ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زبيده ميتلو جون ڪهاڻيون ۽ پوسٽ ماڊرن ادب II-

Editorial-Article-Kaleem Butt

ڪتاب يارم پيارم جي ڪجهه ڪهاڻين تي هڪ نظر:

هي ڪتاب “يارم پيارم” جيڪو لڳ ڀڳ ڇهه سو صفحن جو ڪتاب آهي ۽ جيڪو سال 2022ع ۾ ڪاڇو پبليڪشن ڪراچي ڇپرايو آهي. ان ۾ ڏهه ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن مان مون کي ٽي ڪهاڻيون “يارم پيارم”، “پريم! تنهنجا پار” ۽ “ڇها” پڙهڻ جو موقعو مليو. ٽئي ڪهاڻيون سنڌي ۾ عام طور لکجندڙ مختصر ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ طويل آهن. مون سڀني کان پهرين پريم! تنهنجا پار ڪهاڻي پڙهي، جيئن هي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪيم ته احساس ٿيم گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ مون اهڙي شاهڪار سنڌي ڪهاڻي نه پڙهي آهي ۽ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻين جي حوالي سان ماسٽر پيس گڏ ڪجن ته انهن ۾ ميڊم زبيده جي هي ڪهاڻي ضرور شامل هوندي. ائين نه آهي ته ڪو گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ سنڌيءَ ۾ ڪي سٺيون ڪهاڻيون نه لکيون ويون آهن، ڪيترين اهڙين ڪهاڻين جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو جيئن ضراب حيدر جون ڪهاڻيون حيدرآباد يا نما شام جسم، طارق قريشي جي اپرائزل، رحمت ماڃوٺي جي ابد ڏنگڻي، اخلاق انصاري جون ويجهڙ ۾ لکيل ڪهاڻيون يا ڊاڪٽر رسول ميمڻ جون سينڊروم ڪتاب ڏنل ڪهاڻيون. پر ڪي ڪهاڻيون وري پڙهندڙ کي larger than life هجڻ جو احساس ڏيارينديون آهن ۽ اهڙي ئي ڪهاڻي پريم! تنهنجا پار به آهي. هن ڪهاڻيءَ جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي ڪنهن هڪ طريقي بدران مختلف طريقن سان بيان ڪيو ويو آهي، مثال طور ڪهاڻيءَ جو هڪ حصو درو نالي ڪردار جي داخليت ۽ اسٽريم آف ڪانشسنيس کي بيان ڪري ٿو ته ٻيو حصو وري ايپسٽلڪ آهي، جنهن ۾ ڪاشا طويل خط ذريعي پنهنجا احساس بيان ڪري ٿي، جنهن جي ڪري هن ڪهاڻيءَ کي سنڌيءَ جي بهترين پوسٽ ماڊرن ڪهاڻين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
ان کانسوا هن ڪهاڻيءَ ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو احوال به ملي ٿو ۽ هن کي اسان ڪراس ڪلچرل ڪهاڻيءَ به چئي سگهون ٿا. ڪاشا اصل برازيل جي رهواسڻ آهي، هو سموري دنيا گهمندي ۽ خانه بدوشي واري زندگي گذاريندي سنڌ پهچي ٿي ۽ هتي درو سان پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃي ٿي، ڪن ڪن ماڻهن جو پاڻ ۾ روح جو رشتو ٿيندو آهي، اهي ڀلي هڪ ٻئي کان جسماني طور هزارين ميل پري هجن پر هڪ ٻئي جي ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجهو هوندا آهن. جڏهن درو ۽ ڪاشا جي ڪردارن کي پڙهجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ڪو روح جو رشتو آهي. مون جڏهن هي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪئي ته ذهن ۾ ٻه خيال آيا: هڪ ته جيڪڏهن هن ڪهاڻيءَ کي اڃا ٿورو وڌائجي ها ته اها سنڌيءَ جو هڪ بهترين ناول يا ناوليٽ ٿي پئي سگهي ۽ جڏهن اها خبر پئي ته هن ڪهاڻيءَ جو پهريون ڊرافٽ 90 صفحن جي لڳ ڀڳ هو ته ڏک ٿيو ته سنڌي ادب هڪ شاندار ناول کي پنهنجي آغوش ۾ ڀرڻ کان محروم رهجي ويو. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آيم ته هن ماسٽر پيس ڪهاڻيءَ کي ضرور به ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، جيئن دنيا کي خبر پئي ته سنڌي ڪهاڻي ڪهڙي نه شاهوڪار آهي.

اهڙي ريت هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “يارم پيارم” وري هڪ الڳ مزاج ۽ الڳ ٽيمپو جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مهاٻوڏ کان پو واري سنڌ جي سيٽنگ ڏيکاريل آهي، ان ۾ دادو جهڙي شهر ۾ ڪم ڪندڙ اين جي او ۽ ان جي ماحول، اتان جي ماڻهن جي روين، فيلڊ ۾ پيش ايندڙ مشڪلن وغيره جي عڪاسي ڪيل آهي. جڏهن ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڊارڪ هيومر جو خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جو مثال مٿي ڏئي چڪو آهيان. هن ڪهاڻيءَ ۾ يارو جو ڪردار ته پنهنجي جا تي ڀرپور آهي، پر پري جو ڪردار پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جڏهن ان ڪردار کي پڙهجي ٿو ته احساس ٿئي ٿو ته پري زندگي سان ڀرپور هڪ ڪردار آهي ۽ هن ٻوساٽيل ماحول جنهن ۾ اسين ساهه کڻي رهيا آهيون، ان ۾ پري جو ڪردار پڙهندي ڪجهه گهڙين لا آزادي ۽ آزاد فرد هجڻ جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ۽ اِها ئي هن ڪردار جي ڪاميابي آهي.

هن ڪتاب جي جيڪا ٽين ڪهاڻي پڙهڻ جو موقعو مليو، اها آهي “ڇها” هي بلوچستان جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن کي پڙهندي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجيو اچن. هڪ اهڙي سنڌي نياڻي جيڪا انسانيت جي خدمت ڪرڻ جا خواب اکين ۾ سانڍي ميڊيڪل پروفيشن ۾ اچي ٿي ۽ اتان وري بلوچستان ۾ نوڪري ڪرڻ وڃي ٿي، اتي سندس ريپ ڪيو وڃي ٿو ۽ پو هو سموري زندگي ان احساس هيٺ گذاري ٿي. هي ڪهاڻي پڙهندڙ کي هر جملي سان ڇرڪائيندي رهي ٿي. هن ڪهاڻيءَ تي جيڪا منهنجي ننڍڙي تنقيد آهي، اها هي ته ڪهاڻي جو منڍ پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته هي ڪنهن مضمون، پروفائيل يا بايوگرافي جو اينٽرو آهي. جيڪڏهن هي ڪهاڻيءَ مان لکان ها ته ان جي شروعات ان هيبتناڪ رات کان ڪريان، ان رات جي اونداهيءَ ۾ سمايل وحشت کان ڪريان ها ۽ ان رات جي بيرحم هجڻ جي ذڪر کان ڪريان ها… پر خير هر ليکڪ جي لکڻ جو پنهنجو الڳ الڳ طريقو آهي.
هن ڪتاب جي انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کانپو مان اهو نتيجو ڪڍي سگهان ٿو ته اهي ڪهاڻيون سنڌي افسانوي ادب جون اهم ڪهاڻيون آهن ۽ اسان سنڌي افسانوي ادب ۾ وڏي وقت کان جنهن جديد ڪهاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، هي ڪهاڻيون ان انتظار کي ختم ڪن ٿيون ۽ اها به اميد اٿم تي هي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت سان پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪنديون. هنن ڪهاڻين جي پڙهڻ کانپو منهنجي دلي خواهش اها آهي ته ميڊم زبيده ميتلو سنڌي ٻولي کي هڪ نه پر ڪيترا ئي شاهڪار ناول ڏئي، جنهن جي هو ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ اميد اٿم ته جڏهن مون کي ميڊم جي ڪنهن ٻئي ڪتاب تي ڳالهائڻ يا لکڻ جو موقعو مليو ته اهو ناول ئي هوندو. (پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button