انسان اعتبار ڪري به ته ڪنهن تي ڪري؟ ڪالهه تائين ايم ڪيو ايم وارا پيپلز پارٽيءَ وارن جي لاءِ مشرف جا ڇاڙتا ۽ دهشتگرد هئا پر اڄ اهي جمهوريت جي سفر جا ساٿي بڻجي پيا آهن. ساڳي طرح ڪالهه ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ ڪوڪرا ڪري رهي هئي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ جي وڏيرن جي حڪومت آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ لکيل پڙهيل آباديءَ جي خلاف هٿ ڌوئي پئي آهي. پر اڄ اسلام آباد ۾ هو جهڙي طرح هڪ ٻئي سان مسڪرائي مسڪرائي ملي رهيا آهن ۽ ميڊيا کي مسرت سان ٻڌائي رهيا آهن ته انهن جو اڪثر نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، ان مان عوام ڇا سمجهي؟
هن مهل اهي ماڻهو ڪنهن طرف وڃن جن ماڻهن انهن ٻن پارٽين سان همدرديون رکڻ سبب هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پئي پٽيون ۽ هڪ ٻئي سان اهي اختلاف ٿي رکيا ته انهن جي حمايت يافتا پارٽي درست آهي. پر جڏهن اقتدارپرست پاڻ ۾ پارٽي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گڏجي سڏجي انجواءِ ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان محبتن جو مظاهرو ڪن ٿا ته انهن جيڪو گند اڳ ۾ ڪيو هو ۽ جهڙي طرح پنهنجي اثر هيٺ آيل ماڻهن جي دلين ۾ دوريون پيدا ڪيون هيون، انهن جو ازالو ڪهڙي طرح ممڪن هوندو؟ ان باري ۾ ته هن مهل تائين ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو آهي. اها هڪ روايت رهندي آئي ته جڏهن به پارٽين جا ليڊر پاڻ ۾ ڪنهن مسئلي تان وڙهندا آهن ته پنهنجا اختلاف هيٺ تائين کڻي ايندا آهن ۽ انهن اختلافن سبب جيڪي عوامي سطح تائين دوريون جنم وٺنديون آهن، انهن جو ڪنهن کي به خيال نه هوندو آهي.
هونءَ ته ان قسم جي روش ملڪي سياست ۾ به عام جام آهي. مثال طور جهڙي طرح (ق) ليگ جي چوڌرين پرويز مشرف سان ملي نواز شريف جي اقتدار ۽ هن جي خاندان سان تعديون ڪيون، ان تي نواز شريف اهو اعلان ڪيو هو ته مرندي مري ويندو پر گجرات جي چوڌرين کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو پر هن وقت ابتي گنگا وهي رهي آهي. جنهن چوڌري نثار هن جو پرويز مشرف جي دور ۾ ساٿ ڏنو، ان کي ته ميان نواز شريف ڪڏهن جو آئوٽ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته چوڌرين شجاعت وارن جي گهرن تي شريف فيمليءَ جي اچ وڃ جاري آهي. ڇا ان قسم جي سياست جا سماج جي مٿان اثر نه پوندا هوندا؟ ڇا ان قسم جي سياست ماڻهن جي اعتبار تي اثر انداز نه ٿيندي هوندي؟ اهو پاڪستان جي سياست جو پاپي روپ آهي ته ڪڏهن ڪنهن سان ۽ ڪڏهن ڪنهن سان هلي ويندي آهي. پارٽيون ڄڻ ته هوٽلن جون ويهڪون هونديون آهن، ڪڏهن ڪير ته ڪڏهن ڪير؟ ڪنهن جي به ڳالهه پڪ سان ڪرڻ مشڪل هجي ٿي.
پاڪستاني سياست جي ان ڦرڻي گهرڻي ڪلچر سبب پوري ملڪ جو معاشرو متاثر ٿيو آهي پر اسان کي ان سلسلي ۾ اهو نه وسارڻ گهرجي ته سياست جا ڪجهه پهلو ۽ پاسا تمام گهڻا حساس هوندا آهن ۽ انهن سان ڪنهن به قيمت تي ڇيڙڇاڙ نه ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي اسان مذهب، ٻولي ۽ قوميت جي بنياد تي جيڪا سياست ڪريون ٿا، ان جا معاشري جي مٿان وڌيڪ اثر پون ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي عقيدن ۽ احساسن جي سلسلي ۾ تمام گهڻا حساس هجن ٿا ۽ انهن جا جذبا ڪنهن به ڳالهه تي ڀڙڪي ڀنڀٽ مچائين ٿا.
سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو آباديءَ جو هڪ خاص مسئلو رهيو آهي. حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته ٻنهي آبادين کي ملي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر ٻوليءَ ۽ ثقافت جي تضاد کي اڀاري ٻنهي آبادين کي پاڻ ويڙهائي ۽ عام انسان قتل ڪرائي جيڪا سياست ڪئي وئي آهي، ان سان سنڌ کي تمام گهڻو سور پهتو آهي ۽ اهو سور ان مهل هاڻي به وڌي وڃي ٿو، جڏهن به ڪا اهڙي سازش رٿي وڃي ٿي. مثال طور تي ڪجهه وقت اڳ ۾ جيڪو ڪجهه ٽينشن پيدا ٿيو ۽ جهڙي طرح سان ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي خلاف ڪراچيءَ ۾ نڪري آئي ۽ پوليس ايڪشن سبب جيئن هڪ مانڌاڻ متو هو، ان جا پوري صوبي جي امن امان تي وڏا اثر پوڻ شروع ٿيا هئا ۽ انهن اثرن کان تمام گهڻا ماڻهو گهٻرائجي ويا هئا. ٻنهي پارٽين جي بيانن ۾ جيڪا تلخي هئي، ان مان خوف محسوس ٿي رهيو هو ته ڪنهن به وقت وڏي باهه ڀڙڪي سگهي ٿي پر ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ پرچاءُ ٿيو. وزير اعليٰ پاڻ هلي ايم ڪيو ايم جي زخمي ايم پي اي جي گهر پهتو ۽ معاملو رفع دفع ٿي ويو. جيتوڻيڪ وزيراعليٰ اهو اعلان به ڪيو هو ته هو جاچ ڪميٽي جوڙي چڪو آهي پر اسان ان جي رپورٽ جو به مطالبو نه ڪيو ۽ نه رڳو اسان پر اردو ماڻهن جي طرفان به ان قسم جي گهر نه ڪئي وئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته عام ماڻهو ڀلي هو اردو ڳالهائين يا سنڌيءَ ۾ اظهار ڪن، هو بنيادي طور تي امن چاهين ٿا ۽ انهن کي هر حال ۾ امن گهرجي ٿو. ڇو ته بدامنيءَ سبب انهن جون زندگيون متاثر ٿين ٿيون. پر هو به ڇا ڪن؟ سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود به جڏهن اها خاص مهل اچي ٿي ۽ جڏهن ڪنهن به معاملي تي ڪنهن به ڌر کي يا ٻنهي ڌرين کي ڪاوڙ اچي ٿي ته ان جو نقصان سڀني کي پوي ٿو. هن مهل به سنڌ جو امن هڪ نازڪ تند سان ٻڌل آهي. جڏهن به ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي پاڻ ۾ موجود اختلافن سبب پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ۽ هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازيون ڪنديون آهن، تڏهن عام ماڻهن کي خوف محسوس ٿيندو آهي. ان ڪري جو عام ماڻهو اقتدار جي لاءِ به پر پنهنجي زندگيءَ کي امن سان گذارڻ جو تمنائي آهي ۽ هن جي اها تمنا غلط به نه آهي. ان جو عام ماڻهوءَ جي مٿان وڏو اثر آهي ته هو ڪنهن به حڪومت ۾ هجن پر انهن اسان انصاف ٿئي ۽ انهن کي امن ملي.
هن وقت سنڌ جي صورتحال ۾ سنڌي ۽ اردو آبادي پنهنجي ماضيءَ جي جهيڙن جهٽن مان گهڻو سبق سکڻ کان پوءِ جنهن زندگيءَ جي موڙ سان گذري رهيون آهن، انهن ۾ هو امن سان رهڻ چاهين ٿيون پر انهن کي امن سان رهڻ نه ٿو ڏنو وڃي. انهن جي معاشرتي توڙي انهن جي ذاتي زندگيءَ سان هڪ قسم جي راند کيڏي ٿي وڃي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو موڊ ٿئي ٿو ته اها ايم ڪيو ايم جي خلاف بيان بازي ڪري اردو ماڻهن ۾ تاءُ پيدا ڪري ٿي ۽ جڏهن به متحده کي ڪو مفاد حاصل ڪرڻو هجي ٿو ته اها ڪنهن به طرح سان ٻي صوبي يا سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري نفرت جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿي ڇڏي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ ۽ متحده وارا پاڻ ۾ ملن ٿا، تڏهن اهي ميڊيا جي سامهون به هڪ ٻئي کي پنهنجو ڀاءُ ڪوٺين ٿا ۽ جڏهن انهن کي ڪا نه ڪا باهه ٻارڻي هوندي آهي، تڏهن هو ڪنهن به اشو جي تيلي ٻاري ۽ ان تي تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسن جو پيٽرول هاري اهڙو ڀڀڙ ڀڙڪائن ٿا جو عام ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال جي باري ۾ فڪرمند ٿي وڃي ٿو.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هلندڙ ان اقتداري راند جا عام ماڻهوءَ جي مٿان ڪهڙا ناڪاري اثر پون ٿا؟ ان باري ۾ ڪو به سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي لاءِ تيار ناهي. انهن جو ته پاڻ ۾ هڪ سياسي معاملو آهي پر اصل ڳالهه ان معاشري جي آهي، جنهن ۾ عام انسان پاڻ ۾ رهن ٿا ۽ جڏهن ڪوئي به فتنو فساد جي طرف وڌي ٿو ته عام ماڻهو خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جان ۽ مال جي حوالي سان فڪر جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ان صورتحال ۾ اهو لازمي آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ وارا پاڻ ۾ ويجها ٿين ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو اتحاد ٿيڻ وارو هجي ۽ انهن پاران اهو اعلان ٿئي ته اسان پاڻ ۾ اڪثر مطالبن تي هڪ ٿي ويا آهيون ۽ اسان جي وچ ۾ اتحاد ٿي ويو آهي ته اسان جو فرض آهي ته انهن کان پڇا ڪريون ته اوهان ڪهڙن نقطن تي پاڻ ۾ مليا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان جي وچ ۾ ڪو اختلاف به هو ته اهو ڪهڙين ڳالهين تي هو؟ جيستائين عوام جي آڏو اصل حقيقتون نه آنديون وينديون، تيستائين سنڌ ۾ اردو سنڌي امن جو آئيندو سدائين اڻ چٽو رهندو ۽ اسان ڪڏهن به پڪ سان نه چئي سگهنداسين ته عام اردو ۽ سنڌي ماڻهوءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو اختلاف آهي ۽ ان جو پاڻ ۾ اهو ڪهڙو اتحاد آهي؟ جيڪو انهن کي ايترين سارين سازشن جي باوجود به پاڻ ۾ متحد رکي ويٺو آهي؟ اسان جيڪڏهن ٿورو به غور ڪريون ته اسان کي اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته سنڌ جا ماڻهو انهن ۾ ٻيئي آباديون شامل آهن ته اهي هر قيمت تي امن چاهين ٿا ۽ انهن جي خواهش آهي ته جهڙي طرح دنيا جي ٻين ماڳن ۾ امن ۽ انصاف آهي، تيئين هتي به هجڻ گهرجي پر جڏهن ڪو فساد ڪرائڻ جي لاءِ فتنو تيار ڪري ٿو ته عام ماڻهو ان جي آڏو پاڻ کي بيوس محسوس ڪن ٿا. ڇو ته عام ماڻهوءَ وٽ سياسي سگهه نه هوندي آهي، سياسي سگهه گهڻو ڪري انهن وٽ هوندي آهي، جن کي ٻيو ڪم نه ڪرڻو هوندو آهي ۽ هو سدائين ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪا نه ڪا سازش سوريندا رهندا آهن ۽ انهن کي اهو احساس نه هوندو آهي ته انهن جي ان سازش سبب عوام جو ڪيترو نه نقصان ٿئي ٿو؟
سنڌي ۽ اردو آبادي کي هاڻي پاڻ ۾ ڪڏهن به جدا نه ٿيڻ جي صورت ۾ ملڻ گهرجي ۽ انهن کي هڪ ٻئي جي لاءِ پنهنجي اندر ۾ محبت جو ڏيئو ٻارڻ گهرجي پر اهو به ضروري آهي ته انهن ٻنهي آبادين کي ان محبت ۽ پيار جي ڏيئي جي روشنيءَ جي پاڻ ئي حفاظت ڪرڻي پوندي. فساد جي ڦوڪ ته ڪٿان به اچي سگهي ٿي!!