڪشن اڻلڀ هوندي آهي. اتي عيسى فقير لغاري جهڙا ماڻهو سچ به مسيحا کان گهٽ ناهن هوندا.
هن صوفياڻي رنگ ۾ رنگجڻ لا مراد واهه جي ڪنڌي تي محمد فقير کٽياڻ جا فقير ۽ سُنگ گهرائي پاڻ کي تصوف حوالي ڪري ڇڏيو هو. هن گيڙو ويس اوڍڻ کانپو الائي ڪيترا ڏينهن هڪ هنڌ ويهي چلو به ڪاٽيو هو. ان هنڌ تي اڳ ۾ ڏاتو فقير به چلو ڪاٽيو هو. جيڪو ان وقت جو وڏو مذهبي عالم مڃيو ويندو هو، جيڪو پنهنجو ويس بدلائي هڪ هنڌ چلو ڪڍي ويهي رهيو هو، جنهن کي پاڻ محمد فقير کٽياڻ اچي چلي مان اٿاري پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. عيسى فقير لغاري ۽ گلڻ فقير ٻڌائيندا هئا ته ڏاتو فقير وري موٽي نه آيو. اڄ ڏينهن تائين اها به خبر ناهي ته سندس قبر ڪٿي آهي. عيسى فقير لغاريءَ کي به محمد فقير کٽياڻ جي سُنگ ئي راڳ ويراڳ سان کيس گيڙو ويس پارائي پيرن ۾ ڇيرون پارايون هيون، هن هٿ ۾ جهليل لوهي ڪندري آخر تائين هٿ مان نه ڪڍي هئي. فقيري ويس ۾ رهڻ واري وقت ئي هن مذهبي انتهاپسندي خلاف عملي طور پنهنجي آشرم تائين ويڙهه جو اعلان ڪيو هو. هن پنهنجي طريقت سان ئي سماج، مذهب تصوف کي ڏسڻ شروع ڪيو هو، هن پاڻ کي زنده فنا ڪري پنهنجي خيرات ڪئي هئي، هر مهيني جي آخري خميس تي هو ديڳون پڇرائي غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن کي پيو کارائيندو هو. هر سال رجب مهيني جي آخري خميس تي پنهنجي آشرم تي هو پنهنجو ساليانو عرس ڪري ورسي ملهائيندو هو، جتي پوري سنڌ جا راڳي شريڪ ٿي سندس شاعري ڳائيندا هئا. هن جون آخري رسمون به راڳ ڳائي ڪيون ويون هيون، جنهن تي ڳوٺ جي مولوين اختلاف به ڪيا هئا. پر سندس ڀائيٽن، پٽن ۽ ڀا وصيت تي عمل ڪري سندس آشرم تي ڳائي وڄائي موڪلايو هو. هن بيماريءَ ۾ هوندي به ڪنهن کي بيماري بابت ٻڌائي پريشان نه ڪيو هو. هو خاموشيءَ ۾ هليو ويو آهي. هن جنهن ڏينهن وفات ڪئي، ان ڏينهن تي ئي سندس ساليانو ڏهاڙو هو، جنهن بابت هن پنهنجي فقيرن ۽ پٽن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته خميس تي هر صورت ۾ ڏهاڙو ملهائجو. ان ڏينهن ئي هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ سندس آشرم تي ان رات ئي صوفي راڳ سان عرس ملهايو ويو. صوفي راڳين عيسى فقير لغاريءَ جي شاعري جا ٻول “نچان ٿو ناچو ٿي نروار، صورت جي سردار اڳيان محمد سائين مهندار اڳيان” ڳايا هئا. عيسى فقير لغاري سندس مشهور بيت “هڪ ويل ميڏي هادي ميڪون آکيا، اي راز نه ڪينال کولين، وحدت والي ويڙهي آوين، تون مون تون نه تولين، ڪرين پاڪ محبت پنج تن والي اتهان روح نه اپڻا رولين، ٿي رئيس وڏيرا نه تون آوين، رنگ فقيري وچ پيا ڳولين.” اڪثر ٻڌائيندو هو.
عيسى فقير لغاري ٽنڊو ڄام ۾ محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه تي هر سال لڳندڙ عرس ۽ ميلي ۾ پنهنجي سُنگ سان شرڪت ڪندو هو. هن سميت سوين صوفين جي سُنگ ۾ تصوت جي تبليغ لا ڪٿي به اوهان کي فنڊنگ ۽ پروجيڪٽ نه ملندو. هو پنهنجي ئي رنگ ۾ رچيل هوندا آهن. هي صوفي فقير ۽ سندن سنگ صوفي عزم بمقابلا انتهاپسنديءَ جي نعري کان به بي نياز هوندا آهن. اسان جو ننڍپڻ هو جو عيسيٰ فقير سائين رنگ برنگي ۽ برانڊ جي ڪپڙن جي خفن کان آجو ٿي پاڻ کي هڪ ئي گيڙو رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو هو. مون هن جي آشرم جا ٻه رنگ ڏٺا هئا، هڪ مراد واهه جي ڪنڌي وارو آشرم جتي اسان سندس فنا ٿيڻ دوران ڪيل خيرات جي ماني به کائڻ ويا هئاسين. ان وقت اسان سان، اسان جو دوست بشير به گڏ هليو هو. بشير پو جلد ئي نانگ جي ڪکجڻ سبب هي دنيا ڇڏي هليو ويو هو. شايد ان جي تڪليف عيسى فقير کي پهتي هئي، بشير اسپتال پهچندي ئي فوت ٿي ويو هو. ان ڪري ئي عيسى فقير نانگ ۽ بلائن جو علاج ڳولي لڌو هو. مراد واهه جي ڪنڌيءَ تي بغاوت جو علم کوڙڻ وارو پهريون شخص عيسى فقير هو.
عيسى فقير پنهنجي شاعري اردو، سرائيڪي ۽ هندي ٻولين ۾ ڪئي آهي. هن جي ڪلام کي وڌ کان وڌ ڳايو ويو آهي، هو راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. هن گلاب لغاري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ آباد بهار فقير، جمال فقير ۽ اسماعيل فقير جي راڳ جي تاريخ رکندڙ هو. عيسى فقير کان اڳ وڏو صوفي راڳي گل محمد عرف گلڻ فقير وڇڙي ويو هو، جنهن جي وڇوڙي سان ڄڻ ته راڳ جو هڪ باب بند ٿي ويو. گلڻ ۽ عيسى فقير جي وڇوڙي ڄڻ ته صدين جي آواز کي بند ڪري ڇڏيو آهي. هو صوفي پرچار سان گڏ هڪ انتهاپسندي خلاف هڪ مزاحمت جي علامت به هئا. عيسى فقير لغاري وٽ راڳداريءَ سان گڏ پنهنجي تصوف جي هڪ منفرد تشريح هئي. هو محبت ورهائڻ، امن جو پيغام کڻي هلندڙ هو. عيسى فقير پنهنجي مراد واهه جي ڪنڌي وارو آشرم ختم وري آخر ۾ پنهنجي زمين جي ڀرسان قائم ڪيو هو. هو طب ۽ حڪمت جي سکيا لا منهنجي بابا سائين جي به ويجهو رهيو. بابا سائين ٻڌايو ته عيسى فقير منهنجو گهاٽو دوست هو. بابا حڪيم محرم لغاري هر بيماريءَ جو نسخو عيسى فقير لغاريءَ کي ٻڌائيندو هو. بابا سائين اڄ به عيسى فقير کي ساري ٿو.
عيسى فقير پنهنجي طالبن جا نالا به جانڻ چن فقير سائين وانگر منفرد ۽ الڳ ڪري رکندو هو. هو چوندو هو ته اصل نالا بدلائڻ جو مطلب فقيرن کي فنا ڪري پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ آهي. هن ڀورو ڀڳت ڀٽ شاهي، نهال نماڻو، مينڌرو نواز علي، نظير سامان علي، محمد بخش لوهار فرقان علي جهڙا نالا رکيا. هن جا سڄي سنڌ ۾ طالب آباد آهن. عيسى فقير جو هڪ پوليس عملدار طالب ٿيو. جنهن هن کي اطلاع ڪري سڏايو ته فقير سائين فلاڻو پوليس عملدار سڏائي ٿو، جنهن تي هن چيو ته صوبيدار ۽ ٿاڻن سان اسان جو ڇا وڃي. نٿا هلون. پو عملدار پاڻ هلي آيو هو.