خودڪشيءَ جو عمل ڪنهن به سماج توڙي ملڪ جو هڪ سنجيده مسئلو آهي، جنهن جا ڪيترائي سماجي توڙي نفسياتي پاسا هوندا آهن، ان حوالي سان ڪيترن ئي نفسياتي ماهرن پنهنجن تجربن آڌار نه رڳو رايا ڏنا آهن پر حل پڻ تجويز ڪيا آهن. جيڪو سماج جيترو گهٽيل ۽ تنگ ذهنيت رکندڙ هوندو آهي، اتي انسانن سان نفسياتي مسئلا ۽ مونجهارا به وڌيڪ ٿيندا آهن، تنهنڪري انهن سڀني مسئلن جو حل رڳو ڪنهن نفسياتي ماهر وٽ ڪونه هوندو آهي پر سماج ۾ موجود مختلف شعبن جا ماڻهو ڪي حل ڳولي لهندا آهن ته جيئن خودڪشيءَ جي وڌندڙ لاڙي کي گهٽائي سگهجي يا وري ان مان جان ڇڏائي سگهجي. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان خودڪشيءَ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جن عورتون مرد ۽ نوجوان شامل آهن، جيڪي سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن جا شڪار ٿي پنهنجن زندگين جو انت آڻي رهيا آهن. ڪالهه به جيڪا خبر اخبار ۾ رپورٽ ٿي آهي، ان موجب هڪ ئي شهر ۾ ٽن نوجوانن آپگهات ڪيو آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته نوجوان ڪيتري بي يقيني واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ ۾ دير به نٿا ڪن.
ٽنڊو محمد خان ۾ ٽن نوجوانن آپگهات جي ڌار ڌار واقعن ۾ زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. رپورٽ موجب ٽنڊو محمد خان جي مختلف علائقن ۾ 3 نوجوانن خودڪشيون ڪري پنهنجي زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا آهن. ٽنڊو محمد خان شهر جي ويسريا اسٽاپ جي رهواسي 16 سالن جي نوجوان امرشي ولد ڳنيو ٺاڪر پنهنجي گهر جي ڪمري کي بند ڪري ڇت جي داسي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کاهي خودڪشي ڪري ڇڏي، سندس وارثن در کي بند ڏسي کيس سڏڻ جي ڪوشش ڪئي، جواب نه ملڻ تي در کي ڌڪو ڏئي ڪڙو ٽوڙي سندس لاش کي ٽنگيل ڏسي رڙيون ڪيون جنهن کان پوءِ لاش کي داسي مان هيٺ لاٿو ويو. بلڙي شاھه ڪريم جي ڳوٺ ڏاڏا سائين جي رهواسي 20 ورهين جي نوجوان اعجاز علي ولد خدا بخش شيخ وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کاهي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي لاش کي وڻ مان لاهي گهر پهچايو ويو. ملاڪاتيار ويجهو ڳوٺ آچار ملاح جي رهواسي 18 سالن جي نوجوان قادر بخش ولد دوست محمد ملاح پنهنجي ئي گهر ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کاهي خودڪشي ڪري ڇڏي. خودڪشيءَ جي الڳ الڳ واقعن بابت ڪو به ڪيس داخل نه ڪرايو ويو، وارثن پنهنجي نوجوانن جي خودڪشي وارن واقعن کي پنهنجي مرضيءَ سان خودڪشي ظاهر ڪندي ڪو به ڪيس داخل نه ڪرايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي خودڪشيءَ جي واقعن بابت ڪنهن به علائقي ۾ وارثن نه اطلاع ڪيو آهي نه وري ڪيس داخل ڪرايا آهن، خودڪشي جي الڳ الڳ واقعن سان علائقي جي رهواسين ۾ مايوسي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.
هر ماڻهوءَ جي خودڪشي پٺيان ڪو نه ڪو محرڪ ضرور هوندو آهي، جيڪو هن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. اهڙي ريت مٿي جيڪو واقعو بيان ڪيو آهي، جن ۾ ٽن ماڻهن پنهنجو انت آندو آهي، انهن سان ضرور اهڙا مسئلا رهيا هوندا جيڪي اهي ڪنهن سان بيان نه ڪري سگهيا هوندا ۽ ان ڪري انهن پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري سنڌي سماج ۾ وڌندڙ خودڪشيءَ جي واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي. اهو به پتو لڳائڻ گهرجي ته ڪهڙي ريت اهي ماڻهو پنهنجو انت آڻڻ تي مجبور ٿين ٿا يا مجبور ڪيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ حڪومت سطح تي به ڪي اهڙا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، جن وسيلي اها خبر پئجي سگهجي ته اسان وٽ وڌ ۾ وڌ اهڙا ڪهڙا نفسياتي مسئلا آهن، جن جي ڪري ماڻهو آپگهات ڪندي دير ئي نٿا ڪن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪهڙيون ڪوششون وٺڻ ضروري آهن. اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ ڌيان طلب مسئلو آهي تنهنڪري ان تي جيترو جلدي سنجيدگيءَ سان ويچاريو وڃي اوترو بهتر رهندو، ڇاڪاڻ ته هي انساني زندگين جو سوال آهي.