ڇا عمران خان جي حڪومت هڪ طاقتور حڪومت آهي جيڪڏهن هي حڪومت طاقتور آهي ته ماضيءَ جون پارلياماني چونڊيل حڪومتون طاقتور هيون يا ڪمزور اسان جي آڏو پارلياماني تاريخ جا جيڪي ورق موجود آهن انهن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي طاقت رکندڙ حڪومت به پنهنجي طاقت کي يا پارلياماني طاقت جي بنيادن تي پنهنجو پاڻ کي طاقتور تصور نه ڪيو هو، هڪ اهڙي حڪومت جنهن اتحادين جي سهاري پنهنجي سادي اڪثريت حاصل ڪئي، اها حڪومت پنهنجو پاڻ کي طاقتور حڪومت چئي سگھي ٿي؟ يقينن اهو انتهائي سادگيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو ته پارليامينٽ جي اندر ڪمزور حڪومت ان حڪومت کان وڌيڪ ڪمزور آهي جنهن وٽ پارليامينٽ جي اندر سادي اڪثريت يعني انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور تعداد رهيو آهي ته پوءِ عمران خان جي خلاف جڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي تحريڪ آندي ته هن ڪهڙن بنيادن تي پوري مخالف ڌر جي قيادت کي نه رڳو تنقيد جو نشانو بڻايو پر پارٽين جي قيادت کي جنهن انداز سان ڌمڪيون ڏيندي مستقبل ۾ کين چيڀاٽڻ ۽ سبق سيکارڻ جا اعلان ڪندي بيان ڏنا آهن. اهڙا بيان ته آمريت جي دور ۾ آمرن جي زبان کان به گھٽ ئي ٻڌڻ ۾ آيا آهن. ها البته شديد ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ تنقيد جو پارو ڪجھه وڌيڪ چڙهيل نظر ايندو رهيو آهي.
اهو دور ذوالفقار علي ڀٽي جو درو هجي يا نواز ۽ آصف زرداري جو دور، ليڪن جڏهن عدم اعتماد وزير اعظم جي خلاف جمع ٿي چڪو هجي تڏهن موجود وزير اعظم ڪڏهن اهڙو لهجو ۽ رويو اختيار ناهي ڪندو، جنهن سان مخالف ڌر کي اقتداري طاقت جو خوف ڏياريو وڃي عمران خان جيڪو هر وقت پنهنجو پاڻ کي اعصابي بنيادن تي مضبوط انسان ۽ مضبوط ڪپتان پيش ڪندي وڏي ورجاءُ سان هي چيو آهي ته ڪنهن به مصيبت ۾ “گھٻرائڻو ناهي” تنهن جو ائين ۽ اهڙي انداز سان ري ايڪشن ٻڌائي ٿو ته هو گھڻو ئي گھٻرائجي چڪو آهي يا
هو حڪومتي طاقت جي حوالي سان وڌيڪ پر اعتماد آهي يا هو سنگين مغالطي جو شڪار آهي.
هي حقيقت آهي ته ڪنهن به حڪومت جي طاقت جو بنياد رياست جا ادارا هوندا آهن پر هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته رياست جا ادارا حڪومتي انتظامن جي لاءِ هجن ٿا. تنهن ڪري رياستي ادارن جو ڪم حڪومتي انتظام سنڀالڻ ئي هوندو آهي حڪومت جو پنهنجو عمل ٻن بنيادن تي هجي ٿو. هڪ انتظامي ڪردار ۽ ٻيو سياسي ڪردار. جيئن ته ادارا انتظامي ڪردار ۾ حڪومت جي ماتحت هجڻ ۾ قانوني ۽ آئيني اصولن جي بنيادن تي پابند هوندا آهن پر ڪڏهن به حڪومت جي سياسي ڪم ۽ مفادن جي لاءِ ادارا حڪومت جي ماتحت ناهن هوندا. جڏهن ڪي به حڪومتون رياست جي ادارن کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪنديون آهن تڏهن اهي حڪومتون عملي طرح خود رياست جي پوري ڍانچي کي بري کان بري طريقي سان ڪمزور ڪنديون آهن ماضيءَ ۾ تمام گھڻي پيماني تي حڪومتن رياست جي ادارن کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ پوءِ انهيءَ جي سزا کين به ڀوڳڻي پئي آهي.
رياستي ادارن جي سياستي ڪردار جو بحث پوري دنيا جي اندر تمام گھڻي ۽ ڊگھي تاريخ رکي ٿو هن ملڪ جو ته مثال ئي ڪجهھ ٻيو آهي جو هتي جيتري پيماني تي رياست جي ادارن کي سياسي مقصدن جي لا استعمال ڪيو ويو آهي انهيءَ کان وڌيڪ خود رياست جي ادارن حڪومتن کي استعمال ڪيو آهي. پاڻ ان ورجاءَ ۾ نٿا وڃون ته آمريتون يعني آمريتن جي تاريخ ئي اقتدار ۾ سڌي سنئين حاصلات ۽ مداخلت جو نتيجو هيو پر ادارن جي عمل ۽ ادارن کي استعمال ڪرڻ جا نتيجا پوري دنيا نه رڳو ڏسي چڪي آهي پر بد کان بد طريقي سان ڀوڳي به چڪي آهي.
هن ملڪ جي بدتر ۽ بري تاريخ اهائي رهي آهي ته هتي ڪڏهن حڪومتن پنهنجي اقتداري مفادن کي حاصل ۽ قائم رکڻ جي لاءِ ادارن کي استعمال ڪيو آهي ته ڪڏهن انهن جي اشارن تي اقتدار جا عارضي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريت جي اصولن کي بري کان بري انداز سان لتاڙيو آهي اهوئي سبب آهي جو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هر حڪمران جي دماغ ۾ طاقت جو بنياد رياست جا ادارا ئي رهيا آهن ۽ هو انهن کي ئي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن (پاڻ هي ورجاءُ نٿا ڪريون ته آمريتن جي تاريخ ۾ سياسي جماعتن پنهنجا تعلقات انهن آمريتن سان جوڙڻ جي لاءِ ڪيتري حد تائين بدتر ڪردار جو مظاهرو ڪيو آهي) ۽ هن وقت به اهوئي عمل ورجائيندي نظر پيو اچي جو عدم اعتماد جي تحريڪ جي پارلياماني جمهوري انداز سان منهن ڏيڻ جي بجاءِ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان حڪومت طاقت جو اشارو ڏنو ٿو وڃي.
هاڻي جڏهن حڪومت پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي ته حڪومت وٽ رياست جي طاقت جا وسيلا ٽي هجن ٿا هڪ اسٽيبلشمينٽ ۽ پوليس ۽ ٽيون حڪومت جا فنڊ يعني دولت، هن وقت مخالف ڌر پوري اعتماد سان اهو چئي پئي ته اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار آهي يعني علامتي انداز سان چوندا رهيا آهن ته امپائر نيوٽرل آهي ته پوءِ حڪومت وٽ ٻه طاقتون بچن ٿيون، هڪ پوليس ۽ ٻي دولت. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ڏھه مارچ يعني جمعي رات جيڪو ڪجھه نظر آيو ۽ جي يو آءِ جا رضاڪار انصار الاسلام پنهنجي ايم اين ايز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پهتا ۽ پوءِ پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ جيڪو آپريشن ڪيو اهو سڀ ڪجهھ اسان جي اڳيان ٿيو جو انهيءَ کان وڌيڪ مخالف ڌر پنهنجي طاقت جو پهريون سگنل ڏيکارڻ جي لاءِ مولانا فضل الرحمٰن پارٽي ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ ۽ روڊن کي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. شايد ڪنهن جي مداخلت ڪرڻ کان پوءِ معاملو ٺاريو ويو. جي يو آءِ جا ڪارڪن اسلام آباد ٿاڻي تان خود مچرڪا ڏئي آزاد ٿا جن شهرن ۾ روڊ بلاڪ ڪيا ويا هئا، اهي کوليا ويا. مخالف ڌر عمران سرڪار کي اهو پهريون پيغام ڏنو ته جي عدم اعتماد کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ ايم اين ايز کي گم ڪيو ويو ته پوءِ صورتحال وڌيڪ ڪشيدا ٿي سگھي ٿي.
بيشڪ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ مخالف ڌر پنهنجي سياسي طاقت جو ڪو به
مظاهرو ناهي ڪيو سواءِ جلسن جي پر هي سمجھڻ ته مخالف ڌر وٽ سياسي طاقت ناهي اهو سمجھڻ سياسي بي عقلائپ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نٿو ٿي سگھي ۽ عمران سرڪار کي هن موجوده دور ۾ حڪومتي طاقت کان سواءِ ٻي طاقت ڪمزور کان ڪمزور آهي يعني ٻي طاقت پارليامينٽ جي اندر ميمبرن جي طاقت ٿيڻ ته ايئن گھربو هو ته تبديلي جا نعرا ڏيندڙ عمران خان بي اعتمادي رٿ کي تمام خوش اسلوبي، ڌرج ۽ جمهوري انداز سان مقابلي ڪرڻ جو اعلان ڪري ها. هي روايتي هٿيارن کان هٽي ڪري هي به اعلان ڪري ها ته اسان اسپيڪر کي اجلاس سڏائڻ جي لاءِ نه رڳو جلدي جو چئون ٿا پر تمام جو تمام اسيمبلي جي ميمبرن کي پارليامينٽ جي اندر شريڪ ٿيڻ جي لاءِ چئون ٿا ۽ پوءِ بي اعتمادي جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ جو جمهوري انداز اپنائيندي پنهنجي طرفان کليو اعلان ڪنداسين ته ڪير وزير اعظم تي اعتماد ڪري ٿو ۽ ڪير اعتماد نٿو ڪري. ڇو ته وزير اعظم جي خلاف عدم اعتماد جو ووٽ کليل هجڻ لازم آهي ۽ هر چهرو ظاهر ٿيندو ته ڪير ڪنهن سان گڏ آهي. يقينن اهڙي عمل ڪرڻ سان وزير اعظم عمران خان اعتماد وڃائي ٿو ويهي ۽ مخالف ڌر کٽي ٿي وڃي ته اها شڪست هڪ باوقار شڪست هوندي پر جيڪڏهن دولت ۽ طاقت جو استعمال ڪري اقتدار جي طاقت کي پنهنجي بچاءَ ۾ استعمال ڪيو ويو ته هن جي جيت به هار تصور ٿيندي ڇو ته مخالف ڌر هن وقت حڪومت تي جيترا به الزام لڳايا آهن انهن جو هڪ وڌيڪ ٻيو الزام هوندو يقينن مخالف ڌر کي هڪ وڏو جھٽڪو لڳندو (جنهن جو امڪان تمام گھٽ آهي) پر مخالف ڌر جي ٻئي حڪمتِ عملي يقينن عوامي مزاحمت واري هوندي ۽ ان مزاحمت جو مقابلو عمران سرڪار کي ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو. تنهن ڪري اقتداري طاقت ۽ حقيقت کي آڏو رکي پنهنجي طاقت جو ۽ جمهوري اخلاقيات جو جيڪڏهن مظاهرو ٿيو ته حالتون وڌيڪ بحران جي طرف نه وڌنديون. باقي لڳي ٿو ته عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪامياب ۽ ناڪام ٿيڻ يعني ٻنهي صورتن ۾ اقتدار پرستيءَ جي جنوني جنگ وڌ کان وڌ بحرانن کي ئي جنم ڏيندي جنهن جو نقصان ملڪي معيشت ۽ عوام کان وڌيڪ خود سياسي پارٽين کي ٿيندو.