تعارف:
اي اسٽڊي آف شارٽ اسٽوريءَ جو ايڊيٽر جيڪ فليڊس ڪتاب جي تعارف ۾ ڄاڻائي ٿو ته:
“شاعري جيان مختصر ڪهاڻيءَ کي به ڪنهن هڪ وصف ۾ پابند نٿو ڪري سگهجي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، ٿيم، ڪهاڻي ٻڌائڻ جو طريقو ۽ ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جي سوچ ايتري ته مختلف هوندي آھي جو جيڪڏهن ڪهاڻيءَ کي ڪنهن هڪ وصف ۾ قيد ڪجي ته هوند ڪيتريون ئي شهڪار ڪهاڻيون ان دائري مان خارج ڪرڻيون پونديون؟”
ان هوندي به مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ڪيتريون اهڙيون خاصيتون هونديون آھن، جيڪي ان کي ٻين ادبي صنفن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهارين ٿيون: مثال طور ناول جي ڀيٽ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار ۽ واقعا گهٽ ھوندا آھن، جڏھن ته شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ ان جو پلاٽ واضح هوندو آھي.
مختصر ڪهاڻي پڙھڻ دوران هڪ پڙھندڙ جي ذھن ۾ گهڻو ڪري جيڪو پهريون سوال ايندو آھي، اهو هوندو آھي ته هي ڪهاڻي هن سان ڪهڙي نموني لاڳاپيل آھي. پڙھندڙ ڪهاڻيءَ جي ڪردارن ۾، ماحول ۽ منظر نگاريءَ ۾ پاڻ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ جڏھن پاڻ کي ڪنهن ڪهاڻيءَ سان ڳنڍي نه سگهندو آھي ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آھي.
Study.com نالي هڪ ويب سائيٽ تي جوشئا ومر نالي نقاد مختصر ڪهاڻيءَ جا ڪجهه اهم جز ڄاڻايا آھن، جن ۾ هن ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه، گهٽ ڪردار، پلاٽ ۽ مختصر سيٽنگ جو ذڪر ڪيو آھي.
ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه: ومر جي خيال موجب ليکڪن ۽ نقادن جا مختصر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان مختلف رايا آھن، پر گهڻن نقادن جو ان ڳالهه تي اتفاق آھي ته نثر ۾ لکيل اهڙي افسانوي لکڻي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ لفظن جو انگ 1600 هجي ۽ وڌ ۾ وڌ 20000 لفظ هجن، اهڙي افسانوي لکڻي کي ڪهاڻي سڏجي ٿو.
جڏهن ته جڳ مشھور آمريڪي ڪهاڻيڪار ايڊگر ايلن پو جو ان حوالي سان خيال آھي ته اهڙو افسانوي ليک جنهن کي اڌ ڪلاڪ کان ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي پورو ڪجي اهو مختصر ڪهاڻيءَ جي دائري ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
گهٽ ڪردار: ومر موجب مختصر ڪهاڻيءَ جو ٻيو اهم جز جنهن تي اڪثر نقاد اتفاق ڪن ٿا اهو آھي ٿورا ڪردار. هڪ مختصر ڪهاڻي ٻن يا ٽن ڪردارن تي آڌاريل هوندي آھي.
پلاٽ: ناول جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي هڪ پلاٽ تي آڌاريل هوندي آھي، جڏھن ته ناول ۾ مک پلاٽ سان گڏ سب پلاٽ به ڏنل هوندا آھن.
سيٽنگ: ومر موجب ناول جي ڀيٽ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جي سيٽنگ به مختصر هوندي آھي.
هاڻي جڏھن ميڊم زبيده ميتلو جي ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻين کي پڙھجي ٿو ته ائين لڳي ٿو، ڄڻ هي اسان سڀني جي ڳالهه آھي ۽ انهن ڪهاڻين کي اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چئي. جڏهن ته ڪهاڻيون مٿي ڏنل سڀني جزن تي پوريون لهن ٿيون.
پوسٽ ماڊرن ادب:
www.masterclass.com جي پوسٽ ماڊرن ادب جي حوالي سان هڪ مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جديديت پڄاڻان ادب ۾ randomness, playfulness ۽ fragmentation کي اهم سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهي ٽئي جز ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان کي ميڊم زبيده ميتلو جي مٿي ڄاڻايل ڪهاڻين ۾ نظر اچن ٿا.
(الف) Randomness هن مان مراد ته ڪنهن به ادبي فن پاري ۾ absolute meaning کي رد ڪري disorder کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪرڻ آھي. ان ۾ ليکڪ unreliable narrators کان ڪم وٺندو آھي جنهن جو مطلب ته ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ ئي راوي مٽجي ويندو آھي ۽ وري ڪجهه ڳالهين کانپوءِ اڃا ڪو ٻيو راوي اچي ويندو آھي.
(ب) playfulness هن ۾ ليکڪ پڙھندڙ جي تخيل سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آھي, هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ڪڍي وٺندو آھي. پوسٽ ماڊرن ليکڪن جهڙوڪر جان بارٿ، اسٽيو هيلي يا سلمان رشدي موجب:
“Storytelling is like Russian dolls, you open head of one doll and find another inside it and again another inside.”
ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي ان انداز کي embedded story, nested story يا story within story چئجي ٿو. هن ۾ ليکڪ ڊراڪ هيومر، ورڊ پلي ۽ بولڊنيس کان ڪم وٺندو آھي. انهيءَ جو بهترين مثال هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “يارم پيارم” جون هي سٽون پڙھي ٿئي ٿو:
“مُلڪ مارشلا جي ڊگهي ڊراڪولائي دورَ مان چيڪجي اڃان مس نڪتو هو. آئون نوي جي ڏهاڪي اندر ڪراچي يونيورسٽِيءَ مان سوشل ورڪ ۾ ڊگري وٺي نڪتي هيس. تعليم دوران منهنجو واسطو مھاجر شاگردن سان پيو. جن ۾ اڪثر: برمي، بينگالي، بينگلوري، بِھاري ۽ نيپالي، ڪم سان ڪم رکندڙ، نِھايت ڦُڙتيلا. يار يار ڪندي تاڙو ملائيندڙ بظاهر ڪو لوفر لڏو لڳندا هئاسين. مون ۾ به هر ڪنهن کي يار يار ڪري ڪوٺڻ جي پٽَ جام پڪي ٿي چُڪي هئي.”
هتي اسان کي بولڊنيس ۽ ڊارڪ هيومر ٻئي پڙھڻ لاءِ ملن ٿا. ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي ته ٺٺول پڙھڻ لاءِ ملي ٿي. اهڙي ريت هن ئي ڪهاڻي ۾ ليکڪه جي بولڊنيس جو اندازو هنن جملن مان به لڳائي سگهجي ٿو:
“يارو، نيٺ هڪ ڏينهن سلوار قميص پائي آيو. پر تنهن ۾ پنهنجو عقلِ ڪُلُ ۽ لوڪل رنگ به ملايائين. لڙڪندڙ ڳاڙهي ڦندڻ واري اڳٺ سميت سورنهن والن جي سلوار جنهن جي گهنجن ۽ ورن وڪڙن ۾ هوا ڪوريئڙي وانگر وچڙيو اڌ ۾ پئي مُئي. برانڊيڊ ڪڇي تي خرچُ کان ڪو کائينڙ يارو، سورنهن والن شلوار جي خرچ جو ڪاٿو ڪري نه سگهيو. مٿان وري ڪاون واري ٽوپي پائي پاڻ کي ڏيهه جو ڏاڍو سمجهي پئي ڦريو.
“ڪيئن ٿو لڳان پياري؟” وڏي ٽاڏائيءَ منجهان پڇيائين.
هنن ڪهاڻين ۾ هڪ ٻيو پوسٽ ماڊرن جز جيڪو نمايان آھي، اهو آھي ڪهاڻيءَ کي descriptive انداز ۾ بيان ڪرڻ جو، اهو انداز لاطيني آمريڪي ليکڪن گارشيا مارڪيز, حوزي ساراماگو ۽ اسبيلا الينڊي جي ڪهاڻين ۾ ملي ٿو. سنڌي ۾ وري اهو انداز ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
(ٻ) Fragmentation هن مان مراد اها آھي ته ڪهاڻي دوران ليکڪ هڪ ڪردار جي ڳالهه يا واقعي کي اڌ ۾ ڇڏي ڪنهن ٻئي ڪردار يا واقعي جو ذڪر ڪرڻ لڳي، جيئن ڪهاڻي ۾ element of suddenness کي برقرار رکي سگهي.
نصرالله ممبرول “دي بيٽ جنريشن” نالي هڪ مضمون ۾ ڄاڻائي ٿو ته جديديت پڄاڻان جو جديديت سان گهرو لاڳاپو آھي ۽ ان ۾ جديديت وارا ڪيترائي جز ملن ٿا. ان ڪري جديديت پڄاڻان کي جديديت لاءِ pause سان گڏ ان جي continuation به چئي سگهجي ٿو ۽ اهڙا جز اسان کي هنن ڪهاڻين کي پڙھندي خوب ملن ٿا.
(هلندڙ)