ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پابلو نرودا: زندگي جا مختلف پاسا

Editorial-Article-Rauf Nizamani

چلي جي شاعر پابلو نرودا جي سياسي ۽ ادبي حوالي سان هڪ ڏند ڪٿائي حيثيت آهي. هو هڪ سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ فطرت جو شاعر آهي. سندس ڏاڏي وٽ ايتري ٻني نه هئي جو سندس سڀني ٻارن جي ان مان پورت ٿي سگھي. سندس پي ريلوي ۾ ڪنڊڪٽر هو. اهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ انٽارڪٽيڪا جي ڏاکڻي حصي سائوٿ پول جي ويجھو ٽيموڪو جي شهر ۾ رهندا هئا. هتي گھڻو ڪري ريڊ انڊين جي آبادي هئي جن اسپيني ڪاهه ڪندڙن کان ڀڄي اچي هن ڏورانهين علائقي ۾ پناهه ورتي هئي پر اسپينين هتي به کين نه ڇڏيو هو. ان شهر جي چئني پاسن کان جبل هوندا هئا جن ۾ ٻرندڙ جبل به هئا. هڪ گھاٽو جھنگل جنهن ۾ هر قسم جا ٻوٽا، پکي ۽ جانور هوندا هئا ۽ لاڳيتو مينهن پوندو رهندو هو. سندس چوڻ آهي ته سندس زندگي جا ٽي اهم عنصر هئا. مينهن، زمين ۽ شاعري. کيس سمنڊ ڏسڻ جو شوق هوندو هو ۽ نيٺ سندس پي موڪلن ۾ کين سمنڊ تي به وٺي وڃي ٿو. پنهنجي وطن جي ساراهه ڪندي هو چئي ٿو ته ان جي سونهن کي ڏسي اهو چئي سگھجي ٿو ته جنهن اهو ڏٺو ناهي اهو ڄڻ ته هن دنيا ۾ ئي ناهي آيو. هو پنهنجي يادگيرين Memoirs ۾ پنهنجي زندگي جي مختلف پاسن تي روشني وجھي ٿو.
پڙهائي جي سلسلي ۾ هو چلي جي گادي جي هنڌ سنتياگو آيو. هتي هو معاشي ڏکيائين جو شڪار ۽ اڌ بک ۽ اڌ ڍ تي رهندو هو. ساڳي وقت هتي هو مشاعرن وغيره ۾ به شرڪت ڪندو هو. معاشي ڏکيائين جي باوجود هن ننڍي عمر ۾ پنهنجي شاعري جو مجموعو ڇپرايو. ان وقت چلي ۾ اهو رجحان هوندو هو ته ناليوارا شاعر اڪثر پيرس ۾ رهندا هئا ۽ ان ڳالهه کي هڪ اسٽيٽس سمبل ڪري ليکيو ويندو هو. ليکڪ به اها ڪوشش ڪئي ته فارن سروس وسيلي ٻاهر ملڪ وڃي. پهرين کيس رنگون برما ۽ پو سيلون ۾ ڪائونسل مقرر ڪيو ويو. کيس ڪجھه عرصي لا انڊونيشيا، سنگاپور ۽ بٽاويا ۾ ڪائونسل جون ذميواريون به ڏنيون ويون.
هو 1932 ۾ پنهنجي وطن موٽي آيو. کيس اسپين ۾ ڪائونسل ڪري مقرر ڪيو ويو. اهو اهڙو وقت هو جڏهين اسپين فاشسٽن ۽ جمهوريت پسندن جي گھرو ويڙهه ۾ ورتل هو. هو جمهوري حڪومت جي پاسي هو ۽ انهن جي مدد ڪندو هو جنهن جي ڪري جنرل فرانڪو جي جنگ ۾ حاوي ٿيڻ کانپو چلي جي حڪومت، جيڪا فرانڪو جي حامي هئي، کيس ڪائونسل جي عهدي تان هٽائي ڇڏي ٿي. اتان هو فرانس اچي ٿو جتي جمهوري حڪومت جي حمايت جاري رکي ٿو. وطن واپس موٽڻ کانپو چلي جي نئين حڪومت پاران کيس فرانس مان اسپين جي پناهگيرن کي چلي آڻڻ جي ذميواري ڏني وڃي ٿي جنهن کي هو پورو ڪري ٿو. هو سمجھي ٿو ته سرڪاري نوڪري ۾ رڳو حڪم جي بجا آوري ڪندي گھڻا اهڙا ڪم ڪرڻا پون ٿا جيڪي ماڻهو جي مرضي موجب نه ٿا هجن.
اهڙي ريت هو نوڪري ڇڏي ميڪسيڪو مان واپس پنهنجي وطن اچي ٿو ۽ جولائي 1945 ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿئي ٿو. سندس خيال آهي ته جيڪا شاعري عوامي جدوجهد جو حصو نه ٿي بڻجي ان جو ڪو ڪارج ناهي. کيس سينيٽ جي چونڊن لا پارٽي ٽڪيٽ ڏئي ٿي. سندس حلقو ٽامي جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ وارن پورهيتن جو هجي ٿو. سندس چوڻ آهي ته اهو جابلو ۽ اهڙو ويران علائقو آهي جتي گاهه جو ذرو ناهي ۽ جتي جڳن کان مينهن جو هڪ ڦڙو ناهي وسيو. هتان جي پورهيتن جي سخت ۽ ڏکي زندگي هئي. هڪ ته کانئن سخت ڪم ورتو ويندو هو ۽ ٻيو ته کين ڪي به سهولتون حاصل نه هيون، ٿوري احتجاج تي گھڻن پورهيتن کي گولين جو بک بڻايو ويندو هو. ان ڪري ئي اهو علائقو چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جو مضبوط ڳڙهه هو. ان سڄي ڪسمپرسي واري زندگي جي باوجود پورهيتن کي پابلو نرودا ۽ سندس شاعري جي ڄاڻ هئي.
ان وقت جي صدارتي چونڊن ۾ ليکڪ هڪ اهڙي اميدوار جو صلاحڪار ۽ نمائندو هو جيڪو عام ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو ۽ ساڳي وقت هڪ سٺو مقرر به هو. پر چونڊن کٽڻ کانپو اهو ساڳيو ماڻهو هڪ آمر ٿي پيو ۽ ماڻهن جي خلاف حڪمران طبقن سان گڏجي هڪ ٿي ويو. هن پنهنجن پراڻن ساٿين خلاف سختيون وڌائي ڇڏيون. ليکڪ جون سينيٽ ۾ حڪومتي پاليسين خلاف تقريرون کيس ڪنهن به ريت پسند نه هيون. سندس سينيٽ جي رڪنيت ختم ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هو ان دوران روپوش ٿي ويو ۽ مختلف جاين تي رهيو جنهن جي ڄاڻ رڳو پارٽي جي سيڪريٽري جنرل کي هوندي هئي. سرڪاري ڪارندا سندس ڳولها ۾ هوندا هئا. نيٺ پارٽي پاران کيس ملڪ مان ڪڍي ارجنٽائن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ارجنٽائين جي سرحد تائين پهچڻ هڪ ڏکيو مرحلو هو. اها اهڙي واٽ هئي جتي گھاٽا ٻيلا جن ۾ سوين سال پراڻا وڻ، چوڌاري وڏا جبل، ڏکيا رستا، ننڍا وڏا دريا جن کي وڏي ڏکيائي سان گھوڙي تي ويهي پار ڪرڻو پئي ٿو. انساني آبادي جو پري پري تائين نشان نه هو. هتي هو پارٽي جي هڪ همدرد، جيڪو ڪاٺ جي هڪ واپاري، جيڪو ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ ۽ حڪومت جو حامي هجي ٿو، وٽ ڪجھه عرصو رهي ٿو. سندس ملاقات اتفاق سان ان واپاري سان به ٿئي ٿي جيڪو بجائي کيس حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي سندس سٺو دوست بڻجي وڃي ٿو ۽ سرحد تائين پهچڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿو. ساڳي ريت سندس واسطو جھنگل جي اهڙن ماڻهن سان پئي ٿو جيڪي کيس ۽ سندس ساٿين کي ڪنهن لالچ ۽ معاوضي کانسوا رهڻ جي جا ۽ کاڌو ڏين ٿا.
بهرحال هو ارجنٽائين پهچي ٿو جتي پارٽي جو مقرر ڪيل همراهه ساڻس ملاقات ڪري ٿو ۽ سندس جلاوطني جو هڪ ڊگھو عرصو شروع ٿئي ٿو. سندس گرفتاري جي سلسلي ۾ چلي جي حڪومت جو ارجنٽائين جي حڪومت سان رابطو هجي ٿو. ان ڪري سندس لا اتان يورپ جي ڪنهن ملڪ لا پنهنجي نالي سان قانوني طور نڪرڻ ممڪن نه ٿو هجي. ان ڪري هو پنهنجي ڪنهن هم شڪل دوست جي فرضي نالي سان ڪاغذ تيار ڪرائي فرانس پهچي ٿو. پر اتي پهچڻ کانپو سندس لا پنهنجي اصلي شناخت ظاهر ڪرڻ ۽ ان لحاظ کان ڪاغذ تيار ڪرڻ ضروري ٿي پئي ٿو. ان سلسلي ۾ ناميارو مصور پابلو پڪاسو پنهنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي سندس مدد ڪري ٿو. هو هتي پنهنجي نالي سان مختلف قسم جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو. پر چلي جي حڪومت ان ڳالهه کي مڃڻ لا تيار نه ٿي هجي ته نرودا ملڪ مان هليو ويو هو. ان جو اهو ئي چوڻ هجي ٿو ته هو ملڪ ۾ موجود آهي ۽ پوليس جلد ئي کيس گرفتار ڪندي.
سرد جنگ جي شروع ٿيڻ ۽ دنيا جي ٻن واضح ڪئمپن ۾ ورهائجڻ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڊاڪٽرجيوليٽ ڪيوري سندس ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي پس منظر کي نظر ۾ رکندي کيس ڀارت جي وزيراعظم جواهر لال نهرو لا هڪ خط ڏيئي ڀارت موڪلي ٿو. هو اتي مختلف ماڻهن سان ملي ٿو ۽ نهرو کي ٻڌائي ٿو ته نيوڪليائي هٿيارن جي موجودگي ۾ دنيا جي ماڻهن کي ڪيڏو وڏو خطرو درپيش آهي ۽ دنيا کي امن جي ڪيتري سخت ضرورت آهي.
چلي جي حڪومت جو مختلف ملڪن تي اهو دٻا هجي ٿو ته اهي نرودا کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نه ڏين. فرانس ته ان کان انڪار ڪري ٿو جڏهين ته اٽلي جي حڪومت کيس ملڪ ڇڏڻ جو چئي ٿي. پر سندس ملڪ ڇڏڻ وقت اٽلي جي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد، جنهن ۾ اٽلي جا ناميارا ليکڪ به شامل هجن ٿا، انهن ريلوي اسٽيشنن، جتان ٽرين گذري ٿي، تي سندس آڌرڀا ۽ حڪومت کان اها گھر ڪرڻ لا ته کيس ملڪ ڇڏڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي گڏ ٿئي ٿو.ِ حڪومت کي نيٺ مجبور ٿي کيس ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻي پئي ٿي.
ان دوران کيس پشڪن جي ڏيڍ سو سالا تقريبن لا سوويت يونين مدعو ڪيو وڃي ٿو جتي کيس به اعزاز ڏنو وڃي ٿو. اتي سندس سوويت يونين جي مختلف ليکڪن سان ملاَقات کانسوا ترڪ شاعر ناظم حڪمت سان ملاقات ٿئي ٿي جيڪو پنهنجي وطن ۾ سترنهن سالن جي قيد ڪاٽڻ ۽ اذيت سهڻ کانپو اتي جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو. سوويت ليکڪ اليا اهرن برگ سان سندس فرانس کان وٺي تعلق رهيو هو جيڪو هتي اڃا وڌيڪ ويجھو ۽ گهرو ٿي وڃي ٿو.
نرودا جي شاعري جو هڪ اهڙو مجموعو به شائع ٿيو جنهن تي سندس نالو نه هو. اهڙي ريت ان جا ٻه ٽي ايڊيشن آيا. ڪجھه نقادن جو خيال هو ته اهو ان ڪري هو ته ان مجموعي ۾ عشقيه شاعري هئڻ ڪري پارٽي پاران ان تي اعتراض ڪيو ويو هو ان ڪري هن ان کي پنهنجي نالي ڏيڻ کانسوا ڇپرايو. جڏهين ته هو پاڻ ان ڳالهه کان انڪار ڪري ٿو. اهو به چيو وڃي ٿو ته هن اهو مجموعو پنهنجي پهرين زال، جنهن سان سندس ناتا خراب ۽ سندن وچ ۾ عليحدگي ٿي چڪي هئي کان ان مجموعي کي لڪل رکڻ چاهيو ٿي. پر هو پاڻ ان جو ڪو واضح ڪارڻ به نه ٿو ٻڌائي. بهرحال اها ڳالهه گھڻو وقت لڪي نه سگھي ته ان مجموعي جو ليکڪ ڪير هو.
چلي موٽڻ کانپو سندس پارٽي پاران صدارتي چونڊن ۾ کيس صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو. جيئن ته سندس پارٽي پاپولر يونيٽي اتحاد جو حصو هئي. ان ڪري اتحاد پاران سلواڊور آلندي جي صدارتي اميدوار نامزد ٿيڻ کانپو هن پنهنجي نامزدگي واپس ورتي. آلندي جي هڪ اڳواڻ طور هو گھڻي ساراهه ڪري ٿو. هڪ همت وارو اڳواڻ جنهن آخر تائين آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. هو پنهنجا فيصلا ٻين تي مڙهڻ جي بجائي صلاح مصلحت ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو. آلندي جي حڪومت ۾ نرودا فرانس ۾ چلي جو سفير هو. صدر آلندي خلاف فوجي بغاوت ۽ صدارتي محل تي بمباري ۾ سندس مارجي وڃڻ جي ٽن ڏينهن کانپو هن اها ڪٿا لکڻ شروع ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button