جيئن راندين ۾ کٽڻ يا ھارائڻ ھڪڙي عام رواجي حقيقت آهي تيئن ووٽن ۾ پڻ کٽڻ يا هارائڻ سڄي دنيا جي جمھوري ملڪن ۾ ھڪ عام ڳالهه آهي. ان کان به اھم ۽ شاندار روايت ھي آھي ته راند کٽڻ واري ڌر جو ڪپتان ھارايل ٽيم جي اڳواڻ وٽ پاڻ لنگھي وڃي کيس ڀاڪر پائيندو آهي. ساڳئي جذبي سان سندن مخالف ڌر جا کلاڙي به کٽيل ٽيم کي مبارڪون ڏيئي Sportsman’s spirit ڏيکاريندا آهن. سنڌ اسيمبلي کان وٺي قومي اسيمبلي تائين مون گذريل پنجاهه سالن ۾ مختلف ايوانن اندر ٿيندڙ ووٽنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ کٽيندڙ توڙي ھارائيندڙ پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ايترو بدحواس ٿي بدتميزي ڪندي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي جيترو ووٽنگ کان اڳ ۾ ئي وزير اعظم عمران خان کي ٽن چئن ڏينهن اندر ڏٺو اٿم. سندس انھيءَ بدسلوڪي تي نه رڳو اپوزيشن جون ھڙيئي جماعتون سخت ڪاوڙيل آهن پر بقول عمران خان جي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ کيس چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ بند ڪر. اھا ڳالهھ ٻولھه خود عمران خان ظاھر ڪئي آهي جنهن جنرل باجوه کي جواب ۾ اھو به چيو ته، “مولانا کي مان اڪيلو نه پر ھن ملڪ جا عوام ڊيزل سڏيندا آهن.”
اھو نسورو ڪوڙ ڳالهايو آهي وزيراعظم عمران خان. ڇاڪاڻ ته مولانا فضل الرحمان جا لکين پوئلڳ نه رڳو پنهنجي اڳواڻ سان محبت ۽ عزت ڪندا آھن پر عام پاڪستاني ماڻهو به اھڙي بدتميزي ناھن ڪندا.
منهنجي خيال ۾ عمران خان ان ڏينهن کان مولانا فضل الرحمان تي ڏمريل آهي جڏهن ٻه سال اڳ ھو پنھنجن لٺ بردار انصار الاسلام کي جلوس جي شڪل ۾ گادي واري شهر وٺي آيو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو. ان ڌرڻي کي ٽن چئن ھفتن کان پوءِ ختم ڪرائڻ لاچوڌري شجاعت حسين مولانا سان ملاقات ڪري، کيس اسٽيبلشمينٽ پاران سنيھو ڏنو ته ٽن مهينن اندر عمران خان کي ھٽائي ٻيو ڪو وزير اعظم آڻينداسين. مولانا صاحب چوڌري شجاعت تي ويساھه ڪري پنهنجن لٺ بردار ڪارڪنن کي اسلام آباد مان واپس اماڻي ڇڏيو. ٽن مھينن کان پوءِ به عمران خان ويٺل رهيو تڏهن به مولانا فضل الرحمان صبر ڪيو. اوچتو جڏهن چائنا مان پکڙيل خطرناڪ وچڙندڙ مرض ڪورونا پاڪستان ۾ ماڻهو ماري ايمرجنسي واريون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون ته اسٽيبلشمينٽ اھڙي ڀوائتي صورتحال ۾ ملڪ اندر سياسي گڙٻڙ گھوٽالو ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي. پنجن ستن مھينن کان پوءِ جڏهن ڪورونا جي پھرين لھر ختم ٿي ته مولانا ان مھل (ڌرڻي کان ھڪ سال پوءِ) اخباري بيان ذريعي ماڻهن کي ٻڌايو ته ھن چوڌري شجاعت تي اعتبار ڪري دوکو کائي ورتو آهي. ھاڻي”سليڪٽيڊ وزير اعظم” خلاف نئين سر تحريڪ ھلائبي. ان کان پوءِ مولانا صاحب مسلم ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي ليڊرن سان گڏجاڻيون ڪري ڏينھن رات ڊڪ ڊوڙ پائي نيٺ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس (پي ڊي ايم) ٺاهي ورتو.
ھڪ پاسي پي ڊي ايم وارو مخالف ڌر جو اتحاد ٺاهيو ته ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪري ورتو ته بلوچستان مان مسلم ليگ نواز ۽ جمعيت علما اسلام جي گڏيل حڪومت جي وزير اعليٰ ثناءُالله زھري کي ھٽائي، اتي به تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ڪجي. اسٽيبلشمينٽ جي انھيءَ سوچ ڪارڻ کين پ پ جي بلوچستان اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبرن جي گھرج پئجي ويئي. نيٺ پ پ بلوچستان جي اڳواڻ سردار صالح محمد ڀوتاڻي سان رابطو ڪيو ويو جنهن کين صلاح ڏني ته نيب جي ڪيسن ۾ زرداري ۽ سندس پارٽي جي گرفتار ڪرايل ميمبرن ۽ وزيرن تي ھلڪو ھٿ رکو ته آئون زرداري کي راضي ڪري وٺندس.
نتيجي طور زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻين سمورن ساٿين ۽ گرفتار ٿيل سنڌ سرڪار جي وڏن آفيسرن کي به آزاد ڪيو ويو. آصف زرداري کي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي ملي ويئي ته ھن پي ڊي ايم جي طئي ڪيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان مان مسلم ليگي حڪومت ڊاھڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. نواز شريف ان واقعي تي ڏاڍو ڏکارو ٿيو پر ساٿين کي ياد ڏياري ڇڏيائين ته صدر ٿيڻ کان پوءِ هو اسان سان ڪيل واعدن ۽ معاھدن تان اھو چئي ڦري ويو هو ته،”سياسي معاھدا ڪي آسماني صحيفا نه ھوندا آھن” مولانا فضل الرحمان به زرداري جي بي اصولي تي تپي باھه ٿي ويو ھو. بھرحال ھڪڙي نئين پارٽي رات وچ ۾ جنمي ويئي جنھن جو نالو رکيائون بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جنھن جو اڳواڻ ڪيائون لسٻيلي جي ڄام ڪمال کي جنھن ثناءُالله زھري جي جا والاري ۽ چيف منسٽر بڻجي ويو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ سينيٽ جون چونڊون سر تي اچي ويون. انھن ۾ به مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي وٽ گھڻي اڪثريت ھوندي به آصف زرداريءَ ھڪ دفعو ٻيهر جمھوري اتحاد پي ڊي ايم سان بيوفائي ڪندي پ پ اميدوار ميان رضا رباني بدران اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل باپ جي اميدوار صادق سنجراڻي کي چيئرمين سينيٽ چونڊائي، اسٽيبلشمينٽ کي راضي ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ايتري قدر ناراض ڪري وڌو جو مولانا ڪاوڙ مان چئي ڏنو ته، “زرداريءَ اسان کي ٻيهر پٺ ۾ ڇرو ھنيو آهي”
زرداري جي انھن فيصلن عمران حڪومت کي جيئاري ڇڏيو ۽ اپوزيشن جماعتن جو اتحاد پي ڊي ايم مايوسي ۾ وڪوڙجي ويو. ساٿين سان ويساهه گهاتي ڪري زرداري سندن اعتماد وڃائي ڇڏيو ۽ پ پ کي نيٺ پي ڊي ايم مان ڪڍي ڇڏيائون. ھي نئين صورتحال ته ڇھين نومبر 2021 تي راولپنڊي ھيڊ ڪوارٽر مان سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين واري حڪمنامي کان پوءِ پيدا ٿي جيڪا خود عمران خان جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي. جيڪڏهن ھو انھيءَ فيصلي تي واڳ ڌڻين سان تڪرار نه ڪري ھا ۽ ڪي تڪراري بيان نه ڏئي ها، ته شايد پي ڊي ايم ھڪ دفعو وري ايڏي وڏي طاقتور مخالف ڌر نه بڻجي سگهي ھا، جنهن عمران خان جي ڪرسيءَ کي لوڏي سڄي ملڪ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.
عمران خان پنهنجي ڪرسيءَ کي بچائڻ خاطر آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو آهي. ھو سياسي چٽاڀيٽيءَ ۾ به ڪرڪيٽ راند جا مثال ٿو ڏئي. ڪڏهن چوي پيو ته ٽيم جو ڪئپٽن سڀني پاسن جو وا سوا وٺي پوءِ فيصلا ڪندو آهي. وري فرمايو آهيس ته ھڪڙي يارڪر سان ٽي وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيندو آهيان.
ٽن وڪيٽن کي اڏائڻ مان سندس مراد ٽيئي وڏيون سياسي پارٽيون؛ مسلم ليگ نواز، جمعيت علما اسلام ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي آهن. عمران خان کي اھا ڄاڻ به ناهي ڇا جنرل ضياءَ جي مارشل لا کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ۽ جنرل مشرف جي آمريت ۾ مسلم ليگ نواز کي جيترو دٻايو ويو ۽ انھن ٻنھي سياسي جماعتن کي ختم ڪرڻ لاءِ جيلون، ٽارچر، ڪارڪنن کي اذيتون ڏنيون ويون، ان ھوندي به ھي جماعتون صحيح سلامت آهن. رڳو سندن پنھنجي ڪارڪردگي باعث پيپلز پارٽي ھاڻي چئني صوبن جي زنجير نه رهي آهي. ان جي بدران مسلم ليگ عوامي مقبوليت واري سڀ کان وڏي جماعت بڻجي ويئي آهي. عمران خان جي لاءِ ته جمعيت علما اسلام جا لٺ بردار ڪارڪن ئي ڪافي آهن. سندس ڌمڪين کي اپوزيشن جي سمورن ليڊرن شڪست سان تعبير ڪيو آهي. منهنجي ذاتي راءِ به اھائي آهي ته جھڙي طرح ھو بي اعتمادي جي رٿ کان لنوائڻ خاطر پنهنجي پارٽي تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي اسيمبلي ۾ اچڻ کان روڪي پيو، اھو ئي وڏو ثبوت آهي سندس پارٽيءَ ۾ بغاوت جو! پارلياماني نظام جا جيڪي اصول ۽ آداب آهن تن مطابق ڪنھن به پارٽي جي ڪنهن ھڪ به چونڊيل ميمبر کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جمھوريت جو جنازو ڪڍڻ برابر آهي. ھي اسيمبلي جن ميمبرن جو مقدس گھر آهي انهن کي روڪڻ ڪٿان جو قانون آهي؟ اھڙين جمھوريت دشمن ڳالهين جي ڪري ماڻهن کي ھاڻي پڪ ٿي ويئي آهي ته وزير اعظم عمران خان ڪرسي کسجڻ جي ڊپ وچان پنهنجو ذھني توازن وڃائي ويٺو آهي.
بھرحال ھو جيتري به ھوڙھيائي، ھٺ ۽ ھوڏ ڪري پيو اھا سندس لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيندي. قانون مطابق بي اعتمادي جي رٿ لاءِ گھرايل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ھڪ به ميمبر تي پابندي نه ٿي لڳائي سگھجي توڙي ھو سرڪاري ڌر جو ھجي يا اپوزيشن جو. اھڙي پابندي ته فقط ڊڪٽيٽرشپ ۾ لڳندي آهي جنهن ڪري ئي دنيا جي دانائن چئي ڇڏيو ته “مارشل لا از نو لا.” مطلب ته مارشل لا نالي ڪوبه قانون نه ھوندو آهي. ڪمال ڏسو ته اڄوڪي جديد ٽيڪنالاجي واري دور جا حڪمران جمھوري نظام اندر ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ چاھين ٿا. اھي غير قانوني ۽ غير آئيني طريقا ناڪام ٿيندا ۽ عمران خان کي وزير اعظم جي ڪرسي مارچ مهيني اندر ئي ڇڏڻي پوندي. ٻي صورت ۾ خدا جي خلق رستن تي ٻاھر نڪري، عوامي طاقت جي ٻل تي حڪومت کي ڊاهيندي. ننڍڙو ٽريلر ته مولانا فضل الرحمان جي ڪارڪنن پارليامينٽ لاجز تي پوليس جي چڙهائي کان پوءِ خميس شام تي احتجاج ڪري ڏيکاري ڇڏيو هو جو ذري گهٽ سڄي ملڪ ۾ ٽريفڪ جام ڪئي ويئي. عمران خان کي گھرجي ته ھو سياسي نظام کي ڪرڪيٽ راند نه سمجهي.