هاٿي کي هندستان ڏيکارڻ کان پوءِ جي صورتحال:
هونءَ ته اهو پهاڪو پراڻي زماني جو آهي، پر اهو پهاڪو اسان وٽ اڄ به لوڪ ادب جو حصو آهي. سوشل ميڊيا ۾ هي پهاڪو ان وقت ڏنو ويو، جڏهن پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف ڪراچيءَ کان 10 ڏينهن جو قافلو اسلام آباد پهتو. سياسي نعرا هڻندڙ اهو قافلو سڄا سارا 6 ڏينهن پنجاب جي مختلف شهرن مان گذريو. چوندا آهن، سفر، سياحت، مسافري ۽ گهمڻ ڦرڻ سان وڏي معلومات ملي ٿي ۽ انسان پنهنجي زندگي، معاشي ۽ سياسي صورتحال جو تقابلي جائزو وٺندو رهي ٿو. ان ڪري باءِ روڊ ويندڙ اهو هزارن کان ڪجهه دعوائن ۾ لکن جي انگ واري قافلي ۾ شريڪ ماڻهن وڏي گهرائيءَ سان پنهنجي علائقي ۽ پنجاب جو تقابلي جائزو ورتو آهي. پنجاب ۾ کڻي مغل دور واري تعميرات نه ٿيندي هجي، پر پنجاب ۾ سنڌ جي ڀيٽ ۾ گوڊ گورننس کي ائين ڏسي سگهجي ٿو، جيئن هٿ ڪنگڻ لاءِ آرسيءَ جي ضرورت نه هوندي آهي.
پنجاب جي هموار انداز واري پوکيءَ جو طريقو، هر آبادگار پنهنجي پوکي واري ٽڪري ۾ چيٽ جي مند وارن فصلن ۾ ڪڻڪ، ڪجهه ٽڪرو ڪمند، ڪجهه ٽڪرو سرنهن، برسيم ۽ ڀاڄيون هر پوکيءَ ۾ پوکيل ڏٺيون ويون. (هن سال سرنهن جو سٺو اگهه هئڻ سبب سنڌ واسين تورئي جو فصل وڌيڪ غور سان ڏٺو) جڏهن ته نارنگين جا باغ به هنڌين ماڳين پوکيل ڏٺا ويا. پر اتي فارمز سان گڏ گهڻن هنڌن تي انهن باغن جي پروڊڪٽ واريون صنعتون به لڳل ڏٺيون. خاص طور تي اوڪاڙه، ساهيوال ۽ خانيوال، ملتان، رحيم يار خان ۽ ٻين گهڻن ضلعن ۾ ڏسي سگهيا. اتي زمينن تي سولر سسٽم وارا ٽيوب ويلز هنڌين ماڳين ڏٺا ويا. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب باغ وڍائيندڙ آبادگارن جڏهن، کرين جي ٻنهي پاسن تي پوکي ڪيل فصل تي ڊرپ اريگيشن سسٽم ۽ مني اسپرنڪلير سسٽم سان ٿيندڙ آبپاشي سسٽم به ڏٺو، ته پنهنجن قديمي باغن جي افسوس ڪندا رهيا، ته ٿوري پاڻيءَ سان ته ائين به پوکي ڪري سگهجي ٿي.
(جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اهو آبپاشي سسٽم هلندڙ آهي، پر ڪرپشن ۽ نا اهليءَ سبب آبادگارن جو ويساهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي). روڊ يا ريلوي لائين سان اڻ کٽ ٻيلا هر هنڌ ڏٺا ويا، انهن ٻيلن ۾ قديمي وڻ ۽ نوان وڻ به وڏي ڌيان جو مرڪز بڻيا رهيا. سنڌ مان انهيءَ قافلي ۾ ويندڙ وڏي انگ وارن ماڻهن جو واسطو زرعي ڪلچر سان هو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انهن سڀني کي حيرت به ٿي هوندي. پر سياسي طور تي پارٽيءَ ۾ اهم ذميواريون نڀائيندڙ جن ۾ يو سي ناظم، تعلقه ناظم، ضلعي ناظم، ايم پي اي ، ايم اين اي ۽ سينيٽرز (هونءَ عام طور تي ايم اين اي ۽ سينيٽرز کي پي آءِ اي ۾ مراعتون مليل هجڻ سبب باءِ روڊ وڃڻ جو گهٽ اتفاق ٿئي ٿو.) کي پنجاب جي خوبصورت روڊن ۽ رستن کان وٺي شهرن جي صاف سٿرو نظام ڏسي به حيرت ضرور ٿي هوندي. ڇو ته هي قافلو بهار جي مند ۾ ويو هو. ان ڪري هر شهر ۾ بلدياتي اداري ۽ ضلعي حڪومت پاران “ياران نال بهاران” پروگرام تحت گل ٻوٽا، چراغان وارا وڻندڙ منظر ڏسي به حيرت ۾ آيا هوندا.
پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃڻ لاءِ رڪشي يا ٻئي ڪنهن ٽيڪسي وغيره جو ٽريفڪ جي ضابطي تي عمل ڪرڻ تي به حيرت ضرور ٿي هوندي. ڇو ته سنڌ ۾ ون وي واري ٽريفڪ تي عمل ڪرڻ جو رواج ئي نه رهيو آهي. ون وي ٽريفڪ وارن روڊن تي هو گهٽ ۾ گهٽ روڊ جي ڪٽ لاءِ ٻه ٻه ڪلوميٽر کان به وڌيڪ اڳتي سفر ڪري گذرندي ڏٺو ٿي، پر ان جي مقابلي ۾ ٽريفڪ عملي جي خوف يا احساس سبب ابتي روڊ تي نه ٿي ويو. “لاهور ڪا جو ذڪر ڪيا” هونءَ ته ورهاڱي کان اڳ جي دور جي اديب ۽ صحافي گوپال متل جو لکيل ڪتاب جو نالو آهي. پر اڄ واري لاهور جو ذڪر نه ڪرڻ به زيادتي ٿيندي. سنڌ مان گهٽ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص جي شهر واسين کي لاهور جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڏسي حيرت نه پر ڏندين آڱريون اچي ويون هونديون، جڏهن پنجويهه رپيا ڀاڙي ۾ هر اسٽاپ تي پنجن منٽن کان پوءِ صاف سٿري ميٽرو بس ۽ گرين لائين ٽرين هلندي ڏٺي ۽ سفر به ڪيو ۽ پنهنجي موبائل جي ڪئميرا سان فوٽو ۽ سيلفيون به شيئر ڪيون. ڄڻ هو جهاز يا ريلوي جي فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندڙ هئا. سڄي پنجاب جي شهرن ۾ ۽ گهٽ ۾ گهٽ لاهور ۾ هر روڊ سان قديمي وڻ ۽ نوان وڻ، باغ ۽ بيشمار گل هر روڊ سان ڏسي سگهجيا پئي. وڏا وڏا باغ ۽ جنهن انداز ۾ سانڀاليا ويا هئا ۽ هر هنڌ ڪم ڪندڙ عملو نظر اچي رهيو هو. اهو منظر ڏسڻ سان واقعي لاهور پاڪستان جو ڪو شهر نه پئي لڳو. (گهٽ ۾گهٽ سنڌ وارن لاءِ). الحمرا ۽ ايوان اقبال وارا ادارا ته ڏسي دنگ رهجيو ٿي ويو، ته هي به ڪو پنهنجي ملڪ جا سرڪار جي انتظام ۾ هلندڙ ادارا آهن؟ لاهور ۾ روڊن، اسپتالن، اسٽيشن تي سمهندڙن لاءِ 15 کان وڌيڪ پناه گاه به ڏٺا ويا. جتي فقط شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هفتي تائين ڪوبه ماڻهو رهي سگهيو پئي. جتي ان کي ٻه ويلا ماني ۽ ناشتو به ڏنو ٿي ويو ۽ صاف سٿري انتظامي انداز ۾ هلندڙ هر پناه گاه ۾ 150 ماڻهن جي رهڻ جو انتظام موجود هو. جيڪو به پهرين پهچي ۽ ڏيڍ سئو جي انگ پهچڻ تائين هر ماڻهو اتي رهي سگهيو پئي. فقط شناختي ڪارڊ ڏيکاريندو. ان سان گڏوگڏ فقط پاڻ سان گڏ هئڻ واري سامان جي تلاشي ضرور ڏيڻ ڏيندو.
بهار جي مند ۾ سرڪاري ۽ نجي طور تي ثقافتي پروگرام ڏسي به ماڻهو دنگ رهجي ٿي ويو. رڳو ايڪسپو سينٽر ۾ ٻارن جي راندين ۽ ٻين ڪيترن ئي هلندڙ پروگرامن وارن حصن تي ٽڪيٽون رکيل هيون، پر ٽڪيٽ نه هئڻ واري ڪتابن جو ميلو ڏٺو ته آخر ڇا ڇا ڏسي سگهجي پيو. سينٽرل اي سي ۽ سي سي ٽي وي ۽ ٻئي جديد انداز واري انهيءَ نمائش ۾ هر موضوع وارا اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ خوبصورت انداز وارن اسٽالن ۽ ڪارنرز تي ڪتاب موجود هئا. ڪئين ڪلاڪن تائين گهمڻ جي باوجود به اهو ڪتابي ميلو پورو گهمي نه پئي سگهجيو. ڪتابن جي خريداريءَ جي حوالي سان مردن کان وڌيڪ عورتن جي رش ڏٺي وئي.
هونءَ ته اسان سيٽلائيٽ چينلز واري ميڊيا ۾ پنجاب جي وڏي وزير بوزدار بابت گهڻو ڪجهه ٻڌندا رهون ٿا، انهيءَ پنجاب جي رڳو هڪڙي صوبائي وزير جي ڳالهه ٻولهه سوشل ميڊيا تي جيترو وائرل ٿي آهي. ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. گهٽ ۾ گهٽ تعليم کاتي جي عملي کي ته ضرور غور ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. صوبائي وزير چوي ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به کاتي جي اي سي آر ڪڏهن آن لائين نه ٿي آهي. پر پنجاب جي تعليم کاتي فقط گذريل فيبروري واري هڪ مهيني ۾ چار لک اي سي آر آن لائين ڪيون آهن. 12 ملين کاتي ۾ آفيس جا ڪاغذ اسڪين ڪري ڪمپيوٽرائيز ڪيا آهن. موڪلون، بدليون، رٽائرمينٽ، پينشن آن لائين ڪري ڇڏيون آهن ۽ ايندڙ 60 کان 90 ڏينهن ۾ پروموشن به آن ڪيا ويندا. اهو سڀ پنهنجي صوبي جي استاد کي تعليمي عملدارن جي آفيسن جي چڪرن کان بچائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. وزير صاحب جي چوڻ موجب انهن ڪمن لاءِ استاد آفيسن جا جيڪي چڪر ڪاٽيندو هو ۽ هر ٽيبل تي ڪاغذ ٺهرائڻ لاءِ رشوت ڏيندو هو. ان کان ان کي بچايو ويو آهي. صوبائي وزير موجب استادن کان اهڙن ڪمن عيوض ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب رپين جي ڪرپشن کي روڪيو ويو آهي. هونءَ ته سنڌ جي تعليم واري وزير تعليمي پروگرامن ۾ ثقافتي طور تي اجرڪون اوڍائڻ واري عمل کي خوشامدي عمل قرار ڏئي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پر پوءِ به پنجاب جي صوبائي وزير جي انهيءَ ڳالهه ٻولهه کي سنڌ جي تعليم واري وزارت سان ڀيٽڻ ضرور کپي. ڇو ته پنجاب ۾ سنڌين کي عام طور تي سنڌي سڏڻ بدران هاڻ “کپي کپي” سڏيو وڃي ٿو.