ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ نسلي مسئلو ۽ تاريخ جو سبق – II

Editorial-Article-Abdul Khaliq Junejo

منهنجو ٻيو دليل اهو هو (۽ آهي) ته سنڌ ۾ اردو کان سواءِ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ به وڏي انگ ۾ آباد آهن، جڏهن اسان اردو ڳالهائيندڙن سان ٻوليءَ جي بنياد تي اتحاد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو ردعمل ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿئي ٿو. ٻين ٻولين وارا پنهنجي لا خطرو محسوس ڪن ٿا ۽ انهن کي پاڻ ۾ ٻوليءَ جي بنياد تي اتحاد ڪرڻ لا شهه ملي ٿي. 90-1980ع جي ڏهاڪن دوران اسان کي پنجابي پختون اتحاد جو مثال ملي ٿو، جيڪا تنظيم انتها جي نسل پرست ۽ فاشسٽ ڪردار رکندڙ هئي.
منهنجي ڌار موقف رکڻ ۽ پڌرنامي تي صحيح نه ڪرڻ تي CAPS ۾ سنڌين جو اڳواڻ جويو صاحب ناراض به ٿيو. پر پو ٿيو ائين ته ڪجهه ئي ڏينهن کان پو ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن محمد ابراهيم ۽ ايم بي نقوي جي وچ ۾ اختلافي خطن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪي ساڳئي ڊان اخبار ۾ ڇپيا. نتيجو اهو ٿيو ته ڳالهه اڳتي ڪانه وڌي ۽ ڇهن مهينن جي محنت ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه لفظن جي ڏي وٺ سان پنهنجو اثر وڃائي ويٺي.
ان پسمنظر ۾ 2003ع ۾ هڪڙي ٻي ڪوشش ٿي. مون ۽ بصير نويد ڪجهه ٻين روشن خيال ۽ هم خيال دوستن سان (قطع نظر ٻولي ۽ نسل جي) صلاح مشورا ڪري اها را جوڙي ته سنڌ جي ماڻهن کي ٻولي ۽ نسل بدران سنڌ جي اجتماعي مفادن جي بنياد تي گڏ ڪجي.
انهن ڏينهن ۾ جنرل پرويز مشرف اقتداري طاقت سان ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ نئين سر مهم شروع ڪئي هئي، جنهن جي خلاف سنڌين جو روايتي زبردست احتجاج جاري هو. اسان “سنڌ جو اجتماعي” موقف ڏيڻ لا هڪ اجلاس ڪوٺايو. پي ايم اي هائوس ۾ ٿيندڙ ان اجلاس جي صدارت سينيئر پاڻي ماهر جناب منظور شيخ ڪئي، جڏهن ته ان ۾ سنڌ جي قومي زندگي جي سڀني شعبن جا ماڻهو جهڙوڪ دانشور، اديب، صحافي، وڪيل (رٽائرڊ) جج، سياسي سماجي اڳواڻ، مزدور، ليڊر، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر شريڪ ٿيا. مثال طور نوردين سرڪي، ڪامريڊ روچيرام، رشيد رضوي، يوسف مستي خان، ايم بي نقوي، عبدالحليم پيرزادو، پروفيسر نصير، قمر شهباز، آغا سليم، بي ايم ڪٽي، صلاح دين گنڊاپور، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان، ڊاڪٽر شمس سومرو، منصور ملڪ، شرافت علي، سليم نور حسين، عثمان بلوچ، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، صبيح الدين غوثي، فهميده رياض، جميل شاهد، عماره دراني، ساره صديقي، حميده ڀٽي، پروين سعيد، پروفيسر محمد نعمان، تاج بلوچ، منير چانڊيو، علي ارسلان، علي ياور، ڊاڪٽر حبيب سومرو، راحت سعيد، مسلم شميم، مقتده منصور، رمضان ميمڻ، جان عالم، اسد الله ابڙو، باري منگي، هاشم کوسو، خان محمد ڀيو ۽ ٻيا.
اجلاس مان ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڻي معاملي تي هڪ جامع قرارداد پاس ڪرڻ کانپو صلاح بيٺي ته سنڌ جي اهڙين ٻين اجتماعي مسئلن تي آواز اٿارڻ لا ڪو ادارو جوڙيو وڃي. سو سيو سنڌ ڪميٽي جو بنياد وڌو، جنهن جو ڪنوينر جناب نوردين سرڪي ۽ سيڪريٽري عبدالخالق جوڻيجي کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ان جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر ٽيپو سلطان، عثمان بلوچ، يوسف مستي خان، پروفيسر محمد نعمان، علي ياور، ڊاڪٽر شمس سومرو، ڊاڪٽر حبيب سومرو، مقتده منصور، بصير نويد، صالحه اطهر ۽ باري منگي شامل هئا. اڳتي هلي پروفيسر توصيف احمد، گل حسن ڪلمتي، پروفيسر رخمان گل، نصير ميمڻ ۽ زبيده برواڻي به شامل ٿا.
تاريخ مان سبق پرائيندي ۽ پنهنجي غلطين مان سکندي سيو سنڌ ڪميٽي جو منشور ٺاهيندي، ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو ته سنڌ واسين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي مسئلن جي نشاندهي ٻولي جي بنياد تي ڪرڻ بدران سنڌ جي قومي وحدت ۽ ان جي اجتماعي مسئلن بابت انهن جي سوچ ۽ ڪردار جي حوالي سان ڪئي وڃي. “سنڌ چارٽر” جي عنوان سان ڇپيل ان منشور ۾ سنڌ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن کي ۽ انهن جي حل کي اهڙي طرح پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن هتان جي سمورن مستقل رهواسين کي انهن ۾ پنهنجو مستقبل ۽ مستقل مفاد محسوس ٿئي ۽ نظر اچي.
سنڌي، بلوچي، اردو، پنجابي ۽ پشتو مادري ٻولين وارن سنڌ دوست ماڻهن تي ٻڌل سيو سنڌ ڪميٽي جي ٺاهيل سنڌ چارٽر جو مک حصو هن ريت آهي: “سنڌ جي ايندڙ نسلن ڏانهن ۽ علائقي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن پنهنجي مقدس ذميواري نڀائڻ خاطر اسان هيٺين ڳالهين جي گهر ڪرڻ ۽ انهن لا جدوجهد ڪرڻ جو وچن ڪريون ٿا. (1) 1940ع واري قرارداد جي اکرن ۽ روح مطابق سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت بحال ڪئي وڃي. (2) سمورين وفاقي وحدتن/قومن جي وچ ۾ برابري جو اصول (Parity) ۽ سمورن وفاقي ادارن ۾ هڪ جيتري نمائندگي کي مڪمل نموني لاڳو ڪيو وڃي. (3) سنڌ، ۽ ٻين وفاقي وحدتن جي عوام کي انهن جي قدرتي وسيلن تي مڪمل اختيار حاصل هجڻ گهرجي. (4) ٽيڪس لاڳو ۽ وصول ڪرڻ جو اختيار ڪلي طور سنڌ ۽ ٻين وحدتن /قومن وٽ هجڻ گهرجي ۽ اهي وفاقي حڪومت جي ماليات ۾ پنهنجو حصو اقتدار ۾ حصي يعني برابري جي بنياد تي ادا ڪن. (5) شهريت بابت اختيار وفاقي وحدتن وٽ هجڻ گهرجن. (6) ٻين ملڪن ۽ صوبن کان ماڻهن جي ڇڙواڳ ۽ اڻکٽ آمد ۽ آباد ڪاري تي فوري بندش وڌي وڃي، جڏهن ته ٻين صوبن کان روزگار خاطر، سنڌ ۾ ايندڙ ماڻهن جي داخلا ۽ رهائش کي عالمي طور تسليم ٿيل اصولن جي تابع ڪيو وڃي.
جڏهن اسان سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ، حيثيت ۽ حقن جو تعين ٻولي يا نسل بدران سنڌي قوم جي دائري ۾ ٿا ڪريون ته پو جديد دنيا ۾ سنڌ جي مخصوص ڊيموگرافڪ صورتحال اندر اهو سوال اهميت اختيار ڪري ٿو وڃي ته اسان “سنڌي” ڪنهن کي ٿا سمجهون/قرار ڏيون؟ سيو سنڌ ڪميٽي تفصيلي ۽ گهڻ پاسائين بحث مباحثي کانپو هي وصف متعين ڪئي. “هڪ سنڌي اهو آهي، جيڪو سنڌ ۾ مستقل رهائش رکي ٿو/ٿي گهري. صرف اهڙو شخص ئي سنڌ ۾ شهريت ۽ سياسي حقن جو حقدار بڻجي ٿو/ٿي”.
اصولي ڳالهيون ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان کي عملي صورتحال کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. اڄڪلهه ۽ آئنده سنڌ ۾ وڌندڙ آبادي اردو وارن جي نه پر پختونن ۽ سرائيڪين جي آهي. پاڻ کي هڪ ٻولي (اردو) ڳالهائيندڙن سان ڳنڍڻ جي صورت ۾ اسان ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي پنهنجو مخالف بنائڻ جو ڪم ڪنداسين. ۽ پو سنڌ تي قبضي جي خواهشمند قوتن لا انهن کي سنڌ ۾ تفريق پيدا ڪرڻ لا استعمال ڪرڻ آسان ٿي پوندو. ڇا هڪ دفعو وري اسان ڌڪ کائي پو سمجهنداسين؟ ۽ ڇا وڌيڪ ڌڪ کائڻ سنڌ جي قومي وحدت برداشت ڪري سگهي ٿي؟
ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي تاريخ اسان کي وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته ماڻهن کي پهرين مذهب، ٻولي يا نسل جي بنياد تي ورهائي پو وري انهن مان متحده قوم لا ڪردار نڀائڻ جي اميد رکڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرن ٿا. ٻي ڳالهه ته جڏهن اسان ان رستي تي هلي ٿا پئون ته پو ڳالهه ڪنهن هڪ ٻولي يا هڪ نسل تائين محدود نٿي رهي. پو اسان جديد قومپرستي جي ڳالهه ڪندي قبيلن جي بنياد تي ماڻهن جي تقسيم ۽ تنظيم ڪاري جا حمايتي بڻجي ٿا وڃون. ويجهي ماضي ۾ نسلي/قبائلي بنياد تي ٺهيل “چاليهه لک چانڊين جي نمائنده” تنظيم سچوا جو مثال موجود آهي، جنهن جا ليڊر قومپرست پارٽين جي جلسن ۾ اسٽيج تي اهم جا والاريندا هئا. هن وقت به سنڌ ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته ڪي همراهه هڪ ئي وقت ڪنهن “قومپرست” پارٽي جا سربراهه به آهن ته نسلي تنظيم جا پڳدار به آهن. نسل ۽ ذات جي بنياد تي ٺهيل تنظيمن سان همدردي ۽ ويجهڙائپ پيدا ڪرڻ ته اڄڪلهه عام فيشن بڻيو پيو وڃي. سو به قومي ٻڌي ۽ قومي نجات جي نالي ۾ ڳالهه وڌيڪ خراب تڏهن ٿي ٿئي، جڏهن اهو عمل جي ايم سيد جي نالي سان گڏ ڪيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته قبائلي/جاگيرداري دور جي نسلي ۽ مذهبي شناختن کي رد ڪري جديد، روشن خيال ۽ صحتمند قومي سڃاڻپ ۽ وحدت اختيار ڪرڻ واري عمل ۾ جي ايم سيد جو مک ۽ مهاڏي وارو ڪردار آهي.
تاريخ ۾ ڪيل غلطيون قومن کي مهانگيون پونديون آهن. سنڌ به ان کان وانجهيل ڪانهي، تاريخ سڄاڻ ۽ سجاڳ قومن کي سنڀلجڻ جو موقعو به ڏيندي آهي. پر وري وري نه. جيڪي قومون وري وري ساڳيون غلطيون ورجائينديون آهن. انهن سان تاريخ ڏاڍو ڏکيو ورتا ڪندي آهي، پر جيڪي قومون پنهنجي غلطي کي مڃيندي ان جو ازالو ڪنديون آهن ۽ ان تجربي مان سبق سکي مختلف ۽ حقيقتن تي ٻڌل حڪمت عملي سان اڳتي وڌنديون آهن ته روشن مستقبل انهن جي استقبال لا موجود هوندو آهي. ويجهي ماضي ۽ حال جي جرمني جو مثال سبق سکڻ جي صلاحيت رکندڙن لا ڪافي آهي.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button