ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست ۽ ڪردار

Editorial-Article-Umer Qazi

هن وقت اسان جو ملڪ سياسي بحران جي نه پر اهڙي طوفان جي ور چڙهيل آهي، جنهن طوفان کي ”طوفان بدتميزي“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. جيڪو ڪجهه ملڪي سياست ۾ ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه ته شاگرد سياست ۾ به نه ٿيندو هو. شاگرد سياست جا به ڪجهه اعليٰ قدر هئا. ان سياست ۾ به هڪ قسم جو ڪردار هوندو هو. پر ملڪي سياست جي سلسلي ۾ ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڪير ڪنهن کي ڪهڙي گار ڏئي رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن تي ڪهڙو الزام هڻي رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن جي لفظن تي ڪهڙو ردعمل ڏيکاري رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن سان ملي رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن کان ڀڄي رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن جي ٽنگ ڇڪي رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن سان بيوفائي ٿو ڪري ۽ ڪير ڪنهن جي پٺيءَ ۾ ڇرو ٿو هڻي ۽ ان جو به داد ٿو وٺڻ چاهي!
هن ماحول ۾ ته ماڻهو هڪ عجيب ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ڇو ته جڏهن ملڪ جي سياست اهڙن هٿن ۾ هجي، جيڪي ڪنهن به طرح سان قابل اعتبار نه هجن ۽ انهن جو ڪم صرف ۽ صرف گاريون ڏيڻ ۽ غداريون ڪرڻ هجي ته پوءِ انسان جو فڪرمند ٿيڻ ته لازمي آهي. آخر ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ ته سياست جي ضرورت پوندي ۽ اها سياست جيڪڏهن اهڙي هوندي، جهڙي اسان جي ملڪ ۾ هلي رهي آهي ته ان سياست جا ملڪ جي مستقبل تي ڪهڙا اثر پوندا؟ هي ڪوئي تبصرو ناهي ۽ نه وري هي ڪوئي روايتي قسم جو تنقيدي سرشتو آهي. هي اسان جو تجزيو به ناهي ۽ نه وري ڪو اندازو آهي. اسان سياست جي نالي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، اهو ڪجهه ناقابل برداشت آهي.
ڇا سياست ڪڏهن ايتري به هيٺ ڪري سگهي ٿي؟ اسان ته ان جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو. ڪنهن به وڏي پارٽيءَ جي اڳواڻ وٽ عوام جي لاءِ ملڪ جي لاءِ ڪو به ترقيءَ جو تصور ناهي. هر اقتداري پارٽي صرف ۽ صرف پنهنجن گروهي مفادن جي گيم کيڏي رهي آهي ۽ اها ٻين پارٽين جا نه رڳو نقص ظاهر ٿي ڪري پر ان پارٽيءَ جي اڳواڻن جو جيڪو مذاق ٿي اڏاري، اهو مذاق اخباري هيڊ لائنن ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. اخباري هيڊلائنون انهن سان ڀريون پيون آهن ته ڪنهن ڪنهن کي ڪهڙي گار ڏني؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن سوچيو به هو ته هڪ وقت اهڙو به ايندو، جڏهن ملڪ جو وزير اعظم اسٽيج تي بيهي اهو اعلان ڪندو ته مون کي ملڪ جي آرمي چيف چيو آهي ته توکي مولانا فضل الرحمان کي ”ڊيزل“ نه چوڻ گهرجي ۽ مون کيس جواب ڏنو آهي ته اهو نالو کيس مون نه پر عوام ڏنو آهي. جڏهن ته عوام کي ان نالي تي ڀڙڪائڻ ۽ عوام جي زبان تي اهو نالو نعرو بڻائڻ وارو ڪم ته آخر ڪنهن ڪيو هوندو؟ آخر ائين ته نه ٿيندو آهي جو ڪو اڳواڻ اسٽيج تي مس اچي ۽ هن جا حامي توڙي عام ماڻهو ”ڊيزل ڊيزل“ پڪارڻ شروع ڪن ۽ ان کان پوءِ جيڪا تقرير شروع ٿئي، ان کان پوءِ ان تي ردعمل جي صورت ۾ صرف اهو اچي ته فلاڻي کي پنهنجي زبان کي لغام ڏيڻ گهرجي. جڏهن سياست جو مطلب ڪنهن جو سرعام پٽڪو لاهڻ ئي رهجي وڃي ته پوءِ ڪير ڪنهن کي ڇا چئي سگهندو؟
ملڪ جي سياست تمام حساس معاملو هوندو آهي. ان ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي کل ڀوڳ واري روش به هجي ته اها ڪنهن به طور تي بري نه آهي ۽ نه وري سمجهڻ گهرجي پر ان جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته ملڪي سياست جو مطلب ئي اهو هجي ته ڪنهن جو پٽڪو لاهجي ۽ ڪهڙي طرح سرعام لاهجي ۽ ان پٽڪي کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو جهنڊو ڪيئن بڻائجي ۽ ڪهڙي طرح ان کي پنهنجي مفادن ۾ استعمال ڪجي؟ اسان سياست جي معرفت پنهنجي نسلن جي جيڪا تعليم ۽ تربيت ڪري رهيا آهيون، ان کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. سياست جيڪڏهن مذاق بڻجي وڃي ته تاريخ اسان جي لاءِ ڪهڙو فيصلو ڪندي؟ اسان کي ان باري ۾ به ڪجهه نه ڪجهه سمجهڻ ۽ سوچڻ گهرجي.
اسان جي ملڪي سياست جو الميو صرف اهو ناهي ته ان ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ گندگار ڀرجي ويو آهي پر اسان جي سياست جو ان کان به وڌيڪ برو پهلو اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ان ۾ هاڻي غداري ڪرڻ تي ڪوئي به شرمندو نه ٿو ٿئي. هڪ پارٽي صبح جو هڪ موقف پيش ڪري رهي آهي ۽ هڪ پارٽيءَ سان بيهي ٻي پارٽيءَ جي مخالفت ڪري رهي آهي ۽ شام جو عين ان جي ابتڙ ٻيو موقف پيش ڪري رهي آهي ۽ ٻي پارٽيءَ سان بيهي پهرين پارٽيءَ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪنهن شرمناڪ منصوبي جو حصو بڻجي رهي آهي. ڇا اهو سڀ ڪجهه عجيب ناهي؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه نفرت جي لائق ناهي؟
تحريڪ انصاف جي سلسلي ۾ هڪ مشهور ڪردار جهانگير ترين جو به هو. اهو جهانگير ترين جنهن کي مسلم ليگ ن توڙي پيپلز پارٽيءَ وارا عمران خان جي ”اي ٽي ايم مشين“ قرار ڏيندا هئا. جڏهن هڪ اسڪينڊل سبب جهانگير ترين ۽ عمران خان ۾ وڇوٽي پيدا ٿي ۽ اها وڇوٽي جڏهن بليڪ ميلنگ جو مرحلو اچي ويو ته جهانگير ترين لنڊن ۾ ويهي پنهنجا پتا کيڏڻ لڳو ۽ وڏي ڳالهه ته سڀ ڪجهه وساري ۽ ماضيءَ ۾ پنهنجا قول قرار فراموش ڪري پاڻ کي نظرياتي سياستدان چوندڙ ميان نواز شريف لنڊن ۾ ان جهانگير ترين سان ملاقات ڪري ٿو ۽ ملاقات ۾ هن کي عمران خان جي خلاف ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ ان دعوت جون خبرون ميڊيا ۾ لڳن ٿيون ۽ ڪنهن به مسلم ليگي اڳواڻ کي ان تي ڪا شرمندگي محسوس نه ٿي ٿئي. جيڪو ڪالهه دشمن هو ۽ اهو اڄ دوست بڻائڻ جي مرحلي ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو ۽ اها پڪ به ناهي ته اها دوستي ڪيتري ديرپا آهي ۽ اها دوستي ڪيتري دير هلندي ۽ ان دوستيءَ ۾ دوکي جو مقدار ڪيترو آهي؟ ان باري ۾ ڪنهن کي ڪو پتو ڪونهي. ڇو ته ماحول ئي ڪجهه اهڙو ٿي ويو آهي جو ڪنهن کي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ڇا ٿي رهيو آهي؟
ڇا اها ڳالهه شرمناڪ ناهي ته اها ايم ڪيو ايم جيڪا ڪڏهن عمران خان جي لاءِ قابل مذمت هئي ۽ جنهن جي ڪردار تي عمران خان ڇوهه ڇنڊيندو هو، ان ايم ڪيو ايم جي باري ۾ هو جڏهن ”نفيس ماڻهن“ وارو محاورو استعمال ڪري ٿو ته هڪ ڇرڪ پيدا ٿيڻ لازمي آهي. ان ايم ڪيو ايم کي پنهنجي حوالي سان وفا جي علامت سمجهڻ وارو وزير اعظم ڪراچيءَ اچي ان سان پنهنجي ويجهڙائپ جو اظهار ڪري ٿو ۽ هن کي باوفا هجڻ تي تعريف جو مستحق سمجهي ٿو ته عين ان مهل اها ايم ڪيو ايم ملڪي سياست جو نقشو تبديل ٿيندي ڏسي پنهنجو پاسو ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ عمران خان سان بيوفائي ڪرڻ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان نئون نينهن ڪرڻ جي سلسلي ۾ ضمانت گهري ٿي ته ڪنهن کي به غيرت نه ٿي اچي ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي؟
ملڪي سياست ۾ جڏهن به اصول پرستيءَ وارو ڪردار ختم ٿي ويندو آهي، تڏهن ملڪ جو مستقبل تمام وڏي خطري ۾ پئجي ويندو آهي ۽ اسان وٽ هن مهل اهو ئي منظر آهي ته اسان جي ڪا ڳالهه يقيني ۽ ڪا به ڳالهه قابل اطمينان نه رهي آهي. اسان مستقل طور تي هڪ خوف جو شڪار آهيون. اسان کي معلوم ناهي ته ايندڙ ڏينهن اسان جي لاءِ ڪهڙو پيغام آڻي سگهي ٿو ۽ اسان جو حشر ڪهڙو ڪري سگهي ٿو؟ اسان ڪنهن به اصول ۽ قاعدي جي حوالي سان پاڻ کي تمام گهڻو تنها محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ سياست مان ختم ٿي ويل بردباري ۽ خاص طور تي وفا ۽ جفا جي سلسلي ۾ ڀيانڪ قسم جي بي يقينيءَ جي ور چڙهي ويل اسان ماڻهو پنهنجي ملڪي مستقبل جي باري ۾ پريشان ڪيئن نه ٿينداسين؟ جڏهن اسان کي پنهنجي اڳواڻ جي باري ۾ ڪا به پڪ نه هجي ته انهن جو ايندڙ بيان ڪهڙو هوندو ۽ انهن جو نئون قدم ڪهڙي رستي تي هوندو ۽ انهن جو ڪردار ڪهڙو بيهندو ته پوءِ فڪر نه ڪرڻ به تمام گهڻي فڪرمنديءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button