شوبز

علي ظفر ميشا شفيع جي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

پاڪستاني راڳي علي ظفر مٿس جنسي هراسمينٽ جو الزام لڳائيندڙ ساٿي ڳائڻي ميشا شفيع جي وڊيو لنڪ ذريعي جرح ڪرڻ واري درخواست ڏنڊ سان گڏ رد ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ميشا شفيع سيشن ڪورٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي تھ علي ظفر خلاف جرح وڊيو لنڪ ذريعي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي علي ظفر جواب داخل ڪرايو آهي ۽ عدالت کي استدعا ڪئي آهي تھ ميشا جي درخواست ٻڌڻي نھ ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وڃي. جڏهن تھ عدالت درخواست تي بحث 19 مارچ تي رکي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button