پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه بلاول ڀٽو زرداري جي ڪانپين ٽانگ رهي هين واري جملي تي تنقيد ۽ پيروڊيون ٺاهيندڙن کي نشانو بڻائيندي چيو آهي تھ مان بلاول سان پيار ڪيان ٿي، اهو ئي اسان جو ايندڙ وزيراعظم ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ٺٺولوين ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تھ اسان مان ڪير نٿو چئي سگهي تھ اهو سٺي اردو ڳالهائي ٿو، هر انسان کان غلطي ٿي سگهي ٿي، حيران آهيان تھ وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهو هڪ معصوم ماڻهو تي چٿرون ڪن پيا. هن چيو تھ بلاول تي چٿر اسين ان ڪري ڪيون ٿا جو هو پرڏيهه مان پڙهي آيو آهي، جيڪو وقت سان گڏ ٺيڪ ٿي ويندو، منهنجي خيال ۾ سندس اردو منفرد ۽ شاندار اسٽائيل آهي. هن چيو تھ اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي تھ نوجوان ۽ انتهائي خوبصورت انسان اڳتي اچي پيو. هن شوبز ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن کي بھ چيو تھ ڪير بھ هڪٻئي تي چٿر نھ ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close