
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا هانيا عامر تي بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جي نقل جو الزام لڳايو ويو آهي. ميڊيا مطابق فلم پردي مين ۾ رهني دور جي مشهوري دوران هانيا عامر اهڙي الزام هيٺ آئي آهي. جڏهن تھ ڪراچي جي روڊن تي ٽرڪ ۾ سوار ٿي هانيا عامر ۽ علي رحمان سفر ڪيو ۽ ان دوران انهن فلم پردي مين رهني دو جي هڪ گاني جي مشهوري ڪئي. جڏهن تھ مداحن کي سندس اهو انداز نھ وڻيو ۽ انهن کيس مشورو ڏنو تھ، هانيا عامر کي فلم جي مشهوري پنهنجي عاليا جو نقل نھ ڪرڻ کپي، پنهنجو ئي انداز اختيار ڪري ها.