ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا نيازي سرڪار جو خاتمو اڻٽر آهي؟

Editorial-Article- Yameen Jatoi

نيازي سرڪار پوين پساهن ۾ آهي. ان حقيقت کي پاڻ نيازي به محسوس ڪري ٿو. جنهن جو اظهار سندس ڏينهون ڏينهن سخت ٿيندڙ لهجي مان به ٿي رهيو آهي. پر ڪجهه ڏينهن کان نيازي خلاف جيڪو سياسي وايومنڊل جڙي آيو آهي ان مان ته سندس سرڪار جي خاتمي جا هڪ سئو سيڪڙو امڪان واضح ٿي سامهون اچي ويا آهن.
ڪجهه ڏينهن کان جيڪي نيون اڳڀرايون ٿيون آهن، اهي به انتهائي اهم آهن. (ق) ليگ حڪومت بدران اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيائي ذريعن جي دعويٰ آهي ته (ق) ليگ جا اڪثر اڳواڻ حڪومتي رويي کان ناراض آهن، هنن اپوزيشن جي آڇ جو هاڪاري جواب ڏيڻ تي زور ڀريو آهي جنهن تي فيصلو ٻين اتحادي ڌڙن سان گڏجي ڪيو ويو. چوڌري پرويز الاهي چيو ته “جيڪڏهن مخالف ڌر جو ساٿ ڏنو ته وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏينداسين، اپوزيشن سان اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اپوزيشن ليڊر سان ڪنهن به وقت ملاقات ٿي سگهي ٿي. شهباز شريف طرفان پارلياماني پارٽين جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪرڻ ۾ ڪو عار ناهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ حڪومتي اتحادين سان صلاح مشوري کانپو اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان گڏيل نموني ڪنداسين، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري.”
مسلم ليگ (ق) طرفان مشاورت جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پو اپوزيشن جي ٻن وڏين پارٽين پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ان جي بدلي حڪومتي اتحادي (ق) ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ باپ پارٽي ٽنهي گڏيل طور تي وفاق ۾ بي اعتمادي تحريڪ ۾ اپوزيشن جي حمايت ڪندي.
مسلم ليگ (ن) پاران (ق) ليگ کي وڏ وزارت ڏيڻ تي امڪاني راضپي کان پوءِ ترين گروپ ۽ عليم گروپ پنجاب ۾ وڏ وزارت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ مان نڪري ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ترين گروپ کي پنجاب ۾ امڪاني تبديلي جي صورت ۾ وڏ وزارت ملڻ جو امڪان هو ۽ عليم خان پاران ترين گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي خبر اپوزيشن جي سهڪار سان عثمان بوزدار جي ڪرسي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو. جڏهن ته ترين گروپ ۾ شامل طاقتور ميمبرن جي مخالف رويي عليم خان کي ناراض ڪري گروپ جي طاقت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي پاران ٺاهه جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون. لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ۾ عليم خان پاڻ کي پنجاب جي وڏي وزير جو اميدوار نه هجڻ جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو هو. جاويد لطيف لنڊن ۾ ٿيندڙ ملاقات جڏهن ته احسن اقبال عليم خان ۽ ترين جي (ن) ليگ ۾ امڪاني شموليت جي تصديق ڪري چڪا آهن. سياسي مصلحت جي ڪري ترين عليم گروپ جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي نون لاڳاپن جو باضابطا اقرار نه پيا ڪن. جڏهن ته ذريعن ٻڌايو ته عليم خان جا مسلم ليگ (ن) سان معاملا طئي ٿيڻ وارا آهن ۽ ترين گروپ جا ڪيترائي ميمبر به (ن) ليگ سان ڊيل ڪري چڪا آهن. بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻئي گروپ پنهنجي سياسي لاڳاپن جو باضابطا اعلان ڪندا.
جڏهن ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي چوڌري ڀائرن سان پي ٽي آئي جي 7 قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي. انهن حڪومتي قومي اسيمبلي جي ميمبرن گذريل ٽن ڏينهن ۾ چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حڪومتي ايم اين ايز، (ق) ليگ سان گڏ بيهڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ملاقات دوران باغي ميمبرن کي نااهلي کان بچائڻ لاقانوني ماهرن به بريفنگ ڏني آهي. قانوني ماهرن پاران ٻڌايو ويو آهي ته ووٽ وجهڻ کان ڪنهن ايم اين اي کي نٿو روڪي سگهجي، نااهلي جي شق ووٽ وجهڻ کان پوءِ لاڳو ٿيندي، ان لاءِ طور طريقو ڊگهو آهي.
اهي خبرون آهن ته وزيراعظم خلاف عدم اعتماد ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرن جي اڪثريت اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ميڊيائي ذريعن جي دعويٰ آهي ته (ق) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جي اعلان سان گڏ ئي چيئرمين سينيٽ جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچي ويندي. بلوچستان ۾ جي يو آئي، بي اين پي مينگل، اي اين پي ۽ يار محمد رند گڏجي حڪومت ٺاهيندا. بي اين پي جا بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن جو وڏو انگ پي ڊي ايم کي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياري چڪا آهن. ٻئي پاسي بلوچستان عوامي پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اعتمادي رٿ تي پارٽي ۾ وڌيڪ صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي حمايت لاءِ اپوزيشن ايم ڪيو ايم جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن. چيو پيو وڃي ته آصف زرداري ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت جو حصو بڻائڻ لاءِ تيار آهي. لکت ۾ معاهدو ڪرڻ بابت ايم ڪيو ايم جو مطالبو تسليم ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ نئين معاهدي جا ضامن مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آئي (ف) هوندا. ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي عمل ٿيندو. مرڪز ۽ صوبي جي حڪومتن ۾ ايم ڪيو ايم به حصيدار هوندي. ان کان سواءِ سنڌ جي گورنر جو عهدي ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
پيپلز پارٽي پي ٽي آ کي ڪجهه ڏينهن اندر هڪ ٻيو سياسي ڌڪ هڻي ورتو آهي. نديم افضل چن کان پو امتياز صفدر وڙائچ پي ٽي آءِ کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
اپوزيشن پاران نيازي سرڪار کي سوڙهو ڪرڻ ورڻ حڪمت عملي تي عمل جاري آهي. وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ کان پو هن صدر علوي خلاف مواخذي جو فيصلو آڏو آيو هو. جڏهن ته اهي به خبرون آيون ته چئني گورنرن کي هٽائڻ جي رٿا تي عمل ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هاڻي اپوزيشن سينيٽ چيئرمين کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رٿ جو مسودو اپوزيشن قيادت کي اماڻيو ويو آهي، جنهن تي 100 کان وڌيڪ صحيحون به ٿيل آهن. رٿ جي مسودي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي ڌر هجڻ جو الزام هڻندي لکيو ويو آهي ته ٻنهي اڃا تائين پارٽي عهدن تان به استعيفيٰ ناهي ڏني. ٻئي ايوان کي پنهنجي پارٽي جي هدايتن موجب هلائي رهيا آهن ۽ ٻئي اڻ ڌريا رهڻ بدران ڌر بڻجندا رهيا. مسودي موجب اسد قيصر ۽ قاسم سوري وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيندا رهيا آهن.
جڏهن ته اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ ۽ ريڪوزيشن تي ميمبرن جي صحيحن وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. چيو پيو وڃي ته ريڪوزيشن ۽ بي اعتمادي رٿ تي ڪنهن به ميمبر جي صحيح شڪي يا رول آف سائن جي خلاف نه نڪتي، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ضابطي موجب قرار ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي واري شعبي سمورا ضابطا پورا ڪرڻ کان پوءِ فائل اسپيڪر ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي اسپيڪر قومي اسيمبلي کي 22 مارچ کان اڳ ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اجلاس گهرائڻ هڪ آئيني گهرج آهي جنهن کان پوئتي نٿو هٽي سگهجي. پهريون مرحلو ريڪوزيشن تي صحيحن جي تصديق ۽ ٻيو بي اعتمادي رٿ تي صحيحن جي تصديق جو هو. ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ ۽ تحريڪ جي ضابطي موجب هجڻ جو جائزو ورتو ويو آهي.
هوڏانهن نيازي جي وزيرن پاران اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهو آڻڻ جي اعلان کان پو مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال عدم اعتماد واري ڏينهن شاهراهه دستور تي 20 لک ماڻهن جو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته “بي اعتمادي رٿ ڪنهن سياسي تبديلي جي نه عوام جي رٿ آهي. پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ۽ آئين ۽ عوام جي مفاد جي تحفظ لاءِ هن حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ متحد آهن. سموري مافياز جا نمائندا ڪابينا ۾ ويٺا آهن ۽ هر مافيا عمران خان جو ڊونر آهي.”
مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته “عمران خان اسلام آباد جلسي ۾ 10 لک ماڻهو آڻڻ بدران 172 ميمبر پورا ڪرڻ جي ڳڻتي ڪري. اسان ڪاميابي جي آخري مرحلن ۾ آهيون. عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، ڇو جو مڪاني چونڊن جي نتيجن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي. بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي، اصولي طور عمران خان هاڻي عوام کي خطاب نٿو ڪري سگھي. اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا ڪري.”
ته پو ڇا نيازي سرڪار جو خاتمو اڻٽر آهي؟ ان سوال جو جواب ها ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل اڳڀراين کان پو ته اها ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي ٿي ته نيازي سرڪار جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. ڪلهه فواد چوڌري جو جيڪو بيان آيو آهي ته “اپوزيشن بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، بدلي ۾ ڏسون ٿا ته ان کي ڇا ٿو ڏئي سگهجي، جلد چونڊن سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.” ان مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته نيازي سرڪار جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي. پر اهو به آهي ته هن پاران 27 مارچ تي ڊي چوڪ تي اعلانيل جلسو سندس ٽڪرا کان پو ڪرسي ڇڏڻ واري نيت کي ظاهر ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button