جڏهن ڪنهن به حاڪم کي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويندو آهي ته ان لاءِ حالتون هاڻ اڳ جهڙيون ڪونه رهيون آهن ۽ سندس ساڄي کاڄي هلندڙ ماڻهو، جيڪي هن تي گهور گهور پيا ٿيندا هئا، اهي هاڻ هن کان لنوائڻ لڳا آهن ته اهو نه رڳو عمران خان نيازي وانگر وڏا وڏا جلسا سرڪاري خرچ تي ڪرڻ لڳندو آهي پر سندس ڳالهائڻ ۾ زهر پڻ ڀرجي ويندو آهي. اهو زهر اسان کي اڄڪلهه عمران خان نيازيءَ جي تقريرن ۾ نظر اچي رهيو آهي. هن ويجهڙ ۾ جيڪي به جلسا ڪيا آهن، انهن ۾ هن جي آڪڙ توڙي مخالفن لاءِ زهر نظر اچي رهيو آهي.
جڏهن کان اپوزيشن پارٽين حڪومت خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏينهن کان عمران خان نيازي اهو چوندو پيو اچي ته اها تحريڪ ناڪام ٿيندي ۽ ان کان پوءِ هو جيڪو حشر آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جو ڪندو، اهو ڏيهه ڏسندو. پر ڪالهه صورتحال ڪجهه ٻي ٿي وئي آهي. حڪومي صفن ۾ گهٻراهٽ ڪجهه وڌيڪ نظر اچي رهي آهي، ان ڪري ئي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن عدم اعتماد واري تحريڪ واپس وٺي ته ڏسون کيس بدلي ۾ ڇا ٿو ملي. هي حڪومت اپوزيشن کي ڇا ڏئي سگهي ٿي؟ جيڪا گذريل ساڍن ٽن سالن کان اهو چوندي رهي آهي ته اپوزيشن ڪجهه به ناهي، اها رڳو اين آر او لاءِ حڪومت کي بليڪ ميل ڪندي رهي آهي. ان ڪري عمران خان نيازي ته پنهنجي هر خطاب اهو ئي چوندو رهندو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ اپوزيشن کي اين آر او ڪونه ڏيندو. حڪومت جي هاڻوڪي حالت اها آهي جو اها پاڻ اپوزيشن کان اين آر او گهرندي نظر اچي رهي آهي.
اقتدار ۾ شامل جماعتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه مفاد جي هوندي آهي، جيئن هن وقت (ق) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت پنهنجن خدشن جو اظهار ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته جيڪڏهن سندن مفادن کي اپوزيشن پارٽيون وڌيڪ بهتر انداز سان پورو ڪري سگهن ٿيون ته پوءِ اهي ان پاسي ئي وينديون ۽ جيڪڏهن اها ئي ساڳي آڇ حڪومت ڪري ٿي ته پوءِ اهي حڪومت واري پاسي جهڪاءُ رکنديون. هاڻوڪن ڏينهن ۾ عمران خان نيازيءَ جي ڪاوڙ رڳو اپوزيشن پارٽين تي ڪونهي بلڪه اها ڪاوڙ هو جنرل باجوه تي به ظاهر ڪري رهيو آهي، جهڙي ريت هن ڪجهه ڏينهن اڳ واري جلسي ۾ رياست مدينه جو ذڪر ڪيو ۽ قرآن شريف جون آيتون بيان ڪري عوام کان پنهنجي لاءِ همدردي ماڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان کان سواءِ هن اهو پڻ چيو ته نيوٽرل (غيرجانبدار) فقط جانور هوندا آهن. دنيا ۾ ڪوبه انسان، ڪوبه سماج ۽ ڪوبه ملڪ نيوٽرل نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تي ظلم ٿئي پيو ۽ ڪو ماڻهو چوي ته هو نه ظالم جي پاسي ۽ نه مظلوم جي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو پڪ سان ظالم جي پاسي ئي آهي. اهڙي ريت هن وقت جيڪڏهن “ڪمپني بهادر” عمران خان نيازيءَ جي پاسي ناهي ته هن جون همدرديون اپوزيشن سان آهن. ڇاڪاڻ ته هاڻ هي نظام عمران خان نيازيءَ جو بار وڌيڪ پنهنجن ڪلهن تي نٿو کڻي سگهي. هونئن ان ۾ رڳو غلطي عمران خان نيازيءَ جي ناهي بلڪه سڀ کان وڏي ڏوهاري ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن نه رڳو عمران خان نيازيءَ کي زوري اقتدار ۾ آندو بلڪه ان لاءِ هر قسم جون سهولتون به پيدا ڪيون. اسٽيبلشمينٽ سڀئي انتظامي معاملا پاڻ سنڀاليندي رهي ۽ پوءِ ان کي وضاحتون ڏيڻيون پيون ته اسان جو سياست سان ڪوبه واسطو ناهي. جڏهن ته 2018ع واريون چونڊون ڪيئن ٿيون هيون ۽ ڪهڙي ريت عمران خان نيازيءَ کي هتان هتان ماڻهو هٿ ڪري حڪومت ٺهرائي وئي ته جيئن نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ کي اقتدار کان ٻاهر رکي سگهجي پر اڄ اها ساڳي اسٽيبلشمينٽ عمران خان نيازيءَ کان پاسيري ٿي سياسي تماشو ڏسي رهي آهي. جڏهن عمران خان نيازيءَ کان سڀئي سياسي سهارا کسجي ويا آهن ته هو پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس سمجهي رهيو آهي. سندس ان بيوسيءَ جي جهلڪ اڄڪلهه تقريرن ۾ به پسي سگهجي ٿي.
اڄ جڏهن عمران خان نيازي به اسٽيلشمينٽ خلاف ڳالهائڻ لڳو آهي ۽ هن جا ارادا ڪجهه ٻيا لڳي رهيا آهن ته ان مان “ڪمپني بهادر” کي ڪجهه پرائڻ گهرجي ته اها ملڪ جي سياسي ڪاروهنوار ۾ اهڙي قسم جون هائبرڊ حڪومت ٺهرائڻ لاءِ هڻ وٺ ڪرڻ ۽ نام نهاد ليڊر پيدا ڪرڻ بدران سياستدانن کي اهو فيصلو ڪرڻ ڏئي ته سياسي قيادت کي ڪيئن اڀاري سگهجي ٿو ۽ سياسي قيادت ئي ملڪ جي مفاد ۾ بهتر نموني فيصلا ڪري سگهي ٿي.
سياسي طور ملڪ ۾ عمران خان نيازي ڪو آخري تجربو ڪونهي پر عمران خان لاءِ اقتدار ماڻڻ آخري تجربو هو. ڇاڪاڻ ته کيس جهڙي ريت پيش ڪيو ويو ۽ جهڙي ريت هن لاءِ سياسي اسٽيج تيار ڪري سڄي مسلمان ملڪن جو هيرو ڪري پيش ڪيو پئي ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ واقعي به هو پاڻ کي ائين سمجهي رهيو هو تڏهن اهي راز پڌرا ٿيا ته هو اهو هو ئي ڪونه جيڪو سمجهيو پئي ويو.
تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان اپوزيشن پارٽيون، خاص طور پيپلز پارٽي واري اعتماد ۾ نظر اچي رهي آهي ته هن وقت نه رڳو 172 جو انگ پر ان کان به وڌيڪ انگ موجود آهي، جنهن جي ڪري اهي وزير اعظم کي گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿا. جڏهن حڪومتي صفن مان ڪي ماڻهو نڪري ٻين پارٽين ۾ وڃي رهيا آهن، جنهن مان به اهو اندازو ٿئي ٿو ته حڪومت لاءِ معاملا ڏکيا ٿيندا پيا وڃن. هن وقت جيڪا سياسي رسا ڪشي هلي رهي آهي. ان ۾ ٻئي ڌريون گهڻو زور لڳائي رهيون آهن، پر جيڪڏهن هاڻوڪي عدم اعتماد رڳو سياسي نوعيت جي آهي ته پوءِ اها ضرور ڪامياب ٿي ويندي. پر جيڪڏهن ان ۾ به ڪا مداخلت ڪئي وئي ۽ سياسي ماڻهن لاءِ رنڊڪون پيدا ڪيون ويون ته پوءِ ان جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. پر عمران خان نيازيءَ کي اهو اندازو ضرور ٿي ويو هوندو ته جڏهن به اقتدار کي لوڏو اچڻ لڳندو آهي ته ان وقت پنهنجا ساٿي ئي سڀ کان پهرين ان ٻيڙيءَ مان لهڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. تنهنڪري اقتدار جو لالچ رکڻ ايتري سٺي ڳالهه ناهي.